سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ماقبل آخري (second last) وينجن (Consonant) جي سُر(Vowel) جي اهميت

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ماقبل آخري (second last) وينجن (Consonant) جي سُر(Vowel) جي اهميت ۽ آخري وينجن جي ساڪن (vowel less) هجڻ جو تصور

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    سنڌي ٻوليءَ ۾ اها ڳالهه مسلّم آهي ته هر لفظ جو آخري وينجن (Last Consonant) متحرڪ ٿيندو آهي. ان سبب آخري وينجن ساڪن هجڻ ۽ ماقبل آخر متحرڪ هجڻ (لکندُم- لکندَم يا لکندَس- لکندُم) وارو تصور ڏيڻ ککر ۾ کڙو اڇلائڻ برابر آهي. اها ڳالهه ان لحاظ کان ٿي ڪجي جو حيدرآبادي/ لاڙي لهجي (Dialect) ۾ آخري سُرن جي نفاست جو خيال نه رکيو ويندو آهي.
    ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب واري تحقيق ’ٻوليءَ ۾ ڦير گھير/ تبديليءَ جي اڀياس لاءِ لسانياتي ڦرڻن جي چونڊ‘ ان حوالي سان قابل ذڪر آهي. جنـﮨـن ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”سرَ ڪيرائڻ يا نه اچارڻ واري عادت لاسيءَ ۾ ايتري عام نه آهي جيتري ڪڇي يا لاڙيءَ ۾، جن ۾ آخري يا لفظ جي پڇاڙيءَ واري سر کي ڪيرائڻ جي مضبوط روايت/ رسم (Trend) آهي.“ (ٻگھيو، 1998: 81)
    ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب پنـﮨـنجي تحقيق لاءِ جيڪا ايريا متعيّن ڪئي آهي، سا هالا پراڻا کان حيدرآباد آهي. اسمن جي آخر ۾ ڇوٽن سُرن جي ڪيرائڻ ۽ نه ڪيرائڻ ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ڊاڪٽر ٻُگھيو صاحب اڻ- سڌيءَ طرح اها ڳالهه تسليم ٿو ڪري ته: حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ آخري سُر واري بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي.
    جنهن لهجي ۾ آخري سُر کي حذف ڪرڻ يا ٻوليءَ جي صرفي نفاست کي برقرار رکي سگھڻ جي سگھ نه هجي اتي ماقبل آخري وينجن (Second Last Consonant) جي متحرڪ هجڻ سان مؤنث- مذڪر واري ڳالهه ڪرڻ ڀت سان منهن هڻڻ برابر آهي. ان سبب ’ماقبل آخر وينجن‘ جي ڇوٽي سُر جي اهميت تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. آگاهي رهي ته ماقبل آخر وينجن تي اعراب جي احتياط سبب، آخري وينجن ساڪن ئي رهندو آهي. اهڙي اڀياس لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ’واحد- جمع‘ ۽ ’مذڪر- مؤنث‘ جو صوتياتي اڀياس لازمي آهي.
    مختلف عالمن جي اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عام طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا ٻه پاسا (زاويه) سامهون اچن ٿا:
    جنسي (animatee): جيئن: مردُ- مائي/ هرڻُ- هرڻي، ڌوٻي- ڌوٻڻ/ ڌوٻياڻي، ڊکڻ- ڊکياڻي، ڇوڪرو- ڇوڪري، گڏههُ- گڏههِ، ڪتٗو- ڪتِي وغيره.
    غير جنسي/ صرفي (inanimatee): ڪتابُ (سٺو ڪتاب)، سليٽَ (منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽ)، ڪوڏرِ (مُڏي ڪوڏر)، پيٽِي (سٺي پيٽِي)، ڏنڊٗو (ٿلـﻫـو ڏنڊو)، آنا (تازا آنا)، ٻٽُون (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ٻَٽُون آهي)، کٽون (هي مـنـﻫــنجون/ تنـﻫـنجون کٽُون آهن)، ماڻُهو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ماڻُهو آهي)، اردُو (منـﻫـنجي اردو سٺي/ پختي آهي)، رَئو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو رئو آهي)، وغيره.
    جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر جي اهميت
    اڪثر ٻولين ۾ ماقبل آخري (Second lastt) اکر جي سُر آواز کي وياڪرڻ ۾ اهميت ڏني ويندي آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ماقبل آخري (Second last) سُر آواز کي ڪنـﻫـن حد تي اهميت آهي/ هجڻ گھرجي. سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جو ان حوالي سان ڪو خاطر خواه ڪم سامهون نه ٿو اچي، ان جي سببن ۾ وچولي/ ساهتي لـﻫـجي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ لاڙي لـﻫـجي جي اثر هيٺ هوندڙ حيدرآبادي لـﻫـجي کي ٻوليءَ جو معياري لـﻫـجي جو شرف حاصل هجڻ آهي.
    هيٺ مختصر ٻن جملن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
    مان خط لکندُس/ مان پڙهي سگھندُس. (مذڪر صورت ۾)
    مان خط لکندَس/ مان پڙهي سگھندَس. (مؤنث صورت ۾)
    حيدرآباد جي ڪافي مذڪر ماڻهن واتان مؤنث صورت ۾ ماقبل آخري (Second last) سُرُ ’زبر‘ سان ٻُڌو ويو آهي، جن جو حيدرآباد جي اصلي رهاڪن کان اڄ سوڌو سڌري نه سگھيو آهي. ڪافي اسٽيج تي يا سنڌي ٽي. وي چينلن تي، مذڪر صورت ۾، اهو انداز ٻڌو ويو آهي ته: ”هاڻي آءٌ ---------- کي، پنـﻫـنجي خيالن جي اظـﻫـار لاءِ، اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندَس!“ يا ”آئُون قوم کي عرض ڪندَس ته هو هن ڏهاڙي کي پرڀور نموني ملـﻫـائڻ لاءِ يڪجا ٿين!“ وغيره.
    ماقبل آخريءَ (Second lastt) جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”مون کي پنجاه کن سالن جي عمر جا اهڙا سنڌي مرد نظر آيا آهن، جيڪي عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنـﻫـنجي جنس مؤنث جي فعلن جو استعمال پيا ڪندا آهن؛ جيئن: ته: مان ويندَس (مان ويندُس)، مان ڪندَسِ (مان ڪندُس). انبُ کاڌَم (انب کاڌُمِ)، پاڻي پيتَم (پاڻي پيتُم).“ (جيٽلي، سيپٽمبر- 2009: 30)
    ڊاڪٽر جيٽلي ساڳئي مسئلي لاءِ لکيو آهي: ”اسمن، فعلن ۽ حرف جر سان ضميري پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. انهن جو واهپو هاڻي ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ مان گھڻو گھٽ ٿي ويو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اِن جو غلط استعمال پڻ ڪيو پيو وڃي. خاص طور ’سندو‘ سان ضميري پڇاڙيءَ جو غلط استعمال مون کي وڏن وڏن ليکڪن جي رچنائن ۾ به نظر آيو آهي. ان جي پوري ڄاڻ اڄ ڪالهه سنڌي پاڙهيندڙ ماسترن کي به نه رهي آهي. ڪجھ مثال ڏسو:
    سندَس پٽُ آيو آهي. (درست آهي- سندُس پٽُ آيو آهي).
    سندس کي (هُن کي)، سندس جو (هُن جو)، سندسِ وٽ (هُن وٽ) جـﻫـڙا غلط پريوڳ ڳالهائڻ ۾ توڙي لکڻ ۾ گھڻي قدر واهپي ۾ اچي ويا آهن.“ (جيٽلي، سيپٽمبر- 2009: 29- 30)
    سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﻫـجن کي سامهون رکي جيڪڏهن ماقبل آخري (Second last) سُرَن جو اڀياس ڪجي ته يقيناً مڙئي ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ توڻي ماهر ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا ته اهڙي قسم جي سُرن واري لچڪ ٻوليءَ جي مزاج ۽ نفاست لاءِ هاڃيڪار آهي. ان صورت ۾ حيدرآبادي ٻوليءَ کي معياري لـﻫـجي ۾ شمار ڪرڻ هڪ- هٽِي آهي.
    مذڪر- مؤنث جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب [اُ] > [اِڻ] واري تبديل ۾ ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ وارو لفظ ڏنو آهي (الانا، 2010: 37)؛ ليڪن ساڳئي وقت ص: 36 تي ’اُٺُ- اُٺِ‘ پڻ رکيو آهي، جيڪو ’اُٺِ‘ جي صورت ۾ خود ساخته لفظ آهي. ساڳئي صفحي تي ’ڪُڪُڙِ‘ ۾ ماقبل آخريءَ (Second last) تي ’پيش‘ جي اعراب ڪم آندي آهي، حالانڪ ان اصول ۾ پـﻫـرين ماقبل آخري اکر تي ’زير‘ ڪم آڻي پوءِ مؤنث واري ’زير‘، يعني ٻِٽي زير، ڪم آندي ويندي آهي، جيئن سندن ڏسيل ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ ۾ ڪم آندل اعرابون آهن. سائين الانا صاحب هڪ اصول کان ٻاهر ايندڙ لفظن ’سيٺِ‘، ’ڪيـﻫـرِ‘ ۽ ’اهنيرِ‘ جا مثال پڻ ڏنا آهن (الانا، 2010: 32)، جيڪي ’ڪيـﻫـرُ‘ ۽ ’اهنيرُ/ اهنيارُ/ اهنرُ‘ پيشَ سان ئي مستعمَل آهن.
    ستر واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان تان ’آئیے سندھی سیکھیں‘ جو پروگرام هلايو ويو، تازو ان کي ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه ڪتابي صورت ۾ آندو آهي؛ جنـﻫـن ۾ مذڪر مؤنث جي حوالي سان ’آخري‘ يا ’ماقبل آخري سُر‘ جي صورتخطي حيدرآبادي/ لاڙي لهجي اثر سبب، ٻوليءَ جي مزاج مطابق ناهي.
    ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيءَ وارو حرف اضافت: ’س‘ ساڪن رهندو آهي، ان کان اڳ وارو وينجن آواز مذڪر- مؤنث مطابق هوندو آهي. هيٺ ’ماقبل آخر‘ ۽ ’آخري سُر‘ ڏانـﻫـن بي حسي جا مثال پيش ڪجن ٿا:
    ” پچھلے سبق میں ہم نے آپ کو زمانہ مستقبل میں کچھ الفاظ بنانا سکھائے تھے جو کہ مکمل جملے کی صورت رکھتے ہیں، اور ان میں ضمیری نشانیوں کا استعمال ہوتا ہے۔ ان میں سے چند الفاظ میں دہراتی ہوں:
    چوندُسُ۔ میں کہونگا۔“ (فہمیدہ، 2011: 188)
    اها ڳالهه مُسلَّم آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ هر لفظ جو آخري سُر متحرڪ ٿيندو آهي، ليڪن ضميري پڇاڙين جي صورت ۾، آخري وينجن جي ساڪن هجڻ واري امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگھجي؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جي صورت ۾ ’ماقبل آخر‘ سُر تي ئي مذڪر- مؤنث جو دارومدار هوندو آهي، جنـﻫـن جو مٿي ذڪر ٿيل آهي.
    ڄاڻايل جملي جي صورت ۾ هيئن ئي درست ٿيندو:
    چوندُس (مذڪر صورت ۾، ماقبل آخر تي پيش)
    چوندَس (مؤنث صورت ۾، ماقبل آخر تي زبر)
    ٻئي هنڌ ڄاڻايل آهي:
    ”مذڪر: آیسُ (میں آیا)
    مؤنث: آیسَ (میں آئی) “... (فہمیدہ، 2011: 176)
    مذڪوره لفظ ’آيسُ‘ ۽ ’آيسَ‘ مبادا پروف جي غلطي هجي، پر جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي عالمن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ’سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي‘ ان سبب حيدرآبادي عالمن وٽ ’ماقبل آخر‘ (Second last) جي سُر تي دارومدار هجڻ جو تصور ئي ڪونهي. هيٺ اهڙا ’آئیے سندھی سیکھیں‘ مان چند مثال خيال خاطر آڏو رکجن ٿا:
    ” اردو: میں آیا۔
    سنڌي: ماں آیُسُ۔
    خط نسخ ۾ الٿو: مان آيُسُ.
    اردو: میں گیا۔
    سنڌي: ماں ویُسُ۔
    خط نسخ ۾ الٿو: مان ويُسُ.
    اردو: میں دوڑا۔
    سنڌي: ماں ڈوڑیُسُ۔
    خط نسخ ۾ الٿو: مان ڊوڙيُسُ.“ (فہمیدہ، 2011: 128)
    ڄاڻايل سنڌي فعلن ۾، مذڪر صورت سان، آخري ۽ ماقبل آخري (Second last) وينجن ’پيش‘ سان متحرڪ ڏيکاريا ويا آهن، ان حالت ۾ سوال اهو ٿو اڀري ته:
    ڇا مؤنث صورت ۾ ٻوليءَ جي مزاج مطابق آخري سُر کي زبر ۾ تبديل ڪيو ويندو؟
    ان حالت ۾ ڇا ڄاڻايل لفظ جي مؤنث صورت ’مان ويُسَ‘ بيـﻫـندي؟ جيڪا ٻوليءَ جي اصول (آخري وينجن متحرڪ) سان به ٺـﻫـڪي ٿي ۽ جعلي به آهي. اهي اعرابون ٻوليءَ جي مزاج مطابق ناهن، بلڪ خود ساخته آهن
    مسٽر دلامل بولچند جي ڪتاب ‘A manual of Sindhii’ ۾ ماقبل وينجن تي اعراب جو احتياط ڪيو ويو آهي، جنـﮬـن کي واجب العزت محمد ابراهيم جويي صاحب سڌاريو سنواريو هو؛ مثلاً:
    ”مذڪر: ماريو وِيُس.
    مؤنث: ماري وِيَس.“ (Bulchand, 2003: 129)
    اصل ۾، مذڪوره آخري وينجن ساڪن ٿيندو، البته ماقبل آخر وينجن جو سُر مؤنث- مذڪر سبب تبديل ٿيندو، جيئن:
    مان آيُس (مذڪر صورت ۾ ’ي‘ تي پيش)
    مان آيَس (مؤنث صورت ۾ ’ي‘ تي زبر)
    ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه جي ڄاڻايل مثالن مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته ’آخري وينجن متحرڪ‘ رکڻ جي چڪر ۾ ڇوٽن سُرن جي اعراب جون صورتون جعلي ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب جي تحقيق موجب به اهو ئي نتيجو اخذ ڪيو ويو آهي ته حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ ’آخري ڇوٽو سُر‘ حذف ڪيو ويندو آهي. هاڻي جڏهن ٻوليءَ جي نفيس سُرن (Vowels) کي حذف ڪيو ويندو ته ماقبل آخري سُرن جي احتياط جي ڪهڙي اميد!
    اصل ۾ اهو مسئلو حيدرآبادي لـﻫـجي جو آهي، جنـﻫـن ۾ آخري يا ماقبل آخري سُر ڏانهن بي حسي آهي؛ پوءِ ڪڏهن زبر جي بدران پيش، ته ڪڏهن پيش بدران زير جو استعمال گھڻو محسوس ڪيو ويو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع صورتن ۾ به ماقبل آخر سُر جي اهميت نوٽ ڪئي وئي آهي، واحد جي حالت ۾ ماقبل آخر جي سُر [اَ] کي [آ] ۾ تبديل ڪري بعد ۾ جمع جي پڇاڙي لڳائي ويندي آهي؛ جيئن: اوندَهِ- اونداهِيُون.
    ساڳئي نموني، مذڪر مان مؤنث بڻائڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخريءَ جو ’اَ‘ سُر ’آ‘ ۾ مٽائي، پوءِ مؤنث واري ’اِي‘ پڇاڙي ڳنڍبي آهي، جيڪا صورت سائين الانا صاحب پڻ درست ڄاڻائي آهي؛ جيئن: گدَڙُ- گداڙِي، بگهَڙُ- بگھاڙِي.

    غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر
    جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي ايندڙ سُر مان اهو معلوم ٿيو ته ’پيش‘ مذڪر لاءِ ۽ ’زير‘ مؤنث لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي. ليڪن غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ به ساڳيو انداز برقرار رهي ٿو، چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:
    مذڪر: انبُ کاڌُم. (پيش سان) - خطُ لکيُم. (پيش سان) - ڪتابُ پڙهيُم. (پيش سان) - گھرُ ڏٺُم. (پيش سان)...
    مؤنث: مانِي کاڌَم. (زبر سان) - پرچِي لکيَم. (زبر سان) - ڪتابڙِي پڙهيَم. (زبر سان)- گھٽِي ڏٺَم. (زبر سان)
    مٿين جملن کي اعرابن جي مٽَ سان هيٺين جملن سان تقابل ڪري، ٻوليءَ جي درست استعمال جو اندازو ڪري سگھجي ٿو:
    مذڪر: انبُ کاڌَم. (زبر سان) - خطُ لکيَم. (زبر سان) - ڪتابُ پڙهيَم. (زبر سان) - گھرُ ڏٺَم. (زبر سان)...
    مؤنث: مانِي کاڌُم. (پيش سان) - پرچِي لکيُم. (پيش سان) - ڪتابڙِي پڙهيُم. (پيش سان)- گھٽِي ڏٺُم. (پيش سان)
    ڄاڻايل جملن ۾ ڪم آندل لفظ غير جنسي مذڪر (انبُ، خطُ، ڪتابُ، گھرُ) ۽ مؤنث (مانِي، پرچِي، ڪتابڙِي، گھٽِي) آهن؛ ڄاڻايل فعلي صورتون: ’کاڌُم/ کاڌَم‘ ٻنهي ضميري صورتن (جنسي مذڪر- مؤنث) سان ٿيندو، صرف غير جنسي لفظ جي صورت ۾ ماقبل آخري وينجن تي اعراب تبديل ٿيندي.

    حاصل مطلب
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخري (Second lastt) سُر به اهميت جو حامل آهي، ’پيش‘ جي صورت ۾ مذڪر ۽ زبر جي صورت ۾ مؤنث طور استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن: جنسي مذڪر- مؤنث موجب: سندُس- سندَس، لکندُس- لکندَس؛
    غير جنسي مذڪر- مؤنث موجب: انبُ کاڌُم، مانِي کاڌَم.
    مؤنث جي صورت ۾ ماقبل آخري (Second lastt) تي زير ڏئي، بعد ۾ مؤنث واري زير ڪم آندي ويندي آهي؛ جيئن: ڪُڪُڙُ- ڪُڪِڙِ.
    مؤنث جي صورت ۾ ماقبل آخري (Second lastt) سُر ’اَ‘ کي ’آ‘ سان مٽائي بعد ۾ مؤنث واري ’اِي‘ ملائڻي پوي ٿي؛ جيئن: گدَڙُ- گداڙِي، بگھَڙ- بگھاڙِي (’اَ‘ > ’آ‘). واحد- جمع ۾ به ساڳيو اصول لاڳو ڪيو ويندو آهي، جيئن: اوندَهِ- اونداهِيون.

    واحد- جمع حالت ۾ ماقبل آخري سُر آواز جو اڀياس
    سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾، ماقبل آخري (Second lastt) سُر جي اهميت مذڪر- مؤنث کان علاوه واحد- جمع ۾ به نوٽ ڪئي وئي آهي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هر لفظ جو خاتمو متحرڪ وينجن سان ٿيندو آهي. ان رٽيَل تصور سبب حيدرآبادي/ لاڙي عالم اڪثر مغالطي ۾ رهندي، آخري ساڪن آوازن کي به متحرڪ بڻائيندي مختلف صورتخطيون پيش ڪندا آهن.
    جيئن مذڪر- مؤنث ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙيون (م ۽ س) ساڪن رهنديون آهن، تيئن حالت جريءَ واري صورت ۾ جمع ۾ ڪم ايندڙ ’نون‘ ساڪن رهندو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر جيٽلي، ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ جي ’باب نامي‘ جي صورتخطيءَ تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: ”هن حالت ۾ عام عدد جمع جي صورتن ۾، ڪن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن آهي ته ڪن ٻين هنڌن تي ان هيٺان زير لکي آهي:
    آڱِرِيُنِ، لُوڪَنِ، اَکرَن، ٻارَن.“ (جيٽلي، 1999: 177- 178)
    ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي حوالي ڏيڻ مان مراد اها آهي ته صاحب موصوف هن مسئلي کي ڄاتو ضرور آهي يا ننديرام جي صورتخطيءَ ۾ آخري نون جي ساڪن جو استعمال توجه طلب ضرور آهي. هت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

    جمع جي صورت ۾ آخري نون ساڪن رهندو يا متحرڪ؟

    هي مسئلو ڇوٽن سُرن جي حوالي سان، آخري وينجن جي متحرڪ يا ساڪن جو آهي، جنـﮬـن ڏانـﮬـن حيدرآبادي/ لاڙي لـﮬـجي جي بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي. مسٽر دلامل بولچند صاحب ’سنڌي ٻوليءَ جي آخري وينجن متحرڪ‘ جي نسبت اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ ’نون متحرڪ‘ ڪم آندو آهي، جنـﮬـن جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:
    واحد: زالَ (Nominative)، زالَ (Inflected)
    جمع: زالُون (Nominative)، زالُن (Inflected)
    واحد: دوا (Nominative)، دوا (Inflected)
    جمع: دوائُون (Nominative)، دوائُن (Inflected)
    واحد: اَکِ (Nominative)، اَکِ (Inflected)
    جمع: اَکيُون (Nominative)، اَکيُن (Inflected)
    واحد: ڪرسي (Nominative)، ڪرسيءَ (Inflected)
    جمع: ڪُرسيُون (Nominative)، ڪرسيُن (Inflected)
    واحد: گھوڙو (Nominative)، گھوڙٖي (Inflected)
    جمع: گھوڙا (Nominative)، گھوڙَن (Inflected) ...
    (Bulchand, 2003: 27)
    مسٽر دلامل بولچند صاحب اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ آخري نون متحرڪ بيـﮬـاريو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي نسبت ساڪن ئي بيـﮬـڻ گھرجي. هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت چند ننڍڙا جملا خيال خاطر ڏجن ٿا:
    ڪتابَن ۾ لکيل آهي.
    ڪٻٽَن ۾ رکيل آهي.
    ميزُن تي پيل آهي.
    ميزُن هيٺان پيل آهي.
    ڪتو، ٻليُن مٿان ٽپي ٿو.
    دريُن مان ڏسڻ اچي ٿو.
    ڀتيُن کان گس ٺـﮬـيَل آهي.
    هي رستو محلَن ڏانـﮬـن وڃي ٿو.
    دڪانَن تان ورتل آهن.
    هاري ٻنيُن ڏانـﮬـن وڃن ٿا.
    بدنيت ماڻُهن کي ڪـﮨـڙي پارت!
    وڏَن جو ادب ۽ ننڍَن سان پيار ڪرڻ گھرجي!

    نون ساڪن ۽ ماقبل آخر وينجن جي سُر جِي ڇنڊ ڇاڻ
    مٿين جملن ۾ ڪم آندل لفظن جون واحد- جمع صورتون رکي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
    1. واحد: ڪتابُ
    جمع: ڪِتابَ
    حالتن موجب جمع: ڪِتابَـ + نۡ = ڪتابَن
    2. واحد: ڪٻَٽُ
    جمع: ڪٻَٽَ
    حالتن موجب جمع: ڪٻٽَـ + نۡ = ڪٻٽَن
    3. واحد: مَحَلُ
    جمع: مَحَلَ
    حالتن موجب جمع: محلَـ + نۡ = محلَن
    4. واحد: دُڪانُ
    جمع: دُڪانَ
    حالتن موجب جمع: دڪانَـ + نۡ = دڪانَن
    5. واحد: ماڻُهو
    جمع: ماڻُهو
    حالتن موجب جمع: ماڻُهـ (اُو > اُ) + نۡ = ماڻُهن
    6. واحد: ميزَ
    جمع: ميزُون
    حالتن موجب جمع: ميزُ (اُون > اُ) + نۡ = ميزُن
    7. واحد: ٻِلِي
    جمع: ٻِليُون
    حالتن موجب جمع: ٻليُـ (اُون > اُ) + نۡ = ٻليُن
    8. واحد: درِي
    جمع: دريُون
    حالتن موجب جمع: دريُـ (اُون > اُ) + نۡ = دريُن
    9. واحد: وڏو
    جمع: وڏا
    حالتن موجب جمع: وڏَ (آ > اَ) + نۡ = وڏَن
    10. واحد: ننڍو
    جمع: ننڍا
    حالتن موجب جمع: ننڍَ (آ > اَ) + نۡ = ننڍَن
    مٿين لفظن جي ماقبل جي تبديل مان يقيني طور تي واضح ٿئي ٿو ته مختلف حالتن آهر جمع صورت ۾ ايندڙ آخري ’نون‘ ساڪن ئي بيـﮬـندو؛ ٻي صورت ۾ ٻه ننڍڙا سوال ضرور اڀرن ٿا:
    جيڪڏهن آخري ’نون‘ کي متحرڪ رکيو ويندو هجي، ته پوءِ ماقبل آخر وينجن جي سُرن تبديل ڪرڻ جي ڪــﮨـڙي ضرورت؟
    جيڪڏهن آخري ’نون‘ کي متحرڪ ڪجي ته جمع جي صورت ۾ ’زبر‘ ڪم آڻجي يا ’زير‘ ؟

    پـﮬـرئين سوال جو جواب ته مٿين ڇنڊڇاڻ مان ئي واضح ملي ٿو؛ باقي ٻئي سوال جو جواب هيٺين جملن مان واضح ملي سگھي ٿو:
    زبر سان ’نون‘، جمع جي صورت ۾: ڪٻٽَنَ ۾ ڪتابَ موجود آهن./ ڪتابَنَ مان ئي املهه ماڻڪ حاصل ٿيندا آهن.
    زير سان ’نون‘، جمع جي صورت ۾: ڪٻٽَنِ ۾ ڪتابَ موجود آهن./ ڪتابَنِ مان ئي املهه ماڻڪ حاصل ٿيندا آهن.
    ٻوليءَ جا ماهر توڻي ڳالهائيندڙ ڄاڻايل جملن ۾ ٻنهي قسمن جي متحرڪ ’نون‘ مان ڪنـﮬـن به هڪ قسم کي تسليم ڪونه ڪندا ۽ نه وري ڪن ٿا!
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آخري سُر متحرڪ‘ هجڻ سبب ’ماقبل آخر وينجن جي سُر‘ ۽ ’آخري وينجن ساڪن‘ تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي، جنـﮨـن جو واحد- جمع توڻي مذڪر- مؤنث ۾ اهم ڪردار آهي. ٻئي پاسي حيدرآبادي لـﮨـجي ۾ آخري ڇوٽن سُرن ڏانـﮨـن بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي. ان صورت ۾ مٿيون اعرابن جو مسئلو ’آخري نون ساڪن‘ جو آهي، جنـﮨـن تي باقاعده ڪم ٿيڻ گھربو هو.
    واضح رهي ته جمع جي صورت ۾ ايندڙ آخري وينجن ’نون‘ ساڪن رهندو آهي، هن حالت ۾ جمع جو انحصار، ماقبل آخر جي سُر تي ئي رهندو.

    نچوڙ:
    حالت جري يا اضافت جي حالت ۾ جمع جي آخر ۾ ايندڙ ’نون‘ ساڪن بيـﮬـندو آهي، جمع جي صورت ۾ ماقبل آخر سُر ۾ تبديلي واقع ٿئي ٿي، جيئن: ميزَ- ميزُن.
    نتيجو:
    مٿي آخري ۽ ماقبل آخري سُرن (ڇوٽن، ڊگھن توڻي دهرن) جو صوتياتي اڀياس پيش ڪيو ويو؛ اڀياس موجب اها ڳالهه به سامهون آئي ته جنـﮨـن لفظ جي ماقبل آخري سُر تي احتياط کان ڪم وٺجي ٿو، ان جو آخري وينجن ساڪن رهي ٿو.
    ٻوليءَ جي نسبت، آخري يا ماقبل آخري ڇوٽن سُرن پٽاندر، حيدرآبادي عالمن جون خود ساخته صورتخطيون سامهون آيون آهن. ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي جي تحقيق موجب حيدرآباد جي آسپاس جي ٻوليءَ ۾ آخري ڇوٽن سُرن جو ڪيرائڻ نوٽ ڪيو ويو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي نفاست ۽ نزاڪت سبب عالمن جي اڪثريتي راءِ، خاص ڪري جھونن جي، اها رهي آهي ته ساهتي پرڳڻو وچولي جي ٻوليءَ جو اهم مرڪز آهي. ان سببان ان جي ٻوليءَ کي ئي ڪتابي يا مواصلاتي دنيا ۾ آڻڻ گھرجي. حقيقت به اها آهي ته ڪتابي ٻوليءَ ۾ چند ڪمين سواءِ عام طور ساهتيءَ جي ٻولي ئي ڪم آندي ويندي آهي.

    اڀياسي ڪتاب
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (20100) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    ٻگھيو، قاسم، ڊاڪٽر (19988)- سنڌي ٻولي ( لسانيات کان سماجي لسانيات تائين) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (سيپٽمبر- 20099) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- ايڊيٽر: تاج جويو - سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه دهلي.
    فہمیدہ حسین، ڈاکٹر (20111) آئیے سندھی سیکھیں۔ سندھی لئنگویج اتھارٹی حیدآباد۔
    Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi – Sindhi Language Authority Hyderabad.
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو