اسين ڪئين جيئاسين، اهو ڇڏ کڻي … وڇوڙن وڌياسين، اهو ڇڏ کڻي … اوهين هڪڙي محفل ۾ ويٺا هيا … اسين به هياسين، اهو ڇڏ کڻي … اوهان جو ملڻ هو يقينن خوشي … اسين ڇو رنا سين، اهو ڇڏ کڻي … اوهان کان اٿياسين سڌو سمنڊ ڏي … اتي ڪئين ٿياسين. اهو ڇڏ کڻي …