پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزن جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي، جن ۾ پهاڪو، چوڻي، اصطلاح، محاورو، ورجيس، ۽ کوڙ ساٿرا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل، تجنيسون يا صنعتون وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف پهاڪي ۽ چوڻيءَ تي مبني آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي هنن اصطلاحن جي اکيڙ جو اهم مقصد انهن جي درست رخ کي سمجھڻ ۽ انهن جو درست استعمال ڪرڻ به آهي. ان جي ضرورت ان لاءِ به محسوس ڪئي وڃي ٿي ته اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن وٽ انهن اصطلاحن جي ڪا واضح وصف موجود ڪونهي يا ڪي متعين ڪيل وصفن سان سهمت ڪونهن يا وري ڪي ٻيا سبب هجن!
    مذڪوره صنفن تي زوردار نموني ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو ڪم سامهون اچي ٿو جنهن انهن صنفن تي ماهرانه ڇنڊ ڇاڻ سان ڪم ڪيو آهي؛ جنهن عيوض هو صاحب کيرون لهڻي! ان کان اڳ ڪيل ڪم يا مذڪوره اصطلاحن جي ونڊ ورڇ غير علمي ڪيل آهي.
    اصل ڳالهه اها آهي ته ان جي ٻوليءَ ۾ ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن (Terms) جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنهن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘.
    ڄاڻايل اصطلاحن (Terms) جي درست رخ کي سمجھڻ لاءِ هر هڪ اصطلاح (Term) جي لغوي معنى ۽ ان جي مفهوم تي نظر ڌرڻ لاءِ مختلف ماهرن جا تڪيل توريل رايا ۽ وضاحتون سامهون رکي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گھرجي.
    ياد رهي ته ٻوليءَ جي اصطلاحن ۾ پهاڪو يا چوڻي جملي جي روپ کي ڪوٺيو ويندو آهي.

    پهاڪو ۽ چوڻي:
    ’جملي جي جز‘ واري نازڪ بحث بعد ’پهاڪي‘ ۽ ’چوڻيءَ‘ تي هڪ نظر ضروري آهي. گھڻي قدر ٻوليءَ جا هي ٻه Term (اصطلاح) علمي طور بحث هيٺ آيل آهن ۽ مڙني جو ان تي اتفاق آهي؛ تنهن هوندي به عام استاد يا عالم مطالعي جي شوق نه رکڻ سبب ان کان اڻ واقف آهن. تنهن کان سواءِ پوئين صديءَ واري ستر کان اَسي واري ڏهاڪي تائين ڪافي عالمن ڄڻ ته ان تي غور و فڪر ئي ڪونه ڪيو. پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سُٽ تڏهن سلجھيو جڏهن انهن ٻوليءَ جي اصطلاحن تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب با ضابطه طور تي ڪم ڪيو.
    پهاڪو لفظ ٻن لفظن [ (پَهه + ڪو(صفت يا فعل مان اسم بڻائڻ جي پڇاڙي) ڪنهن عمل واري حالت] جو مرڪب آهي، هن مان مراد اهڙو جملو يا جملي جو مفهوم ڏيندڙ، پڪو پختو خيال جنهن ۾ سماج جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ ساڃهه سمايل هجي. ڊاڪٽر جيٽلي ان جي اکري معنى هيٺين ريت ڪئي آهي:
    ”سنڌيءَ ۾ هڪ مصدر آهي ’پَـﻫـڻ‘، ان جون مکيه معنائون آهن: خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ؛ نبرڻ. … ’پهه‘ ڌاتوءَ ۾ ’آڪو‘ پڇاڙي گڏڻ سان لفظ ٺهيو آهي ’پهاڪو‘. اهڙي پڇاڙي جوڙڻ سان ٻيا به اسم ٺهن ٿا، جيئن ته: ميڙاڪو، چئاڪو، لڇڪو، چٻڪو، ڇلڪو. انهيءَ ڪري ’پهاڪو‘ لفظ جي اکري معنى آهي: اهو نڪتو يا گفتو، جنهن ۾ اونهو خيال صا ويچار سمايل آهي.“ (جيٽلي، 1996ع : 31)
    قاسم ٻگھئي صاحب به لفظ پهاڪي کي ’پهه ڪرڻ‘ مان ئي ڄاڻايو آهي ٻگھيو صاحب لکي ٿوته: ”پهاڪو لفظ اصل ۾ آهي ’پههُ- ڪيو‘ يعني ويچار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو؛ جيئن شاه صاحب چيو آهي، ته: ’پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ‘ عام طرح سان به، پَهه پچائڻ جي معنى آهي، پُور پچائڻ يا خيال پچائڻ، يعني عقل هلائڻ، غور فڪر ۽ ڳڻ ڳوت ڪرڻ، حقيقت ۾ هن لفظ جو بنياد آهيئي ’پَهه‘ يعني خيال، رِٿ، جنهن مان ٿيو پهاڪو. جيئن: ڏهه مان ڏهاڪو، ساڳئي طرح سان ئي ڦهڪو، رولاڪو، ڦٽاڪو ۽ ڌماڪو وغيره به ائين ٿيا آهن. “ (ٻگھيو، سماهي مهراڻ 1، 1979ع : 181)
    ڊاڪٽر جيٽلي صاحب پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ معنوي فرق رکندي واضح ڪيو آهي ته: ”اهو نڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل آهي. … جڏهن ته لفظ ’چوڻي‘ مصدر ’چَوَڻَ‘ ۾ ’اِي‘ جوڙي اسم ذات لفظن جي طرز تي ٺهيل آهي … جنهن جي اکري معنى آهي ’لوڪ يعني عوام ۾ مروج گفتو يا سخت‘.“ (جيٽلي، 1996ع : 31 ۽ 35)
    ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ پڻ پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ فرق ڄاڻايو آهي ته‎: ”خيال جي پذيرائيءَ جي مختلف انداز سبب پهاڪي کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پـهاڪو هڪ اهڙو مڪمل جملو آهي، جنهن جي بيان ٿيل لفظن ۾ بلڪل هڪ انوکو فهم سمايل هوندو آهي. ظاهري لفظن ۾ جيڪا معنى رکيل هوندي اٿس، اصل مطلب ان کان بلڪل مختلف هوندو آهي. يعني ته فقط فرضي ڳالهه جي اوٽ تي ئي ڪا حقيقت يا نڪتو پيش ڪيل هوندو آهي. مثلاً: ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي.
    ٻيون وري پهاڪن واريون چوڻيون آهن، جن جي اظهار ٿيل لفظن توڙي اندروني مطلب ۾ ڪابه ڦير گھير ناهي. يعني ته سنئين سٿري انداز ۾ ڪو مفهوم يا معنادار نڪتو بيان ڪيو ويو آهي، جيئن: ’اڄ جي ڪم سڀان تي نه رکجي.‘ اهڙين چوڻين ۾ ڪنهن فرضي ڳالهه يا رمز کي آڌار بنائڻ بدران صرف هڪ تجربي کي آسان ۽ سادي جملي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. انهن جي ظاهري بيان ۽ باطني معنى ۾ ڪوبه فرق ناهي“ (عرساڻي، 1997ع : 19 کان 20)
    ٻنهي اصطلاحن جي معنى ڪڍڻ ۽ مراد سمجھڻ بعد اهو نتيجو نڪري ٿو ته:
    پهاڪو: اهو جملي جو روپ جيڪو اونهو خيال يا ويچار رکي.
    چوڻي: اهو جملي جو روپ جيڪو عام مروج/ سماجي طور گفتي جي حيثيت رکي.

    اهڙي وضاحت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب به ڪئي آهي:
    پهاڪي بابت: ”اهو مروج استعمال جيڪو… اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنى ڏيندو آهي، انهيءَ کي ’پها ڪو‘ چئبو آهي.“
    چوڻيءَ بابت: ”اهو مروج استعمال جيڪو… پنهنجي اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندو آهي، انهيءَ کي ’چوڻي‘ سڏبو آهي.“ (جيٽلي، 1996ع : 24 ۽ 25)
    انهن ٻن اصطلاحن کي ساڳئي مفهوم جي ٻن جملن/ مثالن سان آسانيءَ سان پرکي سگھجي ٿو:
    پهاڪو: ٻه ته ٻارهن. (مراد: اتحاد ۽ اتفاق ۾ طاقت آهي)
    چوڻي: ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. (مراد: اتحاد ۽ اتفاق ۾ طاقت آهي)
    پهاڪي ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته: هڪ ۽ هڪ ٿيا ٻه، جڏهن ٻه ٿيا ته اهي وڃي ٿيا ٻارهن! ڪنهن به ليکي چوکي واري منطق ۾ اهڙو ڳاڻيٽو ممڪن ناهي؛ کڻي ائين فرض ڪجي ته هڪ ۽ هڪ هڪٻئي جي ڀر ۾ رکجن ته سي به يارهن (۱۱) ٿين ٿا، ٻارهن ڪونه ٿا ٿين. مقصد اهو ته ڪنهن به منطق ۾ اهڙو ڪو ليکو ڪونه ٿو بيهي جنهن سان ٻه، ٻارهن ٿيندا هجن. ان لاءِ اهڙي مروج جملي جي سڌي سنئين معنى کان هٽي ڪري اها مراد ورتي ويندي آهي جنهن جو مفهوم ’ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي‘.
    جڏهن ته چوڻيءَ ۾ ڄاڻايل جملو سڌي سنئين مراد ’اتحاد ۾ برڪت يا طاقت آهي‘ واري آهي. اهو بحث يا ٻوليءَ جي اصطلاحن: ’پهاڪي ۽ چوڻيءَ‘ جي لغوي يا معنوي اکيڙ جي نڪتل نتيجن تي مڙني عالمن ۽ اديبن جو اتفاق آهي.
    مون اهو خيال رکيو هو ته سنڌي عالمن ستر کان اسي جي ڏهاڪي تائين پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي معنوي فرق تي جهڙوڪر غور فڪر ڪونه ڪيو هو؛ اهو اندازو ان مان به ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ٿيسز: ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘، جيڪا 1971ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ پيش ڪئي وئي تنهن جو پيٽ انهن ٻوليءَ جي اصطلاحن جي ميزان کان خالي آهي. هيءَ ٿيسز سنڌي ٻوليءَ جي مايه ناز عالم ۽ لسانيات تي ملڪو رکندڙ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پيش ڪئي هئي، جنهن جو نگران علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب هو. صاحب موصوف مذڪوره ٿيسز ۾ ’باب چوٿين‘: بعنوان: ’سنڌي ٻولي ۽ ان جي لاڙي لهجي‘ جي پڇاڙيءَ ۾ ’لاڙ جا عام پهاڪا‘ ۽ ’لاڙ جون عام چوڻيون‘ ڏنيون آهن.
    پهاڪن ۽ چوِڻين تي نظر رکڻ مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته ان وقت تائين اسان جي عالمن جي نظر ۾ پهاڪو يا چوڻيءَ لاءِ ڪو ميزان مقرر ڪونه هيو. جيڪڏهن ميزان هيو ته پوءِ ڪهڙي ميزان تي چوڻين ۽ پهاڪن کي الڳ الڳ عنوانن ۾ ورهايو ويو. ان مان اهو ئي خيال اڀري ٿو ته اسان جي عالمن وٽ ’پهاڪو‘ ۽ ’چوڻي‘ الڳ الڳ ٻوليءَ جا اصطلاح ڄاتا ويا هوندا، تڏهن ته انهن کي الڳ الڳ عنوان سان رکيو ويو آهي؛ صرف رهبريءَ جي کوٽ هئي، يا ڪي ٻيا سبب ٿي سگھن ٿا.
    خيال خاطر ڊاڪٽر الانا صاحب جي ٿيسز مان ’لاڙ جا عام پهاڪا‘ سامهون رکجن ٿا، پهاڪا واقعي لاڙ جا مخصوص آهن يا نه، کڻي درڪنار، پر جيڪا ورڇ ڪئي آهي سا ان حوالي سان به غير علمي آهي جو انهن جو ڪو ميزان/ معيار ڪونه ڏنو اٿس. هيٺ صاحب موصوف جي ڄاڻايل لاڙ جي عام پهاڪن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي انهن کي ٻيهر ورهائجي ٿو:

    لاڙ جا عام پهاڪا: جي عنوان مان هت صرف انهن پهاڪن جو ذڪر ڪبو جيڪي معنوي لحاظ کان چوڻيءَ جي زمري ۾ اچن ٿا:

    ۱۔ ايمان مزمان آهي. (چوڻي)
    ۲۔ انبن ٻور، اکين سور. (چوڻي)
    ۳. بکون لاهين ٻنيون، پورهيو ڇا بک لاهيندو. (چوڻي)
    ۴. بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي. (چوڻي)
    ۵. بڊي جي بک. ( محاورو/ ورجيس)
    ۶. بڊو اکين ڪڍو. (چوڻي)
    ۷. بڊو ڏيڻين ڍڍو. (چوڻي)
    ۸. پوکي وڍجي، راهي نه وڍجي. (چوڻي)
    ۹. پوه کلن کوه؛ پوه لاڻا لوه. (چوڻي)
    ۱۰. ڀائرن جهڙو ناهي ڀر، ڏيئي جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
    ۱۱. (زمين) ڀاڳان وڃي، پر ڄمان نه وڃي. (چوڻي)
    ۱۲. جنهن کي ساه کنئي سڌ نه پوي، تنهن سان سور ڪيهو سلجي. (چوڻي)
    ۱۳. جيڪو هاڃو هڻندو، تنهن کي ڪير ڪونه چوندو. (چوڻي)
    ۱۴. جيترا هر، اوترا ڦر. (چوڻي)
    ۱۵. ڄيٺ انبن ميٺ. (چوڻي)
    ۱۶. ڄيٺ اکين ميٺ. (چوڻي)
    ۱۷. ڇاتيءَ جهڙو ناهي ٻَر، اکين جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
    ۱۸. حياتيءَ تي هٺ ڪونهي، ناڻي ميڙي بٺ ڪونهي. (چوڻي)
    ۱۹. ڌيئون ڊڀوريون آهن. (چوڻي)
    ۲۰. ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي تان ٻوڙي،
    ڪانئر ڌڪ نه هڻڻو، هڻي تان ٽوڙي. (چوڻي)
    ۲۱. ڏنڀ آهي ٿنڀ. (چوڻي)
    ۲۲۔ زال ڏسي بيٺ، ماءُ ڏسي پيٽ. (چوڻي)
    ۲۳. سڀڪو ڪمَ پرين، چم پرين ڪونڪو. (چوڻي)
    ۲۴. سڳا سيئي سيڻ، پکا جنين اوڏڙا. (چوڻي)
    ۲۵. مئا آهن جيئرن وس. (چوڻي)
    ۲۶. ميهه نه ماڻهو، مرون نه مال. (چوڻي)
    ۲۷. ماءُ ڏيڻ (ڏائڻ) نه ٿيندي آهي، ويرا ڏيڻ (ڏائڻ) ٿيندي آهي. (چوڻي)
    ۲۸. مائٽن جي ويهڻ کان مقام ۾ ويهڻ چڱو. (چوڻي)
    ۲۹. ننڊ نياپو موڪليو اوٻاسي اهڃاڻ. (چوڻي) (الانا، 1977ع : 165 ۽ 166)
    صاحب موصوف جي ڄاڻايل 52 پهاڪن جي جيڪا ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي تن ۾ پهاڪا: 23 ۽ چوڻيون: 29 جڏهن ته هڪ اڌ محاوري/ ورجيس کي به پهاڪي جي زمري ۾ آندو اٿس.
    ان کان علاوه لاڙ جي عام چوڻين جي عنوان ۾ اهڙن معنادار جملن کي چوڻين جي عنوان ۾ لکيو اٿائين، جنهن لاءِ به ڪو معيار متعين ڪونهيس. چند محاورا/ ورجيسون به چوڻين جي زمري ۾ آنديون اٿائين. بهتر ائين ٿئي ها ته ڊاڪٽر صاحب ان جي ورڇ لاءِ ڪو ميزان جوڙي ها، تنهن بعد ئي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نتيجةً پهاڪا ۽ چوڻيون ڏئي ها.
    ڊاڪٽر عرساڻي صاحب جي ڪيل ڪم تي نظر ڌرجي ٿي ته هن بزرگ جو پهاڪن ۽ چوڻين بابت خيال مضبوط آهي؛ ليڪن مذڪوره Terms کي موضوعي ونڊ ورڇ ڪرڻ باعث، انهن Terms کي معنوي فرق تحت الڳ الڳ ڪونه ڪيو ويو آهي. ڪيل ڪم ڪافي معياري به آهي، سواءِ چند پهاڪن يا چوڻين جِي غلط تشريحن جٖي! اهڙا ٻه- ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    ’پوڙهي جي زال پاڙي جو سک.‘ (پيرسن ماڻهو جي گھرواري هرڪنهن ڪم ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.) (عرساڻي: 37)
    اصل ۾ هن پهاڪي جي مراد اها هوندي آهي ته ’پيريءَ ۾ شادي نه ڪجي‘، پيريءَ ۾ شادي ماڻهو پنهنجي سک ۽ عيش لاءِ ڪندو آهي پر پوڙهائپ سبب ان عورت جون مڙئي جائز ضرورتون پوريون ڪري ڪونه سگھندو يا جوانيءَ وارا جوهر پوڙهائپ ۾ هوندس ئي ڪونه يا مردانگيءَ وارو انگ ئي نه رهندس ته سندس گھرواريءَ تي ڪهڙو حڪم هلندس، ان لاءِ سندس زال وتندي پاڙي مان چَگھ چونڊيندي، ان موقعي تي اهو پهاڪو ڪم آندو ويندو آهي. ان لاءِ سياڻن ائين به چيو آهي ته ’عمر جي وٿيءَ کي سون سان ڀري نه سگھبو.
    پرائيءَ ۾ اک پنهنجيءَ ۾ هٿ. (لالچي ماڻهو پنهنجي شي کي ڳنڍ ڏيندو آهي ۽ ٻئي جي شي ۾ طمع رکندو آهي.) (عرساڻي: 45)
    هن پهاڪي جي مراد عام طور تي اهائي ورتي ويندي آهي ته ’پنهنجي شيءِ هجڻ کپي‘يا ’الله سائين پنهنجي گھران تڙان پنهنجي شيءِ عطا ڪري‘. پنهنجي شيءِ هوندي ته گھرج پوندي وڃي هٿ وجھبس ۽ ڪنهن جي ڪاڻ ئي نه ڪڍبي! ٻئي جي هوندي ته پيو سوچبو ته جھٽ کن لاءِ گھرانس يا نه! ڇو ته سوال آهي ويچارو.
    ڪنهن به پنهنجي پٺ ورائي ڪانه ڏٺي آهي. (آئيندي جي ڪنهن کي خبر ناهي.)
    هن پهاڪي مان مراد ’ڪوبه پنهنجن عيبن کي ڪونه ٿو جاچي، ٻين مان ٿو وڏون ڪڍي‘ آهي. آئندو ڪنهن ڏٺو آهي؟ هي پهاڪو ماضيءَ سان منسلڪ آهي. اهڙي تشريح ئي بي جا آهي.
    ان کان علاوه هڪ اڌ جڳهه ته ساڳئي پهاڪي جو ورجاءُ پڻ ٿيل آهي، جيئن:
    پهاڪو نمبر 56: ’پاڻ مرندي سيڻ ڪهڙا؟ (پاڻ مصيبت ۾ مبتلا هوندي ٻين جي ڪهڙي ڳڻتي ٿيندي.) (عرساڻي: 39)
    پهاڪو نمبر 74: ’پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ.‘ (پنهنجي آزار ۾ ٻئي جي ڇوٽڪاري جو خيال نه ايندو آهي.) (عرساڻي: 41)
    عرساڻي صاحب جي ڄاڻايل متضاد تشريحن مان اهو به خيال ٿئي ٿو ته ’مبادا، سندن علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اهي پهاڪا سندن خيال مطابق ئي ڪم آندا ويندا هجن يا اهي مرادون ورتيون وينديون هجن. بهرحال، مون انهن تشريحن تي ساهتي پرڳڻي جي فرد جي حيثيت ۾ تضاد ڏيکاريا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان جي علائقي ۾ انهن پهاڪن جون مرادون ڏيکاريل خيال مطابق ورتيون وينديون آهن.
    تازو 2007ع ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ’سنڌي زبان جي ماهيت‘ ڪتاب جوڙيو آهي، تنهن پڻ ’ستين باب‘ ۾ ’پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون‘ جي عنوان سان ڪو خاطر خواه ڪم ڪونه ڪيو آهي. جوڻيجي صاحب مذڪوره ٻوليءَ جي اصطلاحن جي فرق کي تسليم به ڪري ٿو ۽ اهو به اعتراف ڪري ٿو ته: ”سياڻن پهرين ته پئي هي موتي ميڙيا ۽ هاڻي بلڪل ويجھڙائيءَ ۾ انهن جي هيئت ۽ معنى موجب ورهاست … تازي ۾ تازو جائزو ڊاڪٽر جيٽلي ڪيو آهي.“ (جوڻيجو، 2007ع : 65) ان باوجود پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ ڪو فرق رکي نه سگھيو آهي؛ مثلاً: چوڻيءَ جو مثال ڏنو اٿن ته: ”چوڻيون به سهڻي معنى وٺڻ لاءِ آڻجن ٿيون ۽ مفهوم حقيقت پسندانه آهي. چئي: ’بک ۾ بصر مٺا‘. هونئن جيڪا شي شوق پئي نه کائجي اها به بک وقت مٺي لڳي.“ (جوڻيجو، 2007ع : 66)
    مذڪوره فقري کي جڏهن پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي معيار تي تورجي ٿو ته مذڪوره ’فقرو/ جملو‘ چوڻي نه بلڪه پهاڪي جي زمري ۾ اچي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته ’مٺو‘ لفظ مان مراد ’مٺاڻ‘، ’مٺي شيءِ‘ ئي آهي، جنهن جي سڌي سنئين مراد ڪانه وٺبي، بلڪه ٻي مراد ’وڻندڙ‘ جي وٺبي. ان پهاڪي کي ائين به سمجهي سگھجي ٿو ته جڏهن ڪابه اڻ وڻندڙ شيءِ واپرائبي يا ڪم آڻبي ته ان وقت به اهو ئي چئبو آهي ته ’بک ۾ بصر به ڀلو‘ يا ’بک ۾ بصر به مٺا‘. حالانڪ ان وقت ’بصر‘ کائڻ مقصود نه هوندو آهي.
    جوڻيجي صاحب هيءَ چوڻي به پهاڪي جي زمري ۾ آڻيندي ان جي وضاحت ڪئي آهي ته: ”صبر جنين سير، تير نه گسي تن جو. هن پهاڪي وري صبر کي ساراهيو آهي. يعني جو صبر ڪندو سو مطلب کي پهچندو (سمجھاڻي: ڪيولرام) “(جوڻيجو، 2007ع : 67)
    ان کان علاوه ڪافي چوڻيون ۽ پهاڪا کچڻي بڻائي رکيل آهن جن مان اهو واضح ئي ڪونه ٿو ٿئي ته صاحب موصوف جو اشارو ڪهڙي ٻوليءَ جي اصطلاح ڏانهن آهي. مثلاً: ’اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي‘ (ص: 67) جملو پنهنجي سڌي سنئين معنى سان سلهاڙيل آهي، جنهن کي ’چوڻيءَ‘ طور ڄاتو ويندو آهي. ليڪن پاڻ جيڪا وضاحت ’ڪيولرام‘ وارِي رکي اٿائين، تنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هن بزرگ ان کي پهاڪو ئي ڄاتو آهي.
    ’چوڻيون‘ جي عنوان ۾ ’جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا‘ به چوڻيءَ ۾ شمار ڪيو اٿس. مبادا جوڻيجي صاحب ان پهاڪي کي چوڻي: ’جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي‘ جي گھاڙيٽي جهڙو ڀانئي چوڻي ڪوٺيو هجي! حقيقت اها آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جو اولاد جيڪو پنهنجي والدين جي نقش قدم تي هلندڙ هوندو آهي ته ان صورت ۾ اهو پهاڪو مثال طور ڏنو ويندو آهي. تنقيدي طور تي جاچجي ته اهي ماڻهو نه ته ڪانگ هوندا آهن ۽ نه وري انهن جا ٻچا ڪانگ جهڙا هوندا آهن؛ ان خيال کي سامهون رکي اهو پهاڪو ڪم آندو ويندو آهي.
    ان کان علاوه چند ٻيا پهاڪا،چوڻيون ۽ اصطلاح، محاورا مختلف ليکڪن جي ڏنل تشريحن سان بغير ڇنڊ ڇاڻ جي سامهون رکيا آهن. جنهن مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته صاحب موصوف جي سامهون جيٽلي صاحب جا معيار هوندي به انهن جي ماهيت کي سمجھي پروڙي نه سگھيو آهي.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو جامع نموني ٻوليءَ جي اهم Terms جو ٻيهر باضابطه طور تي اڀياس ٿئي ۽ مختلف عالمن جي ڪيل ڪم جي ٻيهر ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ته جيئن اسان جو آئيندو/ نسل وڌيڪ روشن ۽ سجاڳ رهي.

    حوالا/ ذريعا:
    1. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1977ع) لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- - انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    2. ٻگھيو، قاسم (1979) پهاڪو- سماهي مهراڻ- 1، 1979ع- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    3. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر (2007ع) سنڌي زبان جي ماهيت- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    4. جيٽلي، مرليڌر (1996ع) سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    5. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر (1997ع) سنڌي ورجيسي ٻولي- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو