سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت مؤنث ۽ مذڪر جي صوتي فرق جو اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت مؤنث ۽ مذڪر جي صوتي فرق جو اڀياس

    الطاف جوکيو

    چند ٻولين ۾ مذڪر- مؤنث جي استعمال ۾ فرق جاچيو ويو آهي ۽ ان جي صوتي اڀياس آهر ڪي دائرا يا اصول پڻ متعيّن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪم ڪافي عالمن ڪيو آهي، ليڪن گھڻي قدر هڪٻئي تي ڀاڙيو ويو آهي. هن ڏِس ۾ دلامل بولچند جو شروعاتي ڪم انتـﻫـائي ساراهڻ جوڳو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان آنجـﻫـاني ڀيرومل آڏواڻي مذڪر- مؤنث لاءِ لکي ٿو ته: ”وياڪرڻ ۾ جنـﻫـن کي ’جنس‘ چئجي ٿو سا نر ۽ ماديءَ جو تفاوت ڏيکاري ٿي. جيڪي لفظ نر جي معنى ڏيکارين ٿا سي مذڪر (نر) آهن ۽ جيڪي ماديءَ جي معنى ڏيکارين ٿا سي مؤنث (مادي) سڏجن ٿا. مثلاً: گھوٽ- ڪنئار، مڙس- جوءِ، گھوڙو- گھوڙي، دلو- دلي ۽ ڪات- ڪاتي.“ (ڀيرومل، 1985: 27)
    مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ مؤنث جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”زالَ، نٿَ ۽ کَٽَ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَ‘ جو اچار آهي. ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مؤنث آهن.“ (قليچ، 2006: 14)
    مذڪر حوالي سان مرزا قليچ بيگ صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”ڀاءُ، اٺُ، نڪُ ۽ چپُ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اُ‘ جو اچار آهي. ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم گھڻو ڪري مذڪر آهن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ٿورا اسم مؤنث به آهن، مثلاً: ماءُ، کنڊُ ۽ وڄُ.“ (قليچ، 2006: 14)
    مرزا قليچ بيگ صاحب مذڪر- مؤنث جي اصولن بابت حاصل مطلب ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”اسمن جي پڇاڙين مان جنس جي پروڙ پوي ٿي، اهي پڇاڙيون جملي ست آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. ’اَ، آ، اِ ۽ اِي‘ (مؤنث)، ’اُ، اُو ۽ او‘ (مذڪر) انهن مان ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مذڪر آهن. باقي ’آ، اِي ۽ اِ‘ پڇاڙين وارا گھڻو ڪري مؤنث ۽ ’اُ ۽ اُو‘ پڇاڙين وارا گھڻو ڪري مذڪر آهن.“ (قليچ، 2006: 14- 15)
    مختلف عالمن جي اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عام طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا ٻه پاسا (زاويه) سامهون اچن ٿا:
    1. جنسي (animatee): جيئن: مردُ- مائي/ هرڻُ- هرڻي، ڌوٻي- ڌوٻڻ/ ڌوٻياڻي، ڊکڻ- ڊکياڻي، ڇوڪرو- ڇوڪري، گڏههُ- گڏههِ، ڪتٗو- ڪتِي وغيره.
    2. غير جنسي/ صرفي (inanimatee): ڪتابُ (سٺو ڪتاب)، سليٽَ (منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽ)، ڪوڏرِ (مُڏي ڪوڏر)، پيٽِي (سٺي پيٽِي)، ڏنڊٗو (ٿلـﻫـو ڏنڊو)، آنا (تازا آنا)، ٻٽُون (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ٻَٽُون آهي)، کٽون (هي مـنـﻫــنجون/ تنـﻫـنجون کٽُون آهن)، ماڻُهو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ماڻُهو آهي)، اردُو (منـﻫـنجي اردو سٺي/ پختي آهي)، رَئو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو رئو آهي)، وغيره.

    جنسي (animate) مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس
    سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا انداز ڪجھ هن طرح ٿين ٿا، جيئن: مردُ- مائي، هرڻُ- هرڻي، ڌوٻي- ڌوٻِڻ/ ڌوٻياڻي، ڊکڻ- ڊکياڻي، ڇوڪرو- ڇوڪرِي، گڏههُ- گڏههِ، ڪتٗو- ڪتِي وغيره.
    انگريزيءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا چند فرق وضع ٿيل آهن، پوءِ ڪٿي پڇاڙي (--- ess) لڳائڻ سان، ڪٿي he- she لڳائڻ سان، ته ڪٿي الڳ لفظن جو استعمال؛ جيئن: Prince- Princess، He goat- She goat، Horse- Mare.
    عربيءَ ۾ پڻ مذڪر- مؤنث لاءِ سَنڌا رکيل آهن، عام طور تي ’ـة/ ة/ ه‘ تانيث لڳائڻ سان مذڪر مان مؤنث بڻايو ويندو آهي؛ جيئن: والد- والدة/ والده.
    فارسيءَ ۾ جنسي مذڪر- مؤنث لاءِ ڪي اصول ڪونـﻫـن، جيڪڏهن ڪم آندا ويندا آهن سي اڪثر عربي اصولن تي مبني هوندا آهن، جيئن: جدّ- جدي، عمّ- عمّه وغيره؛ عام طور فارسيءَ ۾ مختلف لفظن کان اهڙو ڪم ورتو ويندو آهي، جيئن: پدر- مادر، برادر- خواهر، پسر- دختر، آغا- خانم وغيره.
    اردوءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي جا مڙئي اصول لاڳو ٿيندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته اردو ٻوليءَ جو بنيادي ڍانچو هندي ٻوليءَ وارو آهي، صرف ان کي عربي ۽ فارسيءَ جي لفظن جا زيور پاتل آهن، جنـﻫـن سبب اردو ڪوٺجي ٿي.
    سنڌيءَ ۾ جنسي مذڪر- مؤنث، چند اصولن سان گڏوگڏ، مختلف لفظ پڻ ڪم آندا ويندا آهن، جيئن: اٺ- ڏاچي، مرد- مائي، سوئر/ مرون- ڀونڊڻ وغيره.
    البته، سنڌي ٻوليءَ ۾، مؤنث بڻائڻ لاءِ عربيءَ جي اثر کان ’ہ/ ـہ يا ة/ ـة‘ جي بدل [آن] کان ڪم ورتو ويندو آهي؛ جيئن: خديجہ/ خديجة – کتيجان، آمنه/ آمنہ – ايمڻان وغيره.

    آخري سُر جي بنياد تي، جنسي مذڪر- مؤنث جو هڪٻئي مان جڙڻ جو اڀياس
    سنڌي ٻوليءَ ۾ جنسي مذڪر- مؤنث جا به ٻه ڍنگ ٿين ٿا، هڪُ: اهي جيڪي هڪٻئي ۾، سُر آوازن جي بنياد تي، تبديل نه ٿا ڪري سگھجن، جيئن: ڏاند- ڳئون، ٻيو: اهي جيڪي آخري آوازن جي تبديل سان ڪم آندا وڃن ٿا، جيئن: ٻڪرُ- ٻڪري؛ هت ٻيو ڍنگ مقصود آهي:
    [اَ] جي تبديل:
    مٿئين جنسي اڀياس مان اهو واضح ٿيو ته ڪنـﻫـن اسم جي آخري زبر سان لفظ هميشہ مؤنث رهي ٿو؛ ڪوبه لفظ مذڪر جي صورت ۾ ڪونه ٿو ملي، جيئن: زالَ، رڍَ وغيره.
    [اِ] جي تبديل:
    مٿئين جنسي اڀياس مان اهو واضح ٿيو ته ڪنـﻫـن اسم جي آخري زير سان لفظ اڪثر مؤنث ٿين ٿا؛ البته هڪ- اڌ لفظ مذڪر جي صورت ۾ ملي ٿو، جيئن: سيٺِ.
    [اِ] > [ياڻِي]
    مذڪر - مؤنث
    سيٺِ - سيٺِياڻِي
    [اُ] جي تبديل:
    [اُ] > [اِ]: ڪُڪُڙُ- ڪُڪِڙِ، گڏهُ- گڏهِ...
    [اُ] > [اِي]: جھرڪُ- جھرڪِي، هرڻُ- هرڻِي...
    [اُ] > [اِڻ]: شينـﻫُـن- شينـﻫِـڻ، ڄٽُ- ڄٽِڻِ...
    [اُ] > [اِياڻي]: فقِيرُ- فقيرياڻي

    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب [اُ] > [اِڻ] واري تبديل ۾ ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ وارو لفظ ڏنو آهي (الانا، 2010: 37)، جيڪو ڪنـﻫـن حد تي مستعمَل آهي؛ ليڪن ساڳئي وقت ص: 36 تي ’اُٺُ- اُٺِ‘ پڻ رکيو آهي، جيڪو ’اُٺِ‘ جي صورت ۾ خود ساخته لفظ آهي. ساڳئي صفحي تي ’ڪُڪُڙِ‘ ۾ ماقبل آخريءَ (Second last) تي ’پيش‘ جي اعراب ڪم آندي آهي، حالانڪ ان اصول ۾ پـﻫـرين ماقبل آخري اکر تي ’زير‘ ڪم آڻي پوءِ مؤنث واري ’زير‘ يعني ٻِٽي زير، ڪم آندي ويندي آهي، جيئن سندن ڏسيل ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ ۾ ڪم آندل اعرابون آهن.
    مٿين مثالن کان علاوه ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’اُ‘ جي تبديل جا وڌيڪ مثال پڻ ڏنا آهن:
    مذڪر مؤنث
    گدڙُ گداڙِي
    بگھڙُ بگھياڙي
    ڪانءُ ڪانويلِي
    ڳورپٽُ ڳورنـﻫـارِي
    جن کي هيٺئين نموني ورهائي سگھجي ٿو:
    [اُ] > [آ+اِي]: گدڙُ- گداڙِي، بگھڙُ- بگھياڙي/ بگھاڙِي
    [اُ] > [ويلِي/ ايلِي]: ڪانءُ- ڪانويلِي
    [پَٽُ] > [نـﻫـارِي]: ڳورپٽُ- ڳورنـﻫـارِي

    مؤنث بڻائڻ لاءِ [اُ] جي تبديل سان هيٺيون خاصيتون نوٽ ڪيون ويون آهن:
    11. ’ڪُڪُڙُ‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ آخري ٻنهي آوازن [ڪ] ۽ [ڙ] جي پيشن کي مٽائي زيرون ڪم آنديون وڃن ٿيون؛ جڏهن ته ’گڏَهُ‘ ۾ صرف آخري پيش کي زير سان مٽايو وڃي ٿو؛
    22. ’جھِرڪُ‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ آخري پيش مٽائي، [اِي] جو اضافو ڪيو وڃي ٿو؛
    33. ’شينـﻫـُن‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ [هُن] آواز کي زير ۾ مٽائي، [ڻ] جو اضافو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته [هُن] جي گھُڻائپ [ڻ] ۾ سمائجي وڃي ٿي. ياد رهي ته گھُڻي وينجن ۾ گھُڻائپ جو گھڻو زور اڳيان هوندو آهي.
    44. ’فقيرُ‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ آخري پيش کي زير ۾ مٽائي، [ياڻي] جو اضافو ڪيو وڃي ٿو.
    55. الانا صاحب جي ڏسيل لفظن ۾ گدڙُ- گداڙِيءَ وارا لفظ [اُ] > [اِي] واري گروه ۾ ئي آڻي سگھجن ٿا، صرف ان جي ماقبل آخري (Second last) سُر ’اَ‘ کي ’آ‘ سان مٽائبو آهي.
    66. ڊاڪٽر الانا صاحب جا ڏسيل لفظَ ڪانءُ- ڪانويلِي به [اُ] > [اِي] واري گروه ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا، ليڪن ان جي وچ ۾ ’ويلِي‘ (اُ > و + ايلِي) جي اچار جو اضافو ٿئي ٿو. ’اُ/ ءُ‘ جو ’وَ‘ ’متحرڪ وينجن‘ ۾ تبديل ٿيڻ واري خاصيت به سنڌي ٻوليءَ ۾ نوٽ ڪئي آهي؛ جيئن: ڪانءُ- ڪانوَ.
    نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جي نسبت اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي آهي ته هڪ لفظ ساڳئي وقت ٻن اصولن يعني آخري آوازن [اُ يا او] وارن اصولن ۾ سمائجن ٿا؛ جيئن: ڇوڪرُ- ڇوڪرِ ۽ ڇوڪرو- ڇوڪرِي.

    [آ] جي تبديل:
    مٿئين غير جنسي اڀياس مان اهو واضح ٿيو ته ڪنـﻫـن اسم جي آخري [آ] آواز سان لفظ اڪثر مؤنث ٿين ٿا؛ البته چند لفظ مذڪر جي صورت ۾ به ڪم اچن ٿا، جيئن: خدا، راجا، ديوتا وغيره.
    ان صورت ۾ اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن جن جا مذڪر ۽ مؤنث هڪٻئي جي آخري آواز تبديل ڪرڻ سان جڙندا هجن؛ جيئن: ’بلا‘ جو مذڪر ’نانگ‘ الڳ لفظ جي صورت ۾ ڪم اچي ٿو.

    [اي] جي تبديل:
    هن آواز سان ڪي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن، البته جملي جي جوڙجڪ ۾ اهڙو آواز ڪم اچي ٿو، جيئن: ڇوڪري (مذڪر) راند کٽِي.

    [اِي] جي تبديل:
    [اِي] > [آڻِي]: کٽِي- کٽياڻِي، ڌوٻِي- ڌوٻياڻي
    [اِي] > [ڻِ]: ڌوٻِي- ڌوٻِڻ، هاٿِي- هاٿِڻ
    ڪورِي- ڪورياڻِي، درزِي- درزياڻِي/ درزِڻ وغيره ان جا مثال آهن.

    [اَي] جي تبديل: هن آواز جي خاتمي سان جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

    [او] جي تبديل:
    [او] > [اِي]: گھوڙو- گھوڙِي، راڻو- راڻِي...
    [او] > [ياڻِي]: مُلو- مُلياڻي
    ڇوڪرو- ڇوڪرِي، ڇيلو- ڇيلي وغيره ان جا مثال آهن.

    [اُو] جي تبديل:
    [اُو] > [واڻِي/ ياڻِي]: هندُو- هندواڻي/ هندياڻِي
    [اَو] جي تبديل: هن آواز جي خاتمي سان جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

    جنسي مذڪر مان مؤنث بڻائڻ لاءِ جيڪي آواز سامهون آيا آهن سي هن ريت رکجن ٿا:
    /اِ/ جو آواز، مثال: ڪڪِڙِ، گڏهِ وغيره
    /اِي/ جو آواز، مثال: جھرڪِي، هرڻِي، ٻڪرِي، ڪتِي، راڻِي وغيره.
    /اِڻ/ جو آواز، مثال: شينـﻫِـڻ، ڀونڊِڻ، ڌوٻِڻ وغيره.
    ياڻِي/ اِياڻِي/ آڻِي/ واڻِي جا آواز، مثال: سيٺياڻِي، فقيرِياڻِي، کٽياڻِي، هندواڻِي وغيره.
    آن (عربي جي اثر کان) جو آواز، مثال: زائفان (ضعيفه)، کتيجان، ايمڻان وغيره.

    غير جنسي/ صرفي (inanimate) مذڪر- مؤنث
    سنڌي ٻوليءَ ۾ غير جنسي مذڪر- مؤنث جا چند مثال: ڪتابُ (سٺو ڪتاب)، سليٽَ (منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽ)، ڪوڏرِ (مُڏي ڪوڏر)، پيٽِي (سٺي پيٽِي)، ڏنڊٗو (ٿلـﻫـو ڏنڊو)، آنا (تازا آنا)، ٻٽُون (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ٻَٽُون آهي)، کٽون (هي مـنـﻫــنجون/ تنـﻫـنجون کٽُون آهن)، ماڻُهو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ماڻُهو آهي)، اردُو (منـﻫـنجي اردو سٺي/ پختي آهي)، رَئو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو رئو آهي)، وغيره.
    سنڌيءَ ۾ صرفي/ غير جنسي مذڪر- مؤنث لاءِ دلامل بولچند لکي ٿو ته:
    ““All names of inanimate things are either masculine or feminine according to the vowel-sound which they end in.” (Bulchand, 2003: 7)
    جنسي مذڪر- مؤنث جا نمونا ته دنيا جي مڙني ٻولين ۾ آهن ۽ ڪي فرق به ضرور رکيل آهن؛ ليڪن صرفي نمونو، جنـﻫـن ۾ صفت يا حالت اضافت (Possessive Mood) واري خاصيت جي شمار سان مذڪر- مؤنث جي صورت جڙي ٿي، سو برصغير جي ٻولين ۾ باقاعده جاچيو ويو آهي. ان کان علاوه عربي ۾ به جنسي مذڪر- مؤنث کان علاوه صرفي/ غير جنسي نمونا آهن. جنـﻫـن سبب عربيءَ ۾ مذڪر- مؤنث کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
    11. قياسي، جنـﻫـن ۾ قاعدن جي جڙڻ جو تصور ملي ٿو، جنـﻫـن ۾ جنسي مذڪر- مؤنث جو شمار ڪيو ويندو آهي.
    22. سماعي، جنـﻫـن ۾ ڳالهايل ٻوليءَ کي اهميت ڏني ويندي آهي، يعني ان جو ڪو قاعدو نه آهي، جنـﻫـن سبب ان کي ’شاز‘ ڪوٺيو ٿو وڃي. هن ۾ صرفي/ غير جنسي مذڪر- مؤنث شمار ڪيا ويندا آهن.
    محترم عبدالـﻫـادي سرهيو صاحب عربيءَ جي مذڪر- مؤنث بابت لکي ٿو ته: ”عربيءَ ۾ مذڪر واحد لفظ جي پٺيان ’ة‘ ڳنڍڻ سان لفظ مؤنث ٺـﻫـي ٿو؛ مثلاً: 1. عابد مان عابدة، شاڪر مان شاڪره، صابر مان صابره، ساجد مان ساجده، ساحر مان ساحره وغيره.
    2. الف مقصوره وارا لفظ جـﻫـڙوڪ: حُسنى، بُشرى، عُقبى مؤنث آهن.
    33. هيٺيان لفظ مؤنث سماعي(ٻُڌل) آهن، مثلاً: شمسٌ = سج، نارٌ = باه، ارضٌ = زمين، جحيمٌ = دوزخ وغيره.“ (سرهيو، 1976: 48)
    محترم سرهئي صاحب عربي مؤنث لاءِ لفظ جي آخر ۾ ’ة‘ تانيث جي استعمال سان گڏ ’الف مقصوره‘ جو به اشارو ڪيو آهي؛ ان مان هرگز اها مراد نه وٺڻ گھرجي ته ڪنـﻫـن لفظ جي آخر ۾’الف مقصوره‘ مؤنث بڻائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. اصل ۾ صاحب موصوف ’اسم تفضيل‘ جي صَرف موجب واحد مؤنث جي صيغي ’فُعلى‘ جي وزن جا لفظ ڏنا آهن، جن ۾ هي پڻ شامل آهن: قُربى، صغرى، ڪبرى وغيره.
    عربيءَ ۾ غير جنسي لفظن جي مذڪر- مؤنث هجڻ واري خاصيت ۽ سنڌي توڻي هندي/ اردو ۾ غير جنسي لفظن جي مذڪر- مؤنث وارن تصورن کي نوٽ ڪيو ويو آهي.

    سنڌي ٻوليءَ جي غير جنسي (inanimate) مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس
    فارسي يا بلوچيءَ ۾غير جنسي/ صرفي مذڪر- مؤنث جو ڪو تصور ئي ڪونهي، ان ڪارڻ ان جي جملي مان ئي اندازو ڪيو ويندو آهي؛ ان سبب بلوچي يا فارسي ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائڻ ۾ مذڪر- مؤنث جو خيال نه رکي سگھندا آهن.
    غير جنسي/ بيجان شين جي مذڪر- مؤنث بابت ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه ڄاڻائي ٿي ته: ”قلم، کاغذ، باغ، فرش، خط، جہاز وغیرہ۔ یہ تمام الفاظ چیزوں کے نام ہیں، یعنی ان کو قواعد کے حساب سے کہیں گے کہ یہ اسم ہیں۔ انگریزی، بلوچی، پشتو وغیرہ میں بے جان چیزوں کی کوئی جنس نہیں ہوتی، مگر اردو اور سندھی میں یہ مذکر یا مٷنث کرکے بولے جاتے ہیں۔“ (فہمیدہ، 2011: 13)
    برصغير جي ٻولين ۾ جڏهن سنڌي ۽ اردو/ هندي ٻولين جي ڀيٽ ڪندا آهيون ته ان ۾ ڪافي فرق نظر ايندو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ ڪتابُ- مذڪر ۽ اردوءَ ۾ ڪتابۡ- مؤنث ڄاتو ويندو آهي، ان صورت ۾ سنڌي ماڻهو اردو ڳالهائڻ ۾ يا اردو ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ ۾ اهڙيون غلطيون ڪري وجھندا آهن يا پنـﻫـنجي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڌاريو استعمال ڪري وجھندا آهن.
    سنڌي ۽ اردو ٻولين جي نسبت غير جنسي/ صرفي استعمال جي فرق جو سبب ’آخري سُر جي حذف ٿيڻ‘ جو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جِي پڇاڙي متحرڪ ٿئي ٿي، جڏهن ته اردو ٻوليءَ ۾ چند لفظن جي پڇاڙيءَ وارن ڊگھن سُرن ۽ دهرن سُرن سواءِ، ڇوٽا سُر حذف ڪيا ويندا آهن.

    سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي آخري سُر تي مبني غير جنسي مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس پيش ڪجي ٿو:
    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڇوٽي سُر [اَ] ۽ گھُڻي ڇوٽي سُر [اَن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي ۾ استعمال
    سليٽَ /اَ/ هيءَ منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽَ آهي.
    اخبارَ /اَ/ هيءَ منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي اخبارَ آهي.
    زبانَ /اَ/ هيءَ مڙساڻي زبان آهي.
    ڪڻڪَ /اَ/ مڙني جنسن ۾ ديسي ڪڻڪَ ڀلي ٿيندي آهي.
    دولتَ /اَ/ صحت هڪ وڏي دولتَ آهي.
    اُسَ /اَ/ اڄ اُسَ ڏاڍي تيز آهي.
    ٻانـﻫَـن /اَن/ تنـﻫـنجي ئي ٻانـﻫـن ٿلهي آهي.
    دانـﻫَـن /اَن/ غريب جي دانـﻫـن آسمان تائين پـﻫـچندي آهي.
    سونـﻫَـن /اَن/ ڪائنات جي سونـﻫـن ڏاڍي عجيب آهي.
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن: ترارَ، ٽپالَ، کَلَ، موڪلَ، خبرَ، تارَ، چادرَ، قبرَ، نظرَ، قطارَ، زمينَ، کَٽَ، سٽَ، واٽَ، مددَ، اميدَ، ڪنڊَ، ميزَ، ڇانوَ، بانسَ، برفَ، تڪليفَ، چُڪَ، مـﻫـلَ، مورتَ، عادت، برڪتَ، محنتَ، قيمتَ، حرڪتَ، طاقتَ، رعيتَ، فرصتَ، ڪپـﻫـهَ، ياداشتَ، حقيقتَ، مدتَ، ڪفايتَ، صلاحَ، طرحَ، نبضَ، بندوقَ، کڏَ وغيره. (Bulchand, 2003: 8)
    مٿئين آخري آواز [اَ] يا [اَن] سان ڪي به اهڙا لفظ نه ٿا اچن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر طور ڪم ايندا هجن.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب [اَ] جي نسبت هي اصول ڏسيو آهي ته: ”اهي اسم جن جي آخر ۾ ’اَ‘ آواز اچارجي ته اهڙن سڀني اسمن کي ’اسم مؤنث‘ چئبو.“ (الانا، 2010: 31)
    ڊاڪٽر غلام علي صاحب جيڪي مثال سامهون رکيا آهن (عورتَ، کٽَ، نٿَ، عينڪَ، کلَ ۽ زالَ)، تن ۾ [اَن] جا مثال ڪونه رکيا آهن، جيئن: ٻانـﻫـَن، سونـﻫـَن وغيره. ممڪن آهي ته [اَن] آخري آواز وارن لفظن کي غير جنسي مؤنث ۾ شمار نه ڪندو هجي، يا مذڪوره آواز وارا لفظ سندن مطالعي هيٺ نه آيا هجن.

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڇوٽي سُر [اِ] ۽ گھُڻي ڇوٽي سُر [اِن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي ۾ استعمال
    اَکِ /اِ/ هيءَ اکِ آهي.
    ڀِتِ /اِ/ هيءَ ڀِتِ آهي.
    ذاتِ /اِ/ انَ پلِي، ذات ڀلِي.
    راتِ /اِ/ اڄ راتِ ٿڌي ٿي آهي.
    مينـﻫـِن /اِ/ هيءَ مينـﻫـِن ڏاڍي خاشي آهي.
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن: مکِ، ڇتِ، راتِ، هلتِ، برساتِ، ماٺِ، سُڌِ، راند، منجھندِ، باههِ، چانـﻫـهِ، ديرِ، تڪڙِ، عمرِ، مشڪلاتِ، ملاقاتِ، حالتِ، محلاتِ، ڪاوڙِ، آڱرِ، سرڪارِ، بازارِ، ڪوڏرِ، دلِ، پُلِ، لالچِ، جان، جاءِ، شيءِ، اوندهِ، ڳالههِ، چيلههِ، جنگِ وغيره. (Bulchand, 2003: 9 -10)
    مٿئين آخري آواز [اِ] سان ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’زير‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: سيٺِ (Bulchand, 2003: 10)
    ڊاڪٽر الانا صاحب [اِ] آخري آواز جي نسبت ڄاڻائي ٿو ته: ”اهي اسم، جن جي آخر ۾ ’اِ‘ آواز لاءِ ’زير‘ اعراب طور استعمال ٿيندي آهي، اهي اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن؛ جيئن: اکِ، مکِ، ڀتِ، ڇتِ، دلِ ۽ جاءِ وغيره.“ (الانا، 2010: 32)
    سائين الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر ايندڙ لفظن بابت لکي ٿو: ”هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سيٺِ‘، ’ڪيـﻫـرِ‘ ۽ ’اهنيرِ‘ اهڙا لفظ آهن، جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اِ‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهي لفظ، اسم مذڪر طور استعمال ٿيندا آهن، تنـﻫـنڪري اهڙن لفظن کي ان اصول کان ڌار سمجھيو ويندو آهي.“ (الانا، 2010: 32)
    سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ’سيٺِ‘ بيشڪ ’زير‘ سان، مذڪر طور استعمال ٿئي ٿو؛ اهڙو اشارو دلامل بولچند صاحب به ڪيو آهي. سائين الانا صاحب آخري ’زير‘ جي حوالي سان جيڪي لفظ (ڪيـﻫـرِ ۽ اهنيرِ) ڏنا آهن، سي وچولي ٻوليءَ جي نسبت ’آخري زير‘ وارا آهن ئي ڪونه! مذڪوره لفظ ’ڪيـﻫـرُ‘ ۽ ’اهنيرُ/ اهنيارُ/ اهنرُ‘ پيشَ سان ئي مستعمَل آهن.
    مذڪوره لفظ جامع سنڌي لغات ۾ اعرابن سان خيال خاطر ڏجن ٿا:
    اَهۡنَرُ ج اَهۡنَرَ: ذ. [سن. اَنُ = ساڻ + وَرَه = گھوٽ؛ آهه = ڏينـﻫـن + نَر = مڙس = ڏينـﻫـن جو جوڌو] شاديءَ جي وقت گھوٽ ۽ ڪنوار جي سيج يا پکٖي جو پـﻫـريدار {جو اڪثر گھوٽ يا ڪنوار جو ڀيڻويو هوندو آهي.} (بلوچ، 1960: 315)
    سائين الانا صاحب بنيادي طور تي لاڙي/ حيدرآبادي لـﻫـجي جو ماڻهو آهي، جنـﻫـن لـﻫـجي ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي جي تحقيق موجب: آخري سُر حذف ڪرڻ واري عادت نوٽ ڪئي وئي آهي (ٻگھيو، 1998: 79)؛ ظاهر آهي ته آخري سُر حذف ڪرڻ وقت ان جي ٻي صورت هلڪي ’زير‘ جي ئي بيـﻫـندي آهي، جنـﻫـن سبب سائين الانا صاحب مذڪوره لفظن تي زير جو استعمال ڪيو آهي. ان صورت ۾ مذڪوره لفظن کي ’آخري پيش‘ جي زمري ۾ آڻبو.

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڇوٽي سُر [اُ] ۽ گھُڻي ڇوٽي سُر [اُن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي ۾ استعمال
    ڪِتابُ /اُ/ هيءُ سٺو ڪتاب آهي.
    کِيرُ /اُ/ کير ڏاڍو مٺو آهي.
    ڏَکِڻُ /اُ/ ڏکڻُ گُھلي ٿو.
    حُڪُمُ /اُ/ پيءُ جو حڪمُ مڃڻ واجب آهي.
    قَلَمُ /اُ/ هي تنـﻫـنجو قلمُ آهي.
    مُنـﻫُـن /اُن/ تنـﻫـنجو مُنـﻫـن چنڊ جيان چمڪي ٿو پيو.
    ڏينـﻫُـن /اُن/ اڄوڪو ڏينـﻫـن، ڏاڍو تيز آهي.
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مذڪر سمجھيا ويندا آهن: گھرُ، درُ، ٻارُ، وارُ، زورُ، چورُ، گوڙُ، پيرُ، سُورُ، ڪوڙُ، سچُ، پيارُ، اثرُ، اوزارُ، عطرُ، زهرُ، زيورُ، تڪرارُ، جانورُ، هٿيارُ، پگھارُ، ڇوڪرُ، نوڪرُ، ڪاريگرُ، ڪڪرُ، مزورُ، فقيرُ، اکرُ، پٿرُ، صابڻُ، چپُ، ڪپُ، ڊپُ، تپُ، کپُ، پاپُ، انُ، پڻُ، ڪنُ، منُ، سونُ، بدنُ، ايمانُ، آسمانُ، بيانُ، ڌيانُ، ڌنُ، جـﻫـانُ، دشمنُ، سامانُ، امتحانُ، ميدانُ، نشانُ، قانونُ، نقصانُ، نڪُ، شڪُ، ملڪُ، مالڪُ، ڪکُ، ڏکُ، حقُ، ڪمُ، چمُ، ڌرمُ، حاڪمُ، قلمُ، شرمُ، آرامُ، ظلمُ، قسمُ، گلُ، مالُ، حالُ، خيالُ، تيلُ، سالُ، فصلُ، جبلُ، سوالُ، جوابُ، انبُ، شرابُ، سببُ، کنڀُ، پيءُ، سيءُ، ڀاءُ، ايذاءُ، تلاءُ، ٺڪاءُ، ساهُ، گاهُ، واهُ، ڏوهُ، گناهُ، لوهُ، ورهيهُ، کوهُ، پٽُ، پيٽُ، هٽُ، مائٽُ، ڳوٺُ، هٿُ، رتُ، بتُ، واتُ، وقتُ، گوشتُ، موتُ، تفاوتُ، شربتُ، پورهيتُ، دوستُ، جيتُ، تختُ، بـﻫـشتُ، ڏندُ، ڏنڊُ، سمنڊُ، چنڊُ، گھنڊُ، مردُ، هنڌُ، شاگردُ، استادُ، بنيادُ، باغُ، داغُ، ڪاغذُ، مرضُ، قرضُ، عرضُ، فرضُ، اعتراضُ، آوازُ، جـﻫـازُ، خوفُ، انصافُ، ڪرفُ، واقفُ، بيوقوفُ، خطُ، نانگُ، رنگُ، جھنگُ، ٽنگُ، راڳُ، ڍڳُ، سڱُ، مينـﻫـُن، ميڻُ وغيره. (Bulchand, 2003: 12 -14)

    مٿئين آخري آواز موجب ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر [اُ] هوندي به مؤنث طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً:

    مَسُ، وڄُ، کنڊُ وغيره. (Bulchand, 2003: 155)
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب آخري سُر [اُ] بابت جوڙيل اصول ۾ لکي ٿو ته: ”اهي اسم، جن جي آخر ۾ ’اُ‘ اعراب ڪم ايندي هجي، اهڙا گھڻو ڪري سڀ اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ جيئن: گھرُ، ٻارُ، هٿُ، کيرُ، پيءُ، ڀاءُ.“ (الانا، 2010: 34)
    سائين الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر ايندڙ جنسي ۽ غير جنسي لفظن بابت لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا اسم به موجود آهن، ج جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اُ‘ آواز اچارجي ٿو ۽ لکڻ ۾ ’پيش‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهڙا اسم جنس مؤنث ۾ ڦرندا آهن؛ جيئن: ماءُ، ڀيڻُ، سسُ، وڄُ، مسُ، سرءُ، کنڊُ ۽ سنڌُ وغيره.“
    عام طور وچولي جي ٻوليءَ موجب لفظ: ’وِڄَ‘ (زبر سان) آسماني چمڪڻيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيئن: ’اڄ فلاڻي هنڌ وِڄَ ڪِري آهي‘ يا ’فلاڻي کي ته وِڄَ جا پاڻي آهن.‘
    لفظ ’وِڄُ‘ جو استعمال جامع سنڌي لغات ۾ به ڪيل آهي، جيڪو وچولي/ معياري ٻوليءَ موجب مناسب ناهي.
     وِڄُ ج وِڄُون: ث (اب. وِڄّ. سن. ودبن > وِدۡيُت. پرا. بجلئا. کنوڻ- تجلو- آسماني چمڪاٽ- بجلي- وِڄلي- برق- بجر- دامني. (بلوچ، 1988: 2917)
    عام طور سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ جمع جي صورت ۾ آخري سُر [اُ] جو بدل [اَ] سان ۽ آخري سُر [اَ] جو بدل [اُون] سان ڪيو ويندو آهي؛ ٻي حالت ۾ چند اهڙا لفظ به آهن جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا اچن. ان صورت ۾ وچولي لـﻫـجي جي نسبت ’وڄَ‘ جي صورتخطي ’آخري زبر‘ سان ئي عام ڪرڻ جي راءِ رکجي ٿي.

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڊگهي سُر [آ] ۽ گھُڻي ڊگھي سُر [آن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي ۾ استعمال
    هوا /آ/ اڄ هوا سٺي گھُلي رهي آهي.
    دنيا /آ/ هيءَ دنيا ڏاڍي عجيب آهي.
    خطا /آ/ مون خطا ڪئي آهي.
    دوا /آ/ هيءَ دوا ڏاڍي اثرائتي آهي.
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن: دوا، بلا، وبا، دعا، پوڄا وغيره. (Bulchand, 2003: 9 -10)
    هت ذڪر غير جنسي مؤنث- مذڪر جو ٿئي پيو، ليڪن اهو ڄاڻائيندو هلجي ته عربي جي اثر کان مختفي ه يا ة تانيث جي بدل ۾ [آن] جو آخري سُر مؤنث صورت ۾ لڳندو آهي، جيئن: خديجہ/ خديجة – کتيجان، آمنه/ آمنہ – ايمڻان وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ’مختفي ه‘ جو عام طور بدل حرف علت (الف، واؤ ۽ يي) ۾ ٿيندو آهي، جيئن: نتيجہ/ نتيجه > نتيجو/ نتيجا/ نتيجي؛ ساڳئي انداز سان ’مختفي ه‘ جو ڪردار سُر وارو ٿئي ٿو، جنـﮬـن سبب مؤنث لفظن ۾ اهو مٽجي [آن] ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شامل آهي.
    مٿئين اصول ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’آ‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: خدا، راجا، ديوتا وغيره. (Bulchand, 2003: 9)
    ڊاڪٽر الانا صاحب پڻ هن اصول لاءِ لکي ٿو ته: ”اهي اسم جن جي آخر ۾ ’آ‘ اعراب استعمال ٿيندي هجي، اهڙا سڀ اسم، سواءِ ڪن ٿورن جي، جنس مؤنث موجب گردان ڪن ٿا، مثال طور: هوا، دوا، اَٻلا، دنيا، دُعا، بلا، ديا، گلا ۽ خطا وغيره.“ (الانا، 2010: 33)
    سائين الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر استعمال ٿيندڙ لفظن لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا مذڪر اسم به آهن جن جي آخر ۾ ’آ‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي. مثال طور: برهما، راجا، ديوتا، داتا، پِتا، گدا، پيشوا ۽ دريا وغيره.“ (الانا، 2010: 34)
    مٿئين اصول ۾ صاحب موصوف جو ڄاڻايل لفظ ’دريا‘ اصل ۾ ’درياهُ/ درياءُ‘ آخري پيش سان آهي، جيڪو [اُ] واري اصول ۾ ئي سمائبو. ’درياهُ يا درياءُ‘ جي صورتخطي عام آهي، ڊاڪٽر صاحب جي ڄاڻايل ’دريا‘ واري صورتخطي خود ساخته آهي.

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف وچٿري سُر [اٖي] ۽ گھُڻي وچٿري سُر [اٖين] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
    هنن آوازن جي خاتمي سان غير جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري سُر [اِي] ۽ [اِين] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي ۾ استعمال
    مڇِي /اِي/ هيءَ مڇِي ڏاڍي سڻڀي آهي.
    ٻيڙِي /اِي/ ڪوڙ جي ٻيڙِي ٻڏندي آهي.
    بِيمارِي /اِي/ هيءَ بيماري وچڙندڙ آهي.
    ڌرتِي /اِي/ منـﻫـنجي ڌرتِي، منـﻫـنجي ماءُ آهي.
    حاضري /اِي/ منـﻫـنجي حاضرِي قبول پوي.
    ڇاهِين /اِين/ هيءَ تازِي ڇاهِين آهي.
    سائِين /اِين/ هي منـﻫـنجو سائيِن آهي. (مذڪر
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن: درِي، ٽارِي، ڀرِي، وارِي، چورِي، ڳوٿرِي، نوڙِي، پڇاڙِي، خبردارِي، اختيارِي، نوڪرِي، ٽوڪرِي، ٽوپِي، جتِي، پيتِي، ڇاتِي، مٽِي، چوٽِي، گھٽِي، پٺِي، مانِي، ٻنِي، مـﻫـربانِي، شادِي، مُنڊِي، چاندِي، ڀاڄِي، سانجھِي، ڳچِي، ڪينچِي، ڏاڙﮩـِي، مرضِي، ڪنجِي، گرمِي، ٻولِي، لانڍِي، گاڏِي، سُئِي، لڙائِي، تاڪِي، ڪلِي، نيڪِي، تندرستِي، اڏوهِي وغيره. (Bulchand, 2003: 10 -11)
    مٿئين اصول ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’اِي‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: پاڻِي، موتِي، پکِي، آدمِي؛ منشِي، پادرِي، سنگتِي، درزِي، کٽِي، موچِي، بـﻫـشتِي، سپاهِي، ڪڙمِي، شيدِي، ڌوٻِي، جوڳِي، هاٿِي، ڌڻِي وغيره. (Bulchand, 2003: 9)
    اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته [اِي] آواز جي پڇاڙيءَ وارا لفظ گھڻي قدر جنسي ٿين ٿا. چند لفظ سامهون آيا آهن، جيڪي [اِي] آواز جي پڇاڙيءَ سان غير جنسي لفظ بيـﻫـن ٿا، جيئن: پاڻِي، موتِي وغيره.
    ڊاڪٽر الانا صاحب ان اصول بابت لکي ٿو ته: ”جن اسمن جي آخر ۾ ’اِي‘ آواز اچارجي ٿو ته اهڙا سڀ اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن، مثال طور: ڇوڪرِي، ٻڪرِي، ٻلِي، ڪرسِي ۽ پيتِي وغيره.“ (الانا، 2010: 32)
    صاحب موصوف اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اسم مؤنث موجود آهن، جن جي آخر ۾ ’اِين‘ اعراب نه ايندي آهي؛ مثال طور: ٻانـﻫـِين، ڇانـﻫـِين ۽ نـﻫـائِين … پر هي نڪتو به نوٽ ڪرڻ گھرجي ته سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اهڙا اسم موجود آهن جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اِي‘ يا ’اِين‘ اعرابون ڪم اينديون آهن، پر اهڙا اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور: هاٿِي، ڌوٻِي، درزِي، پکِي، پاڻِي ۽ پرِين.“ (الانا، 2010: 33)

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف سُر [اَي] ۽ گھُڻي سُر [اَين] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
    هن آواز جي خاتمي سان غير جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف وچٿري سُر [اٗو] ۽ گھُڻي وچٿري سُر [اٗون] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي/ محاوري ۾ استعمال
    فائدو /او/ وڏو فائدو
    ڪپڙو /او/ سٺو ڪپڙو
    سوجهرو /او/ ڏينـﻫـن جو سوجھرو
    پڃرو /او/ طوطي جو پڃرو
    سيارو /او/ ننڍو/ ڊگھو سيارو
    آکيرو /او/ پکين جو آکيرو
    دُونـﻫـون /اون/ ڪوڙو دونـﻫـون
    سُونـﻫـون /اون/ ڀلو سونـﻫـون
    ڪيئون /اون/ ننڍڙو ڪينئون
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مذڪر سمجھيا ويندا آهن: تارو، ترو، اڀرندو، اُلـﻫـندو، اونـﻫـارو، ڀيرو، اشارو، پارو، ڪنارو، ڪچرو، رازو، رستو، هفتو، مٿو، ڪانٽو، اٽو، گھٽو، نالو، ٻيلو، پيالو، بنگلو، قلعو، رپيو، آنو، پنو، خانو، خزانو، ڪارخانو، مـﻫـينو، داڻو، ميوو، عضوو، ڏيئو، رايو، پورﮩـيو، لوڙﮩـو، ڪلهو، ڄڻو، ارادو، پردو، فائدو، قاعدو، آزمودو، درجو، نتيجو، چمچو، پاڇو، واڍو، کاڌو، ڌنڌو، تڏو، هڏو، مزو، پاسو، پيسو، شيشو، نقشو، جوکو، ڌاڳو، ڀاڱو، ٽامون، وڃڻو، پرڻو وغيره. (Bulchand, 2003: 16 - 17)
    مٿئين آخري آواز [اٗو] يا [اٗون] سان ڪي به اهڙا لفظ نه ٿا اچن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ مؤنث طور ڪم ايندا هجن.
    ڊاڪٽر الانا صاحب هن اصول بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”اهي اسم جن جي آخر ۾ ’او‘ آواز اچارجي ٿو ۽ لکڻ ۾ ’او‘ اعراب ڪم ايندي هجي، اهي سڀ اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور: گھوڙو، ڇوڪرو، طوطو، پئسو، هفتو، نالو، شيشو ۽ کٽولو وغيره.“ (الانا، 2010: 35)

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڊگھي سُر [اُو] ۽ گھُڻي ڊگھي سُر [اُون] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي/ محاوري ۾ استعمال
    مِٺُو /اُو/ هيءُ منـﻫـنجو مٺُو آهي.
    ناچُو /اُو/ هيءُ ڀلو ناچُو آهي.
    ڌاتُو /اُو/ سون هڪ مـﻫـانگو ڌاتُو آهي.
    تنبُو /اُو/ هيءُ منـﻫـنجو مٺُو آهي.
    وڇُون /اُون/ هيءُ ڏاڍو زهريلو وڇُون آهي.
    چتُون /اُون/ هي ڏاڍو سٺو چَتُون آهي.
    دارُون /اُون/ منـﻫـنجي درد جو دارُون تنـﻫـنجو ديدار آهي.
    ان کان علاوه لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مذڪر سمجھيا ويندا آهن: خاطُو، ماڻُهو، مِرون، واڳُون، وغيره. (Bulchand, 2003: 15)
    مٿئين اصول ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’اُو/ اُون‘ هوندي به مؤنث طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: آبرُو، جُون وغيره. (Bulchand, 2003: 9)
    مسٽر دلامل بولچند صاحب مذڪر جي گروه ۾ لفظ رهاڪُو ۽ واٽـﻫـڙُو به آندا آهن. (Bulchand, 2003: 15) حقيقت ۾ اهي ٻئي لفظ مؤنث توڻي مذڪر ٻنهي لاءِ ڪم آندا ويندا آهن، جيئن:
    لفظ آخري سُر جنس جملي/ محاوري ۾ استعمال
    رهاڪُو /اُو/ مذ/ ث مان محراب پور جو/ جي رهاڪُو آهيان.
    واٽـﻫـڙُو /اُو/ مذ/ ث هي پري جو/ جي واٽـﻫـڙُو آهي..

    ان سبب غير جنسي مذڪر- مؤنث وارن لفظن کي وچٿرا (neuter) چئي سگھجي ٿو.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هن اصول بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”اهي اسم جن جي آخر ۾ ’اُو‘ يا ’اُون‘ آواز اچارجن ٿا ۽ اهي ئي اعرابون استعمال ٿينديون آهن، اهي اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور: تنبُو، خيمو، ڪدُو، چتُون، ڪڇُون، ڀٽُون/ وڇُون، واڳو/ واڳُون وغيره.“ (الانا، 2010: 35)
    صاحب موصوف اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪيترائي اسم موجود آهن، جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اُون‘ آواز اچارجي ٿو ۽ ’اُون‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهڙا اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طر: ڳئُون، ڀُون، جُون … ائين ڪيترائي لفظ ’اُو‘ يا ’اُون‘ آوازن سان اچاربا آهن ۽ جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن، جيئن: ڪُوڪُو، سُون سُون، زُون زُون ۽ رُون رُون وغيره.“ (الانا، 2010: 36)

    ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف دهري سُر [اَو] ۽ گھُڻي دهري سُر [اَون] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
    لفظ آخري سُر جملي/ محاوري ۾ استعمال
    ڍَو /اَو/ اڄ ڏاڍو ڍَو ڪيو آهي.
    ڀَو /اَو/ مون کي ڏاڍو ڀَو ٿو ٿئي!
    سَو /اَو/ پورو سَو ٿيڻ گھرجي. (هي لفظ اصل صفت آهي)
    هن آخري آواز سان ملندڙ آواز وارا لفظ جـﻫـڙوڪ: رئو، دئو وغيره پڻ مذڪر ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. دراصل لفظ ’رئو‘ يا ’دئو‘ جو آخري آواز ’اَو‘ آهي، پر همزي سبب مذڪوره دُهري آواز [اَو] ۾ به شامل ڪري سگھجي ٿو.
    مٿيون اڀياس غير جنسي لفظن جي مذڪر- مؤنث جو پيش ڪيو ويو، جن کي هڪٻئي ۾ (آخري آوازن يا مختلف لفظن سان) تبديل ڪري نه ٿو سگھجي.

    حاصل مطلب
    1. غير جنسي لفظن ۾ [اَ]، [اَن]، [اِ]، [اِن]، [آ]، [اِي]، [اِين] پڇاڙڪن سُرن وارا لفظ اڪثر مؤنث ۾ ڄاتا ويندا آهن.
    2. غير جنسي لفظن ۾ [اُ]، [اُن]، [او]، [اون]، [اُو]، [اَو] پڇاڙڪن سُرن وارا لفظ اڪثر مذڪر سمجھيا ويندا آهن.
    3. غير جنسي/ صرفي مؤنث يا مذڪر کي ٻي جنس ۾ تبديل ڪري نه ٿو سگھجي.
    4. جنسي مذڪر کي (اِي، اِڻ، ياڻِي/ اِياڻِي/ آڻِي/ واڻِي جي پڇاڙڪن آوازن سان) مؤنث ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
    5. جنسي مؤنث کي (اُ، او، اُو پڇاڙڪن سُرن سان) مذڪر ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
    6. مؤنث جي صورت ۾ ماقبل آخري (Second lastt) تي زير ڏئي، بعد ۾ مؤنث واري زير ڪم آندي ويندي آهي؛ جيئن: ڪُڪُڙُ- ڪُڪِڙِ.
    7. مؤنث جي صورت ۾ ماقبل آخري (Second lastt) سُر ’اَ‘ کي ’آ‘ سان مٽائي بعد ۾ مؤنث واري ’اِي‘ ملائڻي پوي ٿي؛ جيئن: گدَڙُ- گداڙِي، بگھَڙ- بگھاڙِي (’اَ‘ > ’آ‘). واحد- جمع ۾ به ساڳيو اصول لاڳو ڪيو ويندو آهي، جيئن: اوندَهِ- اونداهِيون.

    اڀياسي ڪتاب
    آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (19855) وڏو سنڌي وياڪرڻ _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (20100) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960 ۽ 1988) جامع سنڌي لغات {جلد 11 ۽ 5} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    ٻگھيو، قاسم، ڊاڪٽر (19988)- سنڌي ٻولي ( لسانيات کان سماجي لسانيات تائين) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
    سرهيو، عبدالهادي (19766) علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو.
    فہمیدہ حسین، ڈاکٹر (20111) آئیے سندھی سیکھیں۔ سندھی لئنگویج اتھارٹی حیدآباد۔
    مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi – Sindhi Language Authority Hyderabad.
     
  2. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    391
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    تمام ڪارائتو مضمون آهي،هن وقت جڏهن اسان جي ٻوليءَ تي ٻين آوازن جو اثر ٿي رهيو آهي،تڏهن هن مضمون کي غور سان پڙهي پنهنجي ٻوليءَ جي لهجي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو