پُٽ، پوڙهو پيءُ ۽ يتيم خانو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پُٽ پوڙهي پيءُ کي يتيم خاني ڇڏي واپس گهر وڃي ئي رهيو هو ته رستي ۾ سندس گهرواريءَ فون ڪري چيو، "پنهنجي پيء کي اهو به چئي ڇڏ ته عيدن تي به گهر اچڻ جي ضرورت ناهي، هاڻي اتي ئي رهي ۽ اسانکي سڪون سان جيئڻ ڏي"۔
    پٽ واپس يتيم خاني ڏانهن موٽيو ۽ ڏٺائين ته هن جو پيءُ يتيم خاني جي مالڪ سان وڏن وڏن ٽهڪن ساڻ ڪچھري ۾ مصروف هو۔ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو سالن کان هڪٻئي کي سڃاڻيندا هجن۔
    پٽ يتيم خاني جي مالڪ کان پڇيو، "سائين! اوهان منهنجي والد صاحب کي ڪيئن ۽ ڪڏھن کان سڃاڻيندا آھيو"۔
    يتيم خاني جي مالڪ مرڪي جواب ڏنو، "جڏھن هي هتان هڪ ننڍڙي يتيم ٻار کي وٺي ويو هو".

    سنڌي ترجمو
    " صاحب خان "
    (انگريزي رسالي تان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو