سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ ساڪن سبب ما قبل آخري وينجن تي ڇوٽي سُر جي تبديليءَ جو اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ ساڪن سبب ما قبل آخري وينجن تي ڇوٽي سُر جي تبديليءَ جو اڀياس

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    ))A brief study of varying short vowel on second last consonant due to which the last consonant ‘meem’ (م) and ‘seen’ (س) as Pronoun suffix remain vowelless(

    Abstract:
    In Sindhi language there are so many endings of pronoun out of which seen and meem (م) are of high importance. According to standard language meem (م) is used as (first person singular) and seen (س) is used as third person singular; in case of seen (س) I (مان) is used in Sindhi sentence. But it has been seen that both the suffixes are used as first person singular, which creates misperception from nature of language’s perspective. Such confounding is observed even in the work of world renowned scholar Dr Murlidhar jetley. Other than this, the context in which these word endings are used, the diacritical marks, instead of the last consonant are used on the second last consonant. In this case the last consonant will remain unstressed.
    It is generally supposed that the last consonant of the word of the Sindhi language is stressed with diacritical mark, because this is unanimously accepted in all the dialects of Sindhi language that masculine-feminine, singular-plural and noun as subjective or objective case is based upon last short vowel. Due to this reason the scholastic work has not been done on the unstressed last consonant in Sindhi language. Out of its main reasons is the negligence of standard or Wicholo Sahiti dialect.
    The two dimensional study of this paper is based upon the pronoun suffix seen (س) and meem (م):
     The pronoun ending meem (م) as first person singular and seen (س) as third person singular
     Due to variation of diacritical mark on second last consonant the last consonant/ pronoun suffix remains unstressed/ vowelless

    مسئلي جو بيان
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين: ’م‘ ۽ ’س‘ جو استعمال، ڪنهن حد تي، مونجهاري جي ور چڙهيل آهي. ڪن عالمن ان کي لهجاتي فرق جي دائري ۾ رکيو آهي ته ڪن وري ان کي ضمير خالص (متڪلّم ۽ غائب) جي فرق سان ڏسيو آهي. اختلافي نڪتن تي ڪم ڪرڻ واري عمل کي نندڻ سبب اهڙن معاملن تي باضابطه ڪم ٿي ڪونه سگھيو آهي.
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ان نڪتي تي لکيو آهي ته: ”… روزاني ڳالهه ٻولهه ۾ مون گھڻيئي دفعا مَردن جي واتان ٻڌو آهي: ويندَم، چوندَم، ڪندَم. اتي درست روپ آهي ويندُس، چوَندُس، ڪندُس. ممڪن آهي ته گھڻين غلطين جو سبب لکاوٽ ۾ لفظن تي اعرابون (زير، زبر، پيش وغيره) نه لڳائڻ آهي.“ (جيٽلي، 2014: 7- 31)
    مقصد ته ڊاڪٽر جيٽلي جي راءِ آهي ته: ’چوندَم‘ جي جڳهه تي ’چوندُس‘ ڪم آڻڻ گھرجي. ان راءِ مان ٻه معاملا سامهون اچن ٿا: هڪ: ضميري پڇاڙي ’م‘ جي بدران ’س‘ ڪم آڻجي؛ ٻيو: ماقبل آخر وينجن (Second last consonant) جو سُر (vowel) مذڪر ۽ مؤنث جي نسبت ڪم آڻڻ گهرجي.
    سنڌي ٻوليءَ جي صرفي توڻي نحوي بناوت ۾ لفظن جي آخري سُر جي وڏي اهميت هوندي آهي. آخري سُرن ۾ به، ٽن قسم جي سُرن (ڊگھن، دهرن ۽ ڇوٽن) مان خاص طور ڇوٽي سُر جي نفاست ۽ نزاڪت کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته، ڊگھن سُرن تي صرفي يا نحوي بناوت جو مدار، اردو يا هندستاني ٻولين ۾ به نوٽ ڪيو ويو آهي. ليڪن ڇوٽن سُرن تي صرفي ۽ نحوي بناوت جو مدار، سنڌي ٻوليءَ جي خاص مزاج ۾ شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﮨـجن موجب اها ڳالهه مسّلَم آهي ته مؤنث- مذڪر، واحد- جمع ۽ اسم جي فاعلي- مفعولي حالت ڇوٽي سُر تي منحصر هوندي آهي.
    عام طور اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته: ’سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لفظن جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي‘؛ جنـﮬـن سبب، معياري لهجي موجب ’ماقبل آخر وينجن‘ (Second last consonant) جي ڇوٽي سُر (Short vowel) جي اهميت تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. جنهن صورت ۾ مذڪر- مؤنث جي تبديلي ڇوٽي سُر سان واقع ٿئي ٿي، ان صورت ۾ جيڪڏهن ان بعد ڪو وينجن اچي ٿو ته اهو ساڪن بيهي ٿو/ بيهندو. يعني ماقبل آخري وينجن تي اعراب جي احتياط سبب، آخري وينجن ساڪن ئي رهندو آهي. راقم پاران، آخري ڇوٽي سُر تي مبني سنڌي ٻوليءَ جي ’واحد- جمع‘، ’مذڪر- مؤنث‘ ۽ فاعلي- مفعولي صورت جو تفصيلي صوتياتي اڀياس ۽ ماقبل وينجن تي اعراب سبب آخري وينجن ساڪن جو تصور، لئنگويج اٿارٽي پاران ڇپجندڙ ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي جرنل ۾ ڪيو ويو آهي. (جوکيو، 2011: 42- 95)
    اڪثر ٻولين ۾ ماقبل آخري (Second lastt) وينجن/ اکر جي سُر آواز کي وياڪرڻ ۾ اهميت هوندي آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ماقبل آخري (Second last) سُر آواز کي ڪنـﻫـن حد تي اهميت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جو ان حوالي سان ڪو خاطر خواه ڪم سامهون نه ٿو اچي، ان جي سببن ۾ وچولي لـﻫـجي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ لاڙي لـﻫـجي جي اثر هيٺ هوندڙ حيدرآبادي لـﻫـجي کي ٻوليءَ جو معياري لـﻫـجي جو شرف حاصل هجڻ آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ماقبل آخري وينجن جي ڇوٽي سُر جي تبديليءَ کي هيٺين لفظن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي:
    مان خط لکندُس/ مان پڙهي سگھندُس. (مذڪر صورت ۾)
    مان خط لکندَس/ مان پڙهي سگھندَس. (مؤنث صورت ۾)
    حيدرآباد جي ڪافي مذڪر ماڻهن واتان مؤنث صورت ۾ ماقبل آخري (Second last) سُرُ ’زبر‘ سان ٻُڌو ويو آهي، جنهن کي لهجي جي سونهن ته چئي سگهجي ٿو، ليڪن معياري ٻوليءَ پٽاندر مناسب ناهي. ڪافي اسٽيج تي يا سنڌي ٽي. وي چينلن تي، مذڪر صورت ۾، اهو انداز ٻڌو ويو آهي ته: ”هاڻي آءٌ ---------- کي، پنـﻫـنجي خيالن جي اظـﻫـار لاءِ، اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندَس!“ يا ”آئُون قوم کي عرض ڪندَس ته هو هن ڏهاڙي کي پرڀور نموني ملـﻫـائڻ لاءِ يڪجا ٿين!“ وغيره.
    ماقبل آخري (Second lastt) وينجن واري سُر جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”مون کي پنجاه کن سالن جي عمر جا اهڙا سنڌي مرد نظر آيا آهن، جيڪي عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنـﻫـنجي جنس مؤنث جي فعلن جو استعمال پيا ڪندا آهن؛ جيئن: ته: مان ويندَس (مان ويندُس)، مان ڪندَسِ (مان ڪندُس). انبُ کاڌَم (انب کاڌُمِ)، پاڻي پيتَم (پاڻي پيتُم).“ (جيٽلي، 2009: 23- 32)
    ڊاڪٽر جيٽلي ساڳئي معاملي لاءِ لکيو آهي: ”اسمن، فعلن ۽ حرف جر سان ضميري پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. انهن جو واهپو هاڻي ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ مان گھڻو گھٽ ٿي ويو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اِن جو غلط استعمال پڻ ڪيو پيو وڃي. خاص طور ’سندو‘ سان ضميري پڇاڙيءَ جو غلط استعمال مون کي وڏن وڏن ليکڪن جي رچنائن ۾ به نظر آيو آهي. ان جي پوري ڄاڻ اڄ ڪالهه سنڌي پاڙهيندڙ ماسترن کي به نه رهي آهي. ڪجھ مثال ڏسو:
    سندَس پٽُ آيو آهي. (درست آهي- سندُس پٽُ آيو آهي).
    سندس کي (هُن کي)، سندس جو (هُن جو)، سندسِ وٽ (هُن وٽ) جـﻫـڙا غلط پريوڳ ڳالهائڻ ۾ توڙي لکڻ ۾ گھڻي قدر واهپي ۾ اچي ويا آهن.“ (جيٽلي، 2009: 23- 32)
    ڊاڪٽر جيٽلي ساڳئي نڪتي تي ٻئي هڪ پيپر ۾ لکيو آهي ته: ” ’سندو‘ جو گردان ايترو ته منجهائيندڙ آهي جو روزاني گفتگوءَ ۾ خود مادري زبان سنڌيءَ وارا پڻ انهيءَ ۾ غلطيون پيا ڪن. مون کي ته مشهور اديبن جي لکڻين ۾ پڻ انهيءَ جو غلط استعمال نظر آيو آهي، جيئن ته:
    سندَسِ: هن جو، جو
    سندَسِ وٽ: هن وٽ
    سندس وٽان: هُن جي وٽان
    سندس کان: هن جي کان
    سندس جي ڌيءُ: هن جي ڌيءُ “ (جيٽلي، 2014: 7- 31)
    مسئلي مان اخذ ٿيندڙ سوال
    عام رواجي ٻوليءَ موجب ڊاڪٽر جيٽلي جو چوَڻ آهي ته: ويندَم، چوندَم، ڪندَم جو درست روپ ويندُس، چوندُس، ڪندُس آهي. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ويندَم جو مذڪر ويندُم ٿيندو يا ويندُس؟
    ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ ويندُم يا ويندُس لفظن ۾ ڪم آندل ’م‘ يا ’س‘ ضميري پڇاڙيون الڳ ضمير- متڪلّم ۽ غائب- سان ليکيون وينديون يا مختلف لهجي (Dialect) آهر ساڳئي متڪلّم ضمير جون نشانيون آهن؟
    سنڌي ٻوليءَ جي نسبت، جنهن صورت ۾ ڪنهن لفظ جي ماقبل آخري وينجن جي سُر تي مذڪر- مؤنث واري ڇوٽي سُر جو احتياط ڪجي ٿو ته پوءِ آخري وينجن متحرڪ ٿيندو يا ساڪن بيهندو؟
    سوالن جي روشنيءَ ۾ اخذ ٿيندڙ ٻن نڪتن جو اصولي اڀياس
    ڊاڪٽر جيٽلي جو ٻوليءَ ۽ ان جي صورتخطيءَ جي معاملي ۾ ڏنل راين تحت هيٺيان ٻه اهم معاملا نڪري نروار ٿين ٿا:
    ضميري پڇاڙيون: ’م‘ متڪلّم ۽ ’س‘ غائب طور ڪم اچڻ
    ماقبل وينجن جي اعراب مٽائڻ سبب آخري وينجن ساڪن ٿيڻ

    ضميري پڇاڙيون: ’م‘ متڪلّم ۽ ’س‘ غائب طور ڪم اچڻ
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ضمير خالص جي جز: گڏيل/ متّصل ضمير جي عنوان ۾ لکي ٿو ته: ”گڏيل/ متّصل ضمير (Bound Pronouns) جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهڙي نرالي خاصيت آهي، جيڪا ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين گھڻين ٻولين ۾ نظر نه ٿي اچي. ڪشميري ٻولي جيڪا داردڪ ٻولين جي سٿ مان آهي، انهيءَ ۾ فعلن جي پٺيان پڇاڙين جي صورت ۾ ضميرن کي گڏي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح لهندا (سرائڪي يا ملتاني) ۾ به اسمن ۽ فعلن سان پڇاڙين جي صورت ۾ گڏيل ضمير ڪتب اچن ٿا؛ پر سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جو استعمال وڌيڪ وسيع آهي. سنڌيءَ ۾ گڏيل ضمير فعلن، اسمن ۽ حرف جر جي پٺيان پڇاڙيءَ جي صورت ۾ گڏي استعمال ڪبا آهن. مثال طور:
    فعل: ماريُمِ = مون ماريو
    ماريائِينس = هُن، هُن کي ماريو
    اسم: پُٽسِ = هُن جو پُٽ
    پُٽس کي سڏ ڪر = هُن جي پُٽ کي سڏ ڪر
    حرف جر: کيس = هن کي
    کين = هُنن کي
    سَندُسِ = هُن سندو/ هن جو“ (جيٽلي، 2014: 66- 80)
    ڄاڻايل ڊاڪٽر جيٽلي جي حوالي ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ ضميري پڇاڙيون ڪم آنديون ويون آهن، جيڪي ’فعل، اسم ۽ حرف جر‘ ۾ ڪم اينديون آهن/ اچي سگهن ٿيون.
    ’م‘ ۽ ’س‘ ضميري پڇاڙين جي نسبت محبوب علي جوکئي مرحوم پنهنجي ڪتاب ’مهراڻ سنڌي گرامر‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”نوٽ: ضمير خالص جا ٽي قسم بيان ڪيا ويا آهن. اهي ضمير جملي ۾ چٽا پٽا هوندا آهن ۽ انهن کي تنـﻫـنڪري، ضمير مفصل چئبو آهي؛ پر جيڪڏهن انهن جون نشانيون ڪم آندل هجن، ته پوءِ انهن کي ضمير متصل ڪوٺبو آهي. اهي ضميري نشانيون ڪوٺبيون آهن، جيڪي اسمن ۽ فعلن سان استعمال ٿينديون آهن. مثال:
    (اسم): پٽم معنى منـﻫـنجو پٽ. ’م‘ نشاني ضمير ’منـﻫـنجو‘ کي ظاهر ڪري ٿي.
    (اسم): پٽس معنى هن جو پٽ، ’س‘ نشاني ’هن جو‘ ضمير کي ظاهر ڪري ٿي.
    (اسم) پٽهين معنى تنـﻫـنجو پٽ، ’هِن‘ نشاني ضمير ’تنـﻫـنجو‘ کي ظاهر ڪري ٿي.
    (فعل) هُيم معنى آءٌ هيس، ’م‘ ضمير آءٌ کي ظاهر ڪري ٿي
    (فعل) هئاسون معنى اسين هئاسون، ’سون‘ نشاني ضمير ’اسان‘ کي ظاهر ڪري ٿي.
    (فعل) هيس معنى آءٌ هوس، ’س‘ نشاني ’آءٌ‘ ضمير کي ظاهر ڪري ٿي.
    (حرف جر) وٽم معنى مون وٽ، وٽس معنى هن وٽ وغيره.“ (محبوب، 1979: 14- 15)
    ڊاڪٽر جيٽلي ۽ جوکئي مرحوم جي ڄاڻايل مثالن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته: ’م‘ پڇاڙي ضمير متڪلم طور ڪم اچي ٿي جڏهن ته ’س‘ پڇاڙي ضمير غائب طور ڪم آندي وڃي ٿي.
    حقيقت ۾ هن نڪتي تي تفصيلي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ليڪن هت صرف چند لفظن ۾ مذڪوره ضميري پڇاڙين جي علمي ڇنڊ ڇاڻ ۽ معيار مقصود آهي. ضميري پڇاڙين ’س ۽ م‘ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جو هي اشارو وڌيڪ وزن رکي ٿو ته: ”اسم ۽ ظرف ۾ لڳندڙ ضميري پڇاڙيون هن ريت آهن:
    واحد: ضمير متڪلّم- م، جمع: اُون يا هُون
    واحد: ضمير غائب- س، جمع: نِ ۽ نَ “ (ٽرمپ، 2011: 163)
    عام طور اسان جي ٻوليءَ جي لـﮬـجن ۾ اهڙين ضميري پڇاڙين جو فرق محسوس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جي اشاري مان واضح طور تي اهو ئي معلوم ٿيو ته ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر ضمير متڪلّم جي صورت ۾ ’م- ضميري پڇاڙي‘ ۽ ضمير غائب جي صورت ۾ ’س- ضميري پڇاڙيءَ‘ جو استعمال ڪرڻ گھرجي؛ ٻي صورت ۾ جملي جي مونجھاري واري امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگھجي.
    عام طور تي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق اهو طئه آهي ته هر لفظ جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي؛ ليڪن مذڪوره ضميري پڇاڙيون ٻوليءَ جي مزاج مطابق ساڪن رهنديون آهن، ۽ هنن جي ماقبل آخري سُر تي مؤنث- مذڪر جو انحصار ٿيندو آهي- اهو هڪ الڳ بحث آهي.
    ضميري پڇاڙين جي استعمال جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ته: ”ضميري پڇاڙي ۾ لاڙ ۾ ’س‘ ۽ اتر ۾ ’م‘ جو فرق موجود آهي. ساڳي وقت اچار ۾ به فرق موجود آهي. مثال:
    لاڙي اترادي
    ويندس ويندم
    موڪليندس موڪليندم
    موڪليندوسانس موڪليندومانس
    کائيندس کائيندم.“ (غفور، 2011: 174- 179)

    ڊاڪٽر غفور صاحب جي ڄاڻايل مثالن ۾ ’ويندس/ ويندم‘ ۽ ’کائيندس/ کائيندم‘ ۾ لاڙي مثالن موجب ٻن مرادن جو امڪان رهي ٿو؛ جيئن:
    ڄاڻايل مثال: ويندس. پهرين وضاحت: هو، هن ڏانـﮨـن ويندو. ٻي وضاحت: مان/ آءٌ ويندس.
    ڄاڻايل مثال: کائيندس. پـﮨـرين وضاحت: هو، هن جو (ڀتُ) کائيندو. ٻي وضاحت: مان/ آءٌ کائيندس.

    جڏهن ته اترادي مثالن ۾ اهڙي قسم جي لچڪ ظاهر نه ٿي ٿئي.
    ڄاڻايل مثال: ويندم. پـﮨـرين وضاحت: مان ويندس. ٻي وضاحت: …
    ڄاڻايل مثال: کائيندم. پهرين وضاحت: مان کائيندس. ٻي وضاحت: …

    اترادي مثالن ۾ لچڪ نه ٿي رهي، جڏهن ته لاڙي مثالن ۾ ’ضمير‘ جو استعمال ئي واضح ڪري سگھي ٿو ته ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جي ڪـﮨـڙي مراد آهي. ان حالت ۾ جيڪڏهن جملي جو درست تصور ڏيڻو آهي ته هيٺيون صورتون بيـﮨـاري سگھجن ٿيون:
    جملو: مان ويندس.
    جملي جو اختصار: ويندم.

    ضميري پڇاڙين جي حوالي سان ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب جو ڪم بيشڪ ساراهڻ جوڳو آهي، جنـﮨـن ٻنهي جي استعمال ۾ فرق ڏيکاريو آهي؛ سندس ٻه- اڍائي جملا نوٽ ڪجن ٿا: ” ’م‘ پڇاڙي معياري لـﮨـجي ۾ ضمير متڪلم لاءِ ڪم ايندي آهي، اترادي لـﮨـجي ۾ پڻ ساڳيا فعل ’م‘ پڇاڙيءَ سان ڪم ايندا آهن. ’س‘ پڇاڙي معياري لـﮨـجي ۾ ضمير غائب واحد لاءِ ڪم اچي ٿي، ان جي جاءِ تي اتراديءَ ۾ ’هنس‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي.“
    (هدايت، 1995: 53- 54)
    ضميري پڇاڙين: ’م‘ ۽ ’س‘ جي وياڪرڻي اکيڙ
    وياڪرڻي اصولن موجب ڄاڻايل ضميري پڇاڙيون، ضمير متڪلم ۽ غائب طور زمان ماضيءَ ۽ مستقبل جي جملن ۾ ڪم آنديون وينديون آهن. جڏهن ته ساڳيا آواز ضمير متّصل طور پڻ ڪم آندا ويندا آهن، ٻنهي حالتن جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ ضرور آهي، ليڪن وياڪرڻي حيثيت الڳ الڳ بيـﮨـي ٿي؛ جيئن:
    ضمير متّصل طور استعمال:
    سندم/ پڻـﮨـم = منـﮨـنجو/ منـﮨـنجو پيءُ (حرف اضافت سان- واحد صورت ۾)
    سندس/ پڻـﮨـس = هن جو/ هن جو پيءُ (حرف اضافت سان- واحد صورت ۾)
    سندن/ پڻـﮨـن = هنن جو/ هنن جو پيءُ (حرف اضافت سان- جمع صورت ۾)
    زمان مستقبل جي جملن ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال:
    خط لکندُس. (ضمير متڪلِّم- واحد- مذڪر - زمان مستقبل)
    خط لکندَس. (ضمير متڪلِّم- واحد- مؤنث - زمان مستقبل)
    خط لکندُم. (ضمير متڪلِّم- واحد- مذڪر - زمان مستقبل)
    خط لکندَم. (ضمير متڪلِّم- واحد- مؤنث - زمان مستقبل)
    زمان ماضيءَ جي جملن ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال:
    خط ڏٺُس. {ضمير غائب- واحد- مذڪر- زمان ماضي. (هن ڏٺو)}
    خط ڏٺَس. {ضمير غائب- واحد- مؤنث- زمان ماضي. (هن ڏٺو)}
    خط لکيُس. {ضمير غائب- واحد- مذڪر- زمان ماضي. (هن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
    خط لکيَس. {ضمير غائب- واحد- مؤنث - زمان ماضي. (هن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
    خط لکيُن. {ضمير غائب- جمع- مذڪر- زمان ماضي. (هنن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
    خط لکيَن. {ضمير غائب- جمع- مؤنث- زمان ماضي. (هنن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
    خط لکيُم. (ضمير متڪلِّم- واحد- مذڪر- زمان ماضي)
    خط لکيَم. (ضمير متڪلِّم- واحد- مؤنث- زمان ماضي)
    مٿين جملن جي ڇيد بعد اهڙا ’فعل‘ به ملن ٿا، جيڪي ضميري مفـﮨـوم نه ٿا مٽائن، البته مونجھاري جو امڪان آهي:
    لاڙي/ حيدرآبادي: مذڪر: شاگرد هيُس. مؤنث: شاگردِ/ شاگردياڻي هيَس.
    اترادي لـﮨـجي موجب: مذڪر: شاگرد هيُم. مؤنث: شاگردِ/ شاگردياڻي هيَم.
    مٿئين ضميري پڇاڙين جي مختصر اڀياس بعد اهو ڏٺو ويو آهي ته فعل جي ڪن صورتن ۾ معنوي فرق ٿئي ٿو، ڪن ۾ نه ٿو ٿئي؛ ان پيچيده مسئلي جي انتـﮨـائي مختصر، فعل جي وصف جي بنياد تي، صورتن جي جاچ ڪجي ٿي:
    فعل جي وصف: ڪنـﮨـن جملي مان ڪم جي هئڻ، ٿيڻ، ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ پوڻ جي معنى نڪري ان کي فعل چئجي.
    فعل جي جزن مان ٻن قسمن جا فعل سامهون اچن ٿا:
    معاون فعل: هئڻ ۽ ٿيڻ؛
    باقاعده فعل: ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ پوڻ.
    هيٺ ٻوليءَ جي نسبت چند جملا ڏجن ٿا، جن ۾ فاعل کي ڳجھو رکيو ويو آهي، ته جيئن ضميري پڇاڙيءَ جو تصور ظاهر ٿي سگھي:
    زمان مستقبل موجب: (فعل هئڻ) ’س‘ پڇاڙي
    مذڪر: سگھارو هوندُس.، مؤنث: سگھاري هوندَس.
    امڪاني وضاحت: 1. هن جو سگھارو هوندو. (ذ)، 22. مان سگھارو هوندس. (ذ)
    زمان مستقبل موجب: (فعل هئڻ) ’م‘ پڇاڙي
    مذڪر: سگھارو هوندُم. مؤنث: سگھاري هوندَم.
    امڪاني وضاحت: مان سگھارو هوندس.

    زمان مستقبل موجب: (فعل ٿيڻ) ’س‘ پڇاڙي
    مذڪر: سوڀارو ٿيندُس. مؤنث: سوڀاري ٿيندَس.
    امڪاني وضاحت: 1. هو، هن تي سوڀارو ٿيندو. (ذ). 22. مان سوڀارو ٿيندس. (ذ)
    زمان مستقبل موجب: (فعل ٿيڻ) ’م‘ پڇاڙي
    مذڪر: سوڀارو ٿيندُم. مؤنث: سوڀاري ٿيندَم.
    امڪاني وضاحت: مان سوڀارو ٿيندس.

    زمان مستقبل موجب: (فعل ڪرڻ) ’س‘ پڇاڙي
    مذڪر: خط پڙهندُس. مؤنث: خط پڙهندَس.
    امڪاني وضاحت: 1. هو، هن جو خط پڙهندو. (ذ). 22. مان خط پڙهندس. (ذ)
    زمان مستقبل موجب: (فعل ڪرڻ) ’م‘ پڇاڙي
    مذڪر: خط پڙهندُم. مؤنث: خط پڙهندَم.
    امڪاني وضاحت: مان خط پڙهندم.

    زمان مستقبل موجب: (فعل سهڻ) ’س‘ پڇاڙي
    مذڪر: ڪتابُ پڙهائيندُس. مؤنث: ڪتاب پڙهائيندَس.
    امڪاني وضاحت: 1. هو، هن کي ڪتاب پڙهائيندو. (ذ). 22. مان ڪتاب پڙهائيندس. (ذ)
    زمان مستقبل موجب: (فعل سهڻ) ’م‘ پڇاڙي
    مذڪر: ڪتابُ پڙهائيندُم. مؤنث: ڪتاب پڙهائيندَم.
    امڪاني وضاحت: مان ڪتاب پڙهائيندس

    زمان مستقبل موجب: (فعل پوڻ) ’س‘ پڇاڙي
    مذڪر: شرم پوندُس.. مؤنث: شرم پوندَس
    امڪاني وضاحت: 1. هن کي شرم پوندو (ذ).
    زمان مستقبل موجب: (فعل پوَڻ) ’م‘ پڇاڙي
    مذڪر: شرم پوندُم. مؤنث: شرم پوندَم.
    امڪاني وضاحت: مون کي شرم پوندو.

    مٿيان زمان مستقبل جا انتـﮨـائي مختصر جملا ’س‘ ۽ ’م‘ پڇاڙين سان تقابلي رکيا ويا، جنـﮨـن مان اهو واضح ٿيو ته فعل جي جزن مان ’پوڻ‘ واري جزي ۾ مذڪوره ضميري پڇاڙيون معنوي فرق رکن ٿيون؛ ٻي صورت ۾ زمان مستقبل پٽاندر فعل جا جزا ’هئڻ، ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ ٿيڻ‘ ۾ مذڪوره ضميري پڇاڙيون ’بدل‘ طور ڪم اچن ٿيون؛ ليڪن انهن ۾ علمي طور مونجھارو پيش ضرور اچي ٿو. جڏهن ته ’م‘ جي پڇاڙيءَ ۾ لچڪ ڪانهي. ان صورت ۾ ضمير متڪلّم لاءِ ڪنـﮨـن فعل جي آخر ۾ ’م‘ ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال ٻوليءَ لاءِ بـﮨـتر ڄاڻڻ گھرجي. بـﮨـرحال هي ٻوليءَ جو هڪ پيچيده معاملو آهي، جنـﮨـن تي باضابطه طور ڪم ٿيڻ گھرجي.
    زمان ماضيءَ موجب: ساڳئي نموني زمان ماضيءَ جا مثال جاچي سگھجن ٿا.

    زمان مستقبل توڻي زمان ماضيءَ موجب، فعل جي ’هئڻ ۽ ٿيڻ‘ واري جزي ۾ ’س‘ ۽ ’م‘ ضميري پڇاڙين سان مونجھارو ضرور ٿئي ٿو ليڪن ڪو خاص فرق نه ٿو پوي؛ البته، فعل جي ’ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ پوَڻ‘ واري جزي ۾ ’س‘ ۽ ’م‘ ضميري پڇاڙين ۾ معنوي فرق ظاهر ٿئي ٿو. ان صورت ۾ لـﮨـجاتي فرق ۾ ٿيندڙ فرق موجب ’م‘ ۽ ’س‘ جي ضميري پڇاڙين کي صرف هڪٻئي جو بدل ڄاڻائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي؛ ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ضميري پڇاڙيون ترتيبوار ضمير متڪلّم ۽ غائب جي نمائندگي ڪن ٿيون.
    وچولي لـﮨـجي (ساهتي لـﮨـجي) پٽاندر مذڪوره ٻئي پڇاڙيون جملن جي نزاڪت سان ڪم آنديون وينديون آهن؛ چند جملا تقابلي رکجن ٿا، جن مان ڪي ته منجھيل پڻ لڳندا آهن:
    ٻوليءَ جي مزاج مطابق: ٻڪرُ کاڌُم. (مون ٻڪرُ کاڌو)؛ ٻڪري کاڌَم. (مون ٻڪري کاڌي)
    جملي جي ٻي صورت: ٻڪرُ کاڌُس. {هن ٻڪر کاڌو(منجهيل جملو)}؛ ٻڪري کاڌَس. (هن، هن جي ٻڪري کاڌي)
    ٻوليءَ جي مزاج مطابق: ٻڪرَ کاڌَم. (مون ڪافي ٻڪرَ کاڌا)؛ ٻڪريءَ کاڌُم. (مون کي ٻڪريءَ چڪُ پاتو)
    جملي جي ٻي صورت: ٻڪرَ کاڌَس. (هن کي هڪ ٻڪرَ چڪُ پاتو)؛ ٻڪريءَ کاڌُس. (هن کي ٻڪريءَ چڪُ پاتو)

    مٿين جملن ۾ ’ٻڪرُ کاڌُم/ ٻڪرُ کاڌُس‘ مان ’ٻڪرُ کاڌُم‘ کي ئي درست چئي سگھجي ٿو، جڏهن ته ’ٻڪرُکاڌُس‘ جملو ئي منجھيل آهي. ٻئي خاني جي جملي ۾ ’ٻڪرَ کاڌَم/ ٻڪرَ کاڌَس‘ مان ٻنهي جملن جي مراد ئي الڳ ٿي وڃي ٿي. آگاهي رهي ته اهڙي ڇنڊ ڇاڻ جو بنياد وچولي لـﮨـجي (ساهتي لـﮨـجي) تي رکيو ويو آهي.
    ضميري پڇاڙين: ’م‘ ۽ ’س‘ جو انتهائي مختصر جائزو
    شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙين: ’م‘ ۽ ’س‘ جو جائزو
    شاه عبداللطيف ڀٽائي بيشڪ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم فڪري شاعر آهي، ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ئي ناهي؛ ليڪن لهجي آهر، سندس ٻولي لاڙي آهي ۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته سندس رسالي ۾ مڙني لهجن جي نمائندگي آهي. مبادا، اهڙي ڳالهه ڪافي محدود سوچ رکندڙن کي ڏکي لڳي، ليڪن معذرت سان، سندس شاعريءَ ۾ پڻ ’م‘ ۽ ’س‘ پڇاڙين جو جائزو وٺي سگهجي ٿو؛ سندس هڪ بيت آهي:
    اڳي ايئن هياس، جئن پنهون ڌوتَم ڪپڙا،
    هاڻي ايئن ٿياس، جئن جت نه نينِم پاڻ سين. (سر حسيني)

    ڪوهيارو ڪيڻان، ڪيڻ وڃي، ڪاڏي وڃان،
    مون ڀانيو سيڻان، ڇپر ڪنديَس پنڌڙا. (سر حسيني)
    (قاضي، 1993: 568)
    سسئي سڄيائي سڪَ، ته پڻ سِڪي سڪ کي،
    سَڄُئي پيتائين پُنوهَ کي، هَي نه ڀڳيَس هڪَ،
    ان تـــڙ مــــنجهان تــــڪَ، ڏني اُڃ نه لهـــي. (سر آبڙي)
    (ٻانهون، 2012: 8)
    مُٺيس جهل مهار، ڪُٺيَس ڪاههِ مَ ڪرهو،
    مون نماڻيءَ جي نجهري، ڀـــــيرو ڪر ڀتار،
    ساجــــن تهان ڌار، ڏٺُـــم ڏينـــهن قـــيام جو. (سر ديسي)
    (ٻانهون، 2012: 125)
    شاه لطيفؒ جا چند بيت خيال خاطر رکيا ويا آهن. سندس بيتن ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ پڇاڙين جو استعمال گڏيل طور نوٽ ڪري سگهجي ٿو:

    پهرئين بيت ۾ ڪم آندل لفظ ۽ انهن جو ڇيد:
    هياس: ’س‘ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    ڌوتَم: ’م‘ ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    ٿياس: ’س‘ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    نينِم: ’م‘ ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    هن بيت ۾ چار ضميري پڇاڙيون، ٻه ’س‘ ۽ ٻه ’م‘ ڪم آنديون ويون آهن، ليڪن سڀني کي متڪلّم مؤنث طور رکيو ويو آهي.

    ٻئين بيت ۾ ڪم آندل لفظ ۽ انهن جو ڇيد:
    ڪنديَس: ’س‘ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    لاڙي لهجي موجب، ائين ئي ڳالهائي ويندي آهي ۽ صورتخطيءَ موجب، مؤنث ۾ ماقبل آخر وٽ ’د‘ تي زبر بجاءِ، ’ي‘ جو اضافو ڪري ان تي ڏني ويندي آهي. جڏهن ته مذڪر جي صورت ۾ ’ڪندَس‘ يعني ’د‘ تي زبر ڪم آندي ويندي آهي.

    ٽئين بيت ۾ ڪم آندل لفظ ۽ انهن جو ڇيد:
    ڀڳيَس: ’س‘ضميري پڇاڙي، ضمير غائب جي صورت ۾
    هن بيت ۾ ساڳي پڇاڙي، ضمير غائب مؤنث طور ڪم آندي وئي آهي.

    چوٿين بيت ۾ ڪم آندل لفظ ۽ انهن جو ڇيد:
    مُٺيَس: ’س‘ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    ڪُٺيَس: ’س‘ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    ڏٺُم: ’س‘ضميري پڇاڙي، متڪلم جي صورت ۾
    هن بيت ۾ ٻه ’س‘ ۽ هڪ ’م‘ ضميري پڇاڙيون ڪم آنديون ويون آهن، ليڪن هتي به ٽنهي کان متڪلم مؤنث طور ڪم ورتو ويو آهي. البت، ’ڏٺُم‘ لفظ ۾ ماقبل آخري وينجن وارو پيش مذڪر ٿيندو آهي، ليڪن هتي مؤنث طور آيل آهي.
    شاه سائينءَ جي شاعريءَ کي مختلف شارحن پنهنجي رخن سان ڪم ڪيو آهي، ان لاءِ ڪا حتمي راءِ نه ٿي جوڙي سگهجي؛ ليڪن جڏهن مذڪوره پڇاڙين جو جائزو وٺجي ٿو ته ٻه نڪتا سامهون اچن ٿا:
    ضميري پڇاڙيون: ’م‘ ۽ ’س‘ ٻنهي جو استعمال ڪيل آهي جيڪي متڪلّم جي صورت ۾ ڄاڻايل آهي؛
    ضميري پڇاڙي: ’س‘ متڪلّم ۽ غائب ٻنهي لاءِ ڪم آندي وئي آهي.
    ان مان اهو خيال جڙي ٿو ته شاه سائين جي ٻوليءَ ۾ اترادي توڻي لاڙي ٻنهي لهجن جي نمائندگي ڪيل آهي، البت ’س‘ پڇاڙيءَ کي ٻنهي متڪلّم توڻي غائب ۾ ڪم آڻڻ، معياري لهجي موجب مناسب ناهي؛ پوءِ ان ۾ شارحن جون امڪاني ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون.

    شيخ اياز جي ’نثر‘ توڻي ’نظم‘ ۾ ضميري پڇاڙين: ’م‘ ۽ ’س‘ جو جائزو
    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جڏهن مذڪوره ضميري پڇاڙين جو اڀياس ڪجي ٿو ته ٻنهي جو استعمال ملي ٿو، اڃا به ائين کڻي چئجي ته سندس تخليق ۾ ضميري پڇاڙيءَ: ’س‘ جو استعمال ڪي قدر وڌيڪ آهي. ان صورت ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته شيخ اياز بنيادي طور تي ته اترادي لهجي (Dialect) جو ماڻهو آهي، ليڪن سندس ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي وڏن لـﮬـجن جو اثر رهيو آهي؛ يا ائين کڻي چئجي ته شيخ اياز جي شاعري به مڙني لـﮬـجن جي نمائندگي ڪري ٿي. ليڪن اها ڳالهه ضرور آهي ته سندس ٻوليءَ ۾ جتي ’س‘ جي ضميري پڇاڙي ڪم آندي وئي آهي، اتي ’مان‘ ضمير جو استعمال لازمي ڪيو اٿس. جنـﮬـن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته شيخ اياز ’س‘ جي ضميري پڇاڙيءَ کي معياري ٻوليءَ موجب ’ضمير متڪلم‘ جي نشانيءَ طور مڃڻ کان احتياط ڪري ٿو. ان بنياد تي اهو ئي نتيجو نڪري ٿو ته ’م ۽ س‘ ضميري پڇاڙين جي معاملي ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي ٻولي معيار جي لحاظ کان معياري آهي. هيٺ سندس ڄاڻايل سٽن مان مثال خيال خاطر رکجن ٿا:

    ’راڄ گھاٽ تي چنڊ‘ مان هڪ بيت:
    اچــــين ٿو اوٺارَ، جھُــوڙا سڀ جھِمـڪن پـيا،
    تڪي تنـﮬـنجا پارَ، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون.
    (اياز، 1987: 13)
    ٻئي هنڌ هڪ نظم ۾ چيو اٿس:
    ڪيڏو دور رهان ٿي توکان ٻيءَ ڪنـﮬـن دنيا ۾،
    مان جي هاڻي ايندَس تو وٽ رهندَس مان ڇا ۾؟
    (اياز، 1987: 179)
    چند مثال ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘ مان:
    ”مان تنـﮬـنجي مُئي کان پوءِ به توسان هوندَس،‘
    شاعريءَ مرڪندي چيو، ’تون مون ۾ جيئرو هوندين.“
    (اياز، 1991: 23)
    ’مان حيدرآباد ۾ هوٽل ’اوريئنٽ‘ ۾ ويٺو هوس، ته هو اوچتو مون ڏانهن آيو ۽ مون کي کيڪر ڪري منـﮬـنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويـﮬـي رهيو. ڪرسي تي ويـﮬـڻ کان اڳ هن نٽ هئسمن جو ڪتاب ’هنگر‘ (بک) ور مان ڪڍي ميز تي رکيو ۽ انهيءَ اداڪار وانگر، جنـﮬـن کي پوري ناٽڪ ۾ فقط هڪ ئي جملو چوِڻو هوندو آهي، يڪدم چيائين، ”اڄ ئي خريد ڪيو اٿم، اڃان پڙهي نه سگهيو آهيان.“ (اياز، 1991: 24)
    ”مان سنڌيءَ جي چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس، ته هڪ ڏينـﮬـن اسڪول جي هيڊ ماستر سڀني شاگردن کي چيو ته جيڪو شاگرد مختلف پکين جا گھڻي ۾ گھڻا پَر ڪٺا ڪري، ڦڙڪي تي چنبڙائي، پَرن هيٺان پکين جا نالا لکي ايندو، ان کي انعام ڏنو ويندو. ان ڪري مان ڪجھ ڏينـﮬـن شڪارپور جا باغ چِڪاريندو وتيو هوس ۽ طوطن، ڪبوترن، هيڙهن، هُد هدن، چيـﮬـن، ڪاٺ ڪُٽن وغيره جا ڪيئي رنگا رنگ پَر ڪٺا ڪيا هيم. اهي پکي جن جا اهي پَر آهن، پنـﮬـنجيون ٻولڙيون ٻولي، ڪيڏانـﮬـن اڏامي ويا؟ “ (اياز، 1991: 37)
    واٽون ڦلن ڇانئيون مان چند مثال:
    هميشہ تو سان،
    تارن ڀري راتڙي،
    هُوندس، هوندس مان. (اياز، 1991: 173)
    تون جتي به هوندينءَ، اتي مان تو وٽ هوندس،
    مان تو ۾ آهيان ۽ اتي ٻي ڪنـﮬـن لاءِ جاءِ نه آهي، …
    جي تون ڪوئي ڪتاب پڙهندينءَ
    ته مان ان جي اکرن مان اڀري ايندس،
    ۽ جي منـﮬـنجي ڪويتا تنـﮬـنجي هَردي ۾ هُرندي رهندي،
    مان هير وانگر تنـﮬـنجيءَ دريءَ مان تو وٽ ايندس
    ۽ جي تون دري بند ڪري ڇڏيندينءَ،
    ته مان طوفان ٿي ايندس
    ۽ ان جا تاڪ ٽڪرا ڪري ڇڏيندس،
    ۽ مان توکي، تنـﮬـنجي جيون کي،
    تنـﮬـنجيءَ آتما کي ڌونڌاڙيندس! (اياز، 1991: 222)

    شيخ اياز جي شاعريءَ مان ضميري پڇاڙين ’م ۽ س‘ جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو، جنـﮬـن بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته اياز ضميري پڇاڙين ۾ ’م ۽ س‘ ٻنهي جو استعمال ڪيو آهي، اهڙي ڇنڊڇاڻ هيٺ ڏجي ٿي:
    ’م‘ ضميري پڇاڙي متڪلم طور (مان کان سواءِ):
    تڪي تنـﮬـنجا پارَ، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون.
    اڄ ئي خريد ڪيو اٿم.
    طوطن، ڪبوترن، هيڙهن، هُد هدن، چيـﮬـن، ڪاٺ ڪُٽن وغيره جا ڪيئي رنگا رنگ پَر ڪَٺا ڪيا هيم.

    ’س‘ ضميري پڇاڙي متڪلم طور (مان سان گڏ)
    ’مان‘ جي هاڻي ايندَس تو وٽ ’رهندَس‘ مان ڇا ۾؟
    ’مان‘ تنـﮬـنجي مُئي کان پوءِ به توسان ’هوندَس‘،
    ’مان‘ حيدرآباد ۾ هوٽل ’اوريئنٽ‘ ۾ ويٺو ’هوس‘،
    ’مان‘ سنڌيءَ جي چوٿين درجي ۾ پڙهندو ’هوس‘،
    ’مان‘ ڪجھ ڏينـﮬـن شڪارپور جا باغ چِڪاريندو وتيو ’هوس‘
    ’هُوندس‘، هوندس ‘مان‘.
    اتي ’مان‘ تو وٽ ’هوندس‘،
    ته ’مان‘ ان جي اکرن مان اڀري ’ايندس‘،
    ’مان‘ هير وانگر تنـﮬـنجيءَ دريءَ مان تو وٽ ’ايندس‘
    ته ’مان‘ طوفان ٿي ايندس ۽ ان جا تاڪ ٽڪرا ڪري ’ڇڏيندس‘،
    ۽ ’مان‘ توکي، تنـﮬـنجي جيون کي، تنـﮬـنجيءَ آتما کي ’ڌونڌاڙيندس‘!

    مٿين مثالن مان ’م ۽ س‘ ضميري پڇاڙين جي استعمال جي سطح معلوم ڪري سگھجي ٿي، جنـﮬـن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ’س‘ ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال ’م‘ پڇاڙيءَ جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي آهي، ليڪن جتي ’س‘ پڇاڙيءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي اتي ضمير ’مان‘ جو استعمال ضرور ڄاتو اٿائين؛ ٻي صورت ۾ ’م‘ پڇاڙيءَ جي استعمال ۾ ضمير ’مان/ آءٌ‘ جي ضرورت پيش نه آئي اٿس.

    حاصل مطلب/ وضاحت
    حاصل مطلب: سنڌي ٻوليءَ جي مٿين مثالن ۽ لـﮬـجاتي فرق جي نسبت اهو واضح ٿيو ته معياري لهجي (Standard Dialect) موجب ’م‘ متڪلم ۽ ’س‘ غائب ضمير طور ڪم آڻڻ گھرجي، اهڙي راءِ ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم جي حوالن مان به واضح ملي ٿي؛ ليڪن جتي ’ضمير متڪلم‘ طور ’س‘ جو استعمال ٿئي ٿو ان هنڌ ٻوليءَ جي نسبت مونجھارو سامهون اچي ٿو. جنهن صورت ۾ شاه لطيف ۽ شيخ اياز جي ٻوليءَ جي جاچ ڪجي ٿي ته شاه لطيف وٽ مذڪوره ضميري پڇاڙيون بغير ڪنهن تفريق جي ڪم آندل آهن، جنهن مان اهو ئي خيال جڙي ٿو ته لطيف سائينءَ ٻنهي وڏن لهجن جي ٻوليءَ کي ڪم آندو آهي؛ البته، ٻنهي ضميري پڇاڙين جو استعمال ساڳي نسبت سان پيش ڪرڻ ڪارڻ جهول سامهون اچي ٿي، ان لاءِ شارحن کي ان تي ڪم ڪرڻ جي گھرج آهي. ٻئي پاسي شيخ اياز جي ٻوليءَ ۾ مذڪوره پڇاڙين جو باضابطه احتياط ڪيل آهي.
    اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته مذڪوره ضميري پڇاڙين مان ’م‘ متڪلم جو استعمال پختيءَ طرح فاعل کي واضح ڪري ٿو جنهن صورت ۾ هڪ لفظ به جملي جي صورت ۾ بيهي ٿو جيئن: ’لکيُم‘ (مون ڪجهه لکيو). ليڪن جڏهن هڪ لفظ ’لکيُس‘ چئبو يا لکبو ته مراد ٿيندي: ’هُن، هن ڏانهن ڪجهه لکيو‘. جنهن صورت ۾ ’لکيُس‘ کان متڪلم وارو ڪم وٺڻو آهي ان صورت ۾ ’مون لکيُس‘ (مون، هن ڏانهن ڪجهه لکيو) جو استعمال ڪرڻو پوندو. جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ’س‘ ضمير غائب جي پڇاڙي آهي.
    اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي هيءَ راءِ، بغير ڪنهن جملي جي، وچولي (ساهتي) لهجي آهر، مناسب نه ٿي رهي ته: ”روزاني ڳالهه ٻولهه ۾ مون گھڻيئي دفعا مَردن جي واتان ٻڌو آهي: ويندَم، چوندَم، ڪندَم. اتي درست روپ آهي ويندُس، چوَندُس، ڪندُس. ……“ (جيٽلي، 2014: 7- 31)
    وضاحت: ڊاڪٽر جيٽلي جي نوٽنگ ۽ راءِ تي حيدرآبادي/ لاڙي لهجي جو اثر آهي. صاحب موصوف تاريخي، علمي ۽ ادبي لحاظ کان سنڌ جي وچولي/ ساهتي جي احاطي کان واقف ناهي؛ حالانڪ تاريخي لحاظ کان ساهتيءَ جي حيثيت کان بيشڪ واقف آهي. اهڙو خيال سندس هن راءِ مان جڙي ٿو ته: ”لـﮨـجن جي تفاوت جي باوجود، سنڌ جا سڀيئي سنڌي هڪٻئي کي سمجھي سگھن ٿا. انهيءَ جو مکيه سبب آهي تعليم ۽ ادب ۾ معياري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال. اهو لـﮨـجو اُهو آهي جيڪو ساهتي (سيوهڻ، ڀريا، نواب شاه ۽ ان جي آسپاس) ايراضيءَ ۾ ڪتب اچي ٿو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي وارن جيڪي درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايا، انهن جا لکندڙ گھڻي ڀاڱي ساهتيءَ جا هئا. اهو ئي مکيه سبب آهي جو انهيءَ علائقي جي سنڌي ٻوليءَ کي معياري ليکي ان جو استعمال ادبي لکڻين ۽ سرڪاري انتظام ۾ پڻ ٿيڻ لڳو. انهيءَ ڪري چاهي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ علائقائي لـﮨـجن جو تفاوت آهي، پر ادبي لکڻين ۾ سڀئي سنڌي اديب ان معياري ٻوليءَ جو استعمال ڪن ٿا، پوءِ چاهي هو سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ ڄاوا نپنا هجن.“ (جيٽلي، 1999: 46- 47)
    ڊاڪٽر جيٽلي، تاريخي لحاظ کان ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ کي معياري لهجو بيشڪ سمجهي ٿو، ليڪن ان جي احاطي کان ان سبب واقف ناهي جو هن جو جن عالمن سان واهپو آهي انهن ساهتيءَ کي ڇڪي حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو آهي. ٻيو ته ٺهيو، خود هتان جي عالمن کي به ساهتيءَ جي احاطي جو پتو ناهي؛ مورو، جتان اتر ڏانهن، ساهتي پرڳڻو شروع ٿئي ٿو، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ان کي اترادي ٻوليءَ جو منڍو ڪوٺي ٿو. صاحب موصوف ’لاڙي ۽ اترادي لـﮨـجن جو تقابلي جائزو‘ عنوان ۾ سنڌ جون خود ساخته لـﮨـجاتي حدون ٻڌايون آهن. هو صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌ جي لساني جاگرافيءَ جا ٻه اهم حصا آهن: 1. لاڙ، 2. اتر، باقي ٿر، وچولو ۽ ڪوهستان انهن ئي ٻنهي حصن سان لاڳاپيل آهن … لاڙ جو خطو ٽنڊي محمد خان کان شروع ٿي ٺٽي تائين، بدين کان کاري ڇاڻ تائين دنگ ڪري ٿو … ٽنڊي محمد خان کان پوءِ وچولي جون حدون شروع ٿين ٿيون، حيدرآباد، مٽياري، هالا، ميرپورخاص ۽ سانگھڙ تائين وچولي جون حدون آهن … دادو کان جيڪب آباد، ٺل تائين ۽ هيڏانـﮨـن وري موري کان سکر تائين اتر جون حدون آهن، لسانيات جا ماهر سؤ سيڪڙو حدبنديءَ تي اتفاق نٿا ڪن. حدبنديءَ بابت هر ڪنـﮨـن جو پنـﮨـنجو خيال آهي.“ (غفور، 2011: 174- 179)
    حالانڪ ساهتيءَ جي احاطي ۾ موجوده نوابشاه ۽ ان جو ڀر پاسو به ڪونه ٿو اچي. ساهتي پرڳڻو موجوده ضلعي نوشهروفيروز (مورو، نوشهروفيروز، ڀريا، ڪنڊيارو ۽ محراب پور تعلقا) ۽ ان جي محدود آسپاس کي چئي سگھجي ٿو.
    معياري لهجي موجب ’م‘ ۽ ’س‘ ضميري پڇاڙين تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم جو ڪم مناسب ٿيل آهي. ٻئي پاسي اها هڪ حقيقت آهي ته ’م‘ ۽ ’س‘ جون ضميري پڇاڙيون اترادي ۽ لاڙي لهجي ۾ بدل پڇاڙين طور ڪم اچن ٿيون، جن جو اشارو ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ڏنو آهي.

    حوالا/ ذريعا
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (20100) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    ٻرڙو، محبت (20000) اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي.
    ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر (20111) سنڌي ٻوليءَ جو گرامر. مترجم: امجد سراج ميمڻ. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي
    جوکيو، الطاف حسين (20111) سنڌي لفظن جي لفظن ۾ آخري ۽ آخريءَ کان اڳ وينجن جي سُر ۽ آخري وينجن جي ساڪن هئڻ جو تصور. ايڊيٽر: تاج جويو، سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل. 4 (2)، ص: 42- 95. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    جوکيو، محبوب علي (19799) مـﮬـراڻ سنڌي گرامر- سنڌي ساهت گهر محراب پور.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (20099) ڀارت ۾ ميڊيا جي سنڌي ٻولي. ايڊيٽر: تاج جويو، سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل. 2 (3)، ص: 23- 32. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (20144) سنڌي ٻوليءَ جون وياڪرڻي خاصيتون ۽ گڏيل ضمير. ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڪارونجهر: تحقيقي جرنل. 6 (10)، ص: 7- 31. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي.
    شيخ اياز (19877) راڄ گھاٽ تي چنڊ، شاعري- حيدرآباد: نيو فيلڊس پبليڪيشن.
    شيخ اياز (19911) ٽڪرا ٽٽل صليب جا ۽ واٽون ڦلن ڇانئيون- حيدرآباد: نيو فيلڊس پبليڪيشن.
    شيخ، ٻانهون خان، مرتب (20122) شاه جو رسالو- ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
    قاضي، آءِ. آءِ علامه، مرتب (19933) شاه جو رسالو- ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر (20111) سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي ۽ اترادي لهجن جو تقابلي جائزو. ايڊيٽر: طارق عالم ابڙو، ٽماهي مهراڻ. 61 (1-2)، ص: 174- 179. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    هدايت پريم، ڊاڪٽر (19955) اترادي ٻولي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi – Sindhi Language Authority Hyderabad.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو