استاد رستم علي ٻرڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2017۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    05 مارچ: استاد رستم علي ٻرڙي جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان

    استاد رستم علي ٻرڙو​

    ليکڪ: ناصر مقصود گل

    هن ڌرتيءَ جا ماڻهو، جيڪي پنهنجي جنم ڀوميءَ تي فخر ڪن ٿا ته اهو بجا آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڏيهه جي تهذيب ۽ ثقافت زمانن کان علم توڙي حلم ۾ تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي. ٻولي ڪنهن به قوم جي احساسن جي زبان هوندي آهي، ان ٻوليءَ ۾ نصابي تعليم انسان جي اندر ۾ شعور ۽ جاڳرتا جو روح ڦوڪي ٿي، ته وري ان ٻوليءَ ۽ تهذيب سان وابسته موسيقي وري اندر جي احساسن جو روح هجي ٿي. اسين اهو پڻ چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو مقام رهيو آهي، ايتري قدر جو برصغير توڙي پوري دنيا ۾ سنڌي موسيقي ۽ سنڌي سازن کي هڪ برجستي ۽ تز حيثيت حاصل آهي. موسيقي سدائين هتان جي ماڻهن جي جذبن، رزميه توڙي رومانوي احساسن جي ترجمان رهي آهي. هتي موسيقيءَ نه فقط وندر ۽ ورونهه، پر هڪ علم جي صورت ۾ انساني داخلي جذبن ۾ وسعت آندي آهي ۽ زماني کان روحن جي ڪلپنائن کي پنهنجي هنج ۾آڻي مسرت بخشي آهي، پر منهنجو ٻنهي هٿن سان سلام آهي سنڌ ڄاون انهن امر استادن جي استاديءَ کي، جن سنڌي سازن جي وڄت سان گڏ ٻاهران آيل ڌارين سازن جي وڄت قاعدن، قانونن، اصولن، تيور ڪومل توڙي آروهي امروهي لڳائڻ جي طور طريقن کي سمجھندي، انهن ڌارين سازن جي وڄتڪاريءَ ۾ به پاڻ مڃائي ڏيکاريو آهي. هتي هڪ محتاط اندازي سان هڪ دعوى ضرور ڪندس ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪوئي به اهڙو غير سنڌي سازندو نه هوندو، جنهن نج پج سنڌي ساز جي وڄت ڪئي هجي، پر ماضيءَ کان وٺي دورِ حاضر تائين اهڙ کوڙ سارا سنڌي آهن ۽ ٿي گذريا آهن، جن ٻاهران آيل ڌارين سازن ۾ به ساهه اوتيو آهي.

    سائين! ڳالهه پئي هلي سنڌي موسيقي، سنڌي سازن جي ته سنڌ ۾ ٻاهران آيل ڌارين سازن ۽ انهن جي وڄت جي، بهرحال سؤ ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته هيءَ ڌرتي، جتي امر آوازن پنهنجا سُر آلاپي هن ڌرتيءَ کي امرتا بخشي آهي، اتي هتان ڄاون مختلف سازن جي وڄتڪارن به پنهنجي ساهه ساهه ۾ سنگيت جي مالهائن کي پئي پويو آهي.

    علم، ڏاهپ، توڙي سرن جي هن سهڻي سفر کي جاري رکندي اڄ اتر سنڌ جي سهڻي سر زمين ’قنبر ‘ طرف ٿا هلون، جيڪو شهر دين، علم، ادب، ڏاهپ، ثقافت، موسيقي، فن ۽ مَ ڄاڻ ڪيترن ئي انيڪ حوالن سان پوري دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. ان شهر جي مٽيءَ مان به ڪيترن ئي ماڻڪ موتين جنم ورتو آهي، جن پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري قنبر جو ڪنڌ کيرٿر جي چوٽين جيڏو بلند ڪيو آهي. هتان جا ڏات ڌڻي هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي سنڌوءَ جل جي سينڌ سنواريندا رهيا آهن، پر هڪ لمحي لاءِ هن شهر ۾ تاريخ جي ٻين بابن مان صرف موسيقيءَ جي باب جا به ڪجھه ڪاڳر اٿلائينداسين ته اسان کي استاد مور علي وَڌو، مکڻو فقير، استاد اشرف علي ٻرڙو، استاد محرم علي ٻرڙو، استاد اياز حسين ابڙو، استاد رستم علي ٻرڙو ۽ ماسٽر منظور جهڙا سدا حيات آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، جن پنهنجي اڻٿڪ رياض ۽ محنت سان ڪلا کي جِلا بخشي آهي...!

    هن ئي شهر جي علم، ادب ۽ فن سان وابسته ’ٻرڙا خاندان‘ جي فردن پنهنجي ڏات ۽ ذات سان علم ۽ فن جا انيڪ چراغ روشن ڪيا آهن، هن گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ ڏات ڌڻي جتي علم ۽ ادب جي سينڌ سنواريندا رهيا آهن، ساڳئي وقت ساڳئي ئي گھراڻي جي ڏات ڌڻين فن جي سيوا ڪندي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته علم، ادب ۽ فن ڪڏهن به هڪٻئي کان جدا نه ٿا ڪري سگھجن. تازو ئي اسان کان وڇڙي ويل، قنبر ۾ ’ٻرڙا خاندان‘ جو هڪ امر انسان ۽ ملهائتو موسيقار اهو به هو، جنهن کي مون سموري ڄمار هميشه اڇو اجرو ۽ شيشي جيان صاف شفاف ڏٺو. سنڌ جي تمام سريلي ڪلاڪار خانصاحب استاد گلزار علي خان جي همشڪل هن همراهه جي ڪچهرين مان مون به ڪيترو حظ حاصل ڪيو، سندس قرب جي قيدين ۾ هڪ مقيد آئون به برابر آهيان، جنهن کي سموري سنڌ استاد رستم علي ٻرڙي جي نالي سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي. استاد رستم علي ڌرتيءَ جو اهو ڏات ڌڻي هو، جيڪو سموري ڄمار سنگيت جي سرن کي پنهنجي ساهه ۾ سموئي ڌرتيءَ کي ارپيندو رهيو. استاد رستم علي ٻرڙو ڦوڪَ سان وڄندڙ ٻاهران آيل ڌارئي ساز ڪلارنيٽ (Clarinet) ۽ بانسريءَ جي سريلي وڄتڪار هئڻ سان گڏوگڏ ماضيءَ ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن جو اداڪار ۽ هدايتڪار پڻ رهيو.

    استاد رستم عليءَ اتر سنڌ جي سهڻي شهر قنبر ۾ محترم شوڪت علي ٻرڙي جي آڳر تي 14هين اپريل 1948ع تي اکيون کوليون. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ 1966ع ۾ هاءِ اسڪول قنبر مان پاس ڪئي، جنهن کان پوءِ ڪن مجبورين سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگھيو. استاد رستم عليءَ جي خوشبختي اها چئبي جو هن موسيقيءَ جي فن جون بنيادي رمزون ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي گھر ۾ ئي پروڙي ورتيون، فنِ موسيقيءَ ۾ سندس بنيادي تربيت سندس مامي استاد احمد علي ٻرڙي ڪئي، جنهن کان پوءِ استاد رستم عليءَ فن جي سرحدن کي انساني سوچ کان وسيع کان وسيع تر محسوس ڪندي، اڃا به پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ڪيو ۽ هو وڌيڪ فن جي حاصلات لاءِ لاهور ويو، جتي نامياري بانسري نواز استاد خادم حسين جو شاگرد ٿيو.

    استاد رستم علي موسيقيءَ جي فن جي بهترين ۽ قابل قدر ڄاڻ جو مالڪ هو، جنهن لاءِ هو مسلسل موسيقيءَ جي ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪندو رهندو هو. هو بانسريءَ ۽ ڪلارنيٽ (Clarinet)جو برجستو وڄتڪار هو ۽ انهن سازن جي وڄت ۾ وڏي مهارت جو ڌڻي هو. ماضيءَ ۾ جڏهن آڊيو ڪئسٽ جي ريڪارڊنگس ۾ ٽريڪ سسٽم مروج نه ٿيو هو ۽ سڀني سازن جي ريڪارڊنگ Live ڪئي ويندي هئي، ان دؤر ۾ سنڌ جي مختلف ڪئسٽ ڪمپنين پاران بانسري توڙي ڪلارنيٽ جي ريڪارڊنگ لاءِ استاد رستم علي کي خاص طور تي قنبر مان سنڌ جي مختلف آڊيو اسٽوڊيوز ۾ مدعو ڪيو ويندو هو. ان حوالي سان پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي سريلن فنڪارن سان بانسري توڙي ڪلارنيٽ (Clarinet)تي سنگت ڪيائين. رستم علي پنهنجي فن جي حوالي سان سنڌ، بلوچستان سان گڏوگڏ لاهور جي موسيقارن وٽ نمايان حيثيت رکندو هو، سندس قائم ڪيل ’رستم ميوزيڪل بينڊ‘ سنڌ سميت بلوچستان ۾ ڪافي مقبول رهي. سنڌ توڙي بلوچستان ۾ منعقد ٿيندڙ شادي توڙي ٻين خوشيءَ جي پروگرامن ۾ کيس سندس بينڊ سميت دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو.

    استاد رستم علي ٻرڙي جي فن جو ٻيو اهم پهلو اسٽيج ڊرامن جي اداڪاري ۽ هدايتڪاري پڻ رهيو، جنهن فن ۾ سندس رهنمائي پنهنجي دؤر جي مشهور اداڪارن ذوالفقار واحد ۽ خادم حسين ميراڻيءَ ڪئي. رستم علي ٻرڙي 1988ع ڌاري قنبر ۾ نئين سر اسٽيج ڊرامن جي شروعات ڪرائي، شروع ۾ سندس هدايتڪاريءَ ۾ ٻه ڊراما ’واسينگ جو انتقام‘ ۽ ’ڌيءُ ڌرتيءَ جي‘ پيش ٿيا، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي دؤر جي معروف اسٽيج ڊرامن ’زال زور آور- مڙس مولائي‘، ’عورت جو انتقام‘، ’صنم بيوفا‘، ’انجام‘، ’ڀلاڙي ڀاڳ‘، ’لال بادشاهه‘، ’زندهه لاش‘ ۽ ’مٽيءَ جا ماڻهو‘ ۾ پنهنجي هدايتڪاري ۽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. ماضي ۾ ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻي‘ جي آڊيٽوريم هال ۾ پيش ڪيل ڊرامي ’سورمي سنڌ جي‘ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سال جي بهترين اداڪار جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. رستم عليءَ ٻه ڀيرا پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ هو ڪامياب به ٿيو، پر ڪن مجبورين سبب ٽي. وي ڊرامن ۾ ڪم ڪري نه سگھيو. هو ’رابيل ڊرامئٽڪ ڪلب لاڙڪاڻي‘ جو سيڪريٽري ۽ ’ڀٽائي ڊرامئٽڪ اينڊ ويلفيئر سوسائٽي‘ قنبر جو صدر پڻ رهيو. جيئن ته مٿي بيان ڪيل آهي ته رستم علي ٻرڙي جو تعلق هڪ پڙهيل لکيل ۽ علمي ادبي گھراڻي سان هو، ان حوالي سان ناميارو محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ ناميارو ليکڪ ۽ شاعر رياضت ٻرڙو سندس ڀائر آهن. استاد رستم علي ماضيءَ ۾ ڪجھه وقت لاءِ سياست سان پڻ لاڳاپيل رهيو، ان ڏس ۾ هو ’سنڌ ترقي پسند پارٽي‘، ’پيپلز هاري ڪاميٽي‘، ’پاڪستان مسلم ليگ (ن)‘ ۽ ’پاڪستان تحريڪ انصاف‘ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو. هو والي بال راند جو بهترين رانديگر پڻ هو، خاص طور سندس والين کي ڪو ڪو رانديگر ئي موٽائي سگهندو هو.

    الاهي امر سان کيس قدرت جو سڏ ٿيو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو هي املهه موسيقار پنهنجا سمورا ساز ۽ سر سهيڙي 05 مارچ 2016ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي، پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. استاد رستم عليءَ جي وڇوڙي جي پهرين ورهه تي سموري سنڌ توڙي قنبر شهر جا اهل علم ۽ اهل دل ماڻهو سندس شخصيت ۽ فن کي وساري ناهن سگھيا، اڄ به قنبر واسين جي دلين ۾ استاد رستم علي جو نالو ۽ سندس باڪمال ڪردار ڌڙڪن بڻجي ڌڙڪي رهيو آهي ۽ آءٌ به سندس پهرين ورسيءَ جي ڏينهن تي هن ننڍڙي لکڻيءَ جي صورت ۾ کيس عقيدتون ۽ الفتون ارپيان ٿو.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو