رجب فقير

اسين ڪئين جيئاسين، اهو ڇڏ کڻي …
وڇوڙن وڌياسين، اهو ڇڏ کڻي …

اوهين هڪڙي محفل ۾ ويٺا هيا …
اسين به هياسين، اهو ڇڏ کڻي …

اوهان جو ملڻ هو يقينن خوشي …
اسين ڇو رنا سين، اهو ڇڏ کڻي …

اوهان کان اٿياسين سڌو سمنڊ ڏي …
اتي ڪئين ٿياسين. اهو ڇڏ کڻي …
 
Back
Top