شاهه ايليا ( ڊرامو)

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ fareeda talib طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2017۔

  1. fareeda talib

    fareeda talib
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    شاهه ايليا
    مرزا قليچ بيگ جو شاهه ايليا ڊرامو اصل ۾ انگريزي ادب جي نثرنويس ۽ شاعر شيڪسيئر جي ڊرامي ( King Lear) جو ترجمو آهي. جيڪو مرزا صاحب سال 1900ع ۾ ترجمو ڪيو هو، هن ڊرامي جو پهريون ڇاپو ادبي بورڊ طرفان سال 1959ع ۾ شايع ٿيو. ۽ ٻيو ڇاپو ويجھڙائي ۾ سال 2006ع ۾ ادبي بورڊ وارن شايع ڪيو آهي. مرزا صاحب جو هي ڊرامو 136 صفحن ۽ پنجن بابن تي مشتمل آهي.

    شيڪسپيئر جو ڪنگ ليئر ڊرامو پهريو دفعو 1606ع ۾ پڌرو ٿيو. هن ڊرامي جي اصل ڪهاڻي حضرت عيسى کان اٺ سؤ سال اڳ واري زماني جي بادشاهه ليئر جي زندگي جو تاريخي احوال آهي جيڪو شيڪسپيئر ڪن تاريخي ڪتابن تان لکيو.

    ترجمو ڪرڻ هڪ قدرتي ڏانؤ آهي. جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، مرزا صاحب کي پڻ هي قدرتي ڏانؤ حاصل هو جنهنڪري اهڙا شاهڪار ترجما ڪري سنڌي ادب جي ذخيري ۾ واڌ آندائين ۽ سنڌي ماڻهن جو ٻاهرين ادب سان واسطو ڪرايائين.

    مرزا صاحب جي ترجمي ۾ استعمال ٿيل ٻولي به عام فهم جي آهي جو ان ڳالهه جو گمان ئي نٿو ٿئي ته ترجمو آهي يا طبع زاد شاهه ايليا ڊرامي ۾ جڳهه جڳهه تي شعرن، رباعين، گيتن کي اهڙي سهڻي نموني بيهاريو اٿس جو حيرت وٺيو وڃي.

    صفحي نمبر 40 تي لکي ٿو :

    جنهن کي هجي ههڙي نياڻي،

    تنهن جي قسمت آهي ڪاڻي،

    هن کان بهتر ڇتي گيداڙي،

    ٻنهي کي گڏي هڻجي اُماڙي،

    يا ته ڏجي نئي تن کي ڦاسي،

    ڇٽي تن مان سڀڪو ساسي!

    ڊرامي ۾ جڳهه جڳهه تي ٺيٺ سنڌي محاورن، اصطلاحن، چوڻين، ۽ پهاڪن کي تحرير جي زينت بنايو اٿس، جنهن سان هي ڊرامو بلڪل سنڌي سماج جي نمائندگي ٿو ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو