پُٽ پوڙهي پيءُ کي يتيم خاني ڇڏي واپس گهر وڃي ئي رهيو هو ته رستي ۾ سندس گهرواريءَ فون ڪري چيو، "پنهنجي پيء کي اهو به چئي ڇڏ ته عيدن تي به گهر اچڻ جي ضرورت ناهي، هاڻي اتي ئي رهي ۽ اسانکي سڪون سان جيئڻ ڏي"۔ پٽ واپس يتيم خاني ڏانهن موٽيو ۽ ڏٺائين ته هن جو پيءُ يتيم خاني جي مالڪ سان وڏن وڏن ٽهڪن ساڻ ڪچھري ۾ مصروف هو۔ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو سالن کان هڪٻئي کي سڃاڻيندا هجن۔ پٽ يتيم خاني جي مالڪ کان پڇيو، "سائين! اوهان منهنجي والد صاحب کي ڪيئن ۽ ڪڏھن کان سڃاڻيندا آھيو"۔ يتيم خاني جي مالڪ مرڪي جواب ڏنو، "جڏھن هي هتان هڪ ننڍڙي يتيم ٻار کي وٺي ويو هو". سنڌي ترجمو " صاحب خان " (انگريزي رسالي تان ورتل)