ڇوڪري، شينهن ٿي نه سگھي....!!!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڇوڪري، شينهن ٿي نه سگھي....!!!
    ضراب حيدر




    انور ڪراڙي ڳئون جو سمورو گوشت کَپائي، ڪجھه ڇِڇڙا ۽ هڏا بچائي گھر موٽيو هو ۽ گھر ۾ رکيل پڃرن ۾ پاليل جانورن کي وجھي وهنجڻ هليو ويو.

    انور جو پيءَ ڪليم خان، جنهن کي سمورا پاڙي وارا ’ڪلو ميان‘ چوندا هئا، سو هڪڙي ڪاٺيءَ جي گشتي چُڙيا گھر جو مالڪ هو، جيڪو مُندائتن ميلن، شهري جشنن ۽ نمائشن ۾ گھمائيندو، کوڙيندو ۽ لڳائيندو وتندو هو. سندس ٽي پٽ جن ۾ انور به شامل هو، اُهي ٽئي چوپائي مال جو نڙگٽ ڪپي، پنهنجو ۽ پنهنجي گھر وارن جو نڙگھٽ تڳائيندا هئا. موسمون بدلجن ته ڇا، پر پر ڪاسائي ڪڏهن به بک ناهي مرندو، سواءِ گوشت جي ناغي وارن ڏينهن جي. سو انور به ننڍپڻ کان ڪاسڪو، ڳائو گوشت کائي پَليو هو، ويتر پان کائي کائي سندس وات ڪَٿي جو ڳاڙهو رنگ چوهي، سندس نوجوان خون جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو هو، جنهنڪري انور ڳاڙهو ڳٽول ۽ وات ڳاڙهو ڀاسجندو هو.

    انور اڄ سموري ڪُراڙي ڳئون، هڏ ۽ چم سميت کَپائي آيو هو، سو همراھ ڏاڍو خوش هو. هو وهنجي سهنجي ورانڊي ۾ اچي بيٺو ۽ ڪنگي ڪندي آسمان ۾ اڏامندڙ لغڙ جانچڻ لڳو، اوچتو سندس نگاهه جو پيچ سامهون واري جاءِ جي ٻه ماڙ تي بيٺل ڇوڪريءَ تي اٽڪي پيو، جيڪا ڀت تي ٻانهون رکي جانورن جا پڃرا ڏسي رهي هئي. ساڳئي ڇوڪريءَ انور کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو ۽ وري پڃرن ۾ پيل جانورن کي ڏسڻ ۾ محوَ ٿي وئي.

    انور کي اُڻ تُڻ وٺي وئي ته ’آخر اها ڇوڪري ڪير آهي؟‘

    ڇاڪاڻ جو انور کي خبر هئي ته سامهون واري ماڙيءَ ۾ آصفي پنهنجي ڪهول سان رهندو آهي، جيڪو روز کانئس ٽيهن روپين ڪلو وارو بيڪار گوشت حليم جي ديڳ لاءِ وٺندو آهي ۽ شام جو شهر جي مصروف چؤنڪ تي ساڳئي ڳريل، سڙيل گوشت ۽ مدي خارج دالين جو شاهي حليم لڳائيندو آهي. ٻه ماڙ تي بيٺل ڇوڪري آصفيءَ جي ڪهول مان بنهه ڪونه هئي، نه وري ساڳئي ڇوڪري اوڙي پاڙي جي ڪنهن خاندان مان هئي، نه وري انور کيس ڪڏهن پاڙي ۾ ڏٺو هو.

    ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن آصفيءَ جو ننڍو پٽ کانئس حليم لاءِ گوشت وٺڻ آيو ته انور ٻه ماڙ تي بيٺل ڇوڪريءَ جو سمورو احوال آصفيءَ جي پٽ کان معلوم ڪري ورتو. کيس معلوم ٿيو ته

    ’اها ڇوڪري سندن مائٽياڻي آهي، جيڪا پڙهڻ لاءِ آئي آهي ۽ وٽن ئي رهندي.‘

    انور اُن ڏينهن تارازيءَ ۾ گوشت واري پلئه کي انڌي قانون وانگي ٿورو ڳرو رکي جلدي گوشت کپايو، پر اُها مهرباني جانورن جو به ڀاڳ ٿي وري، اِنڪري جو انور جانورن لاءِ به ٻه ٽي ڪلو گوشت بچائي کڻي آيو ۽ گوشت پڃرن ۾ وجھي جلدي وهنجڻ هليو ويو. وهنجي سهنجي پينٽ شرٽ پاتائين ۽ گھران نڪري ٻاهر ڳليءَ ۾ اچي بيٺو، هڪ نظر ٻه ماڙ تي وڌائين ۽ پوءِ ڳليءَ ڀرسان خالي پلاٽ ۾ رکيل کٽ تي اچي ويهي رهيو.

    اونهارو پنهنجي پوين پساهن ۾ هو، جنهنڪري سج جو پاڇو به پنهنجو پاسو بدلائي چڪو هو، پاڙي جا ننڍڙا ٻار ڪجھه وکن جي مفاصلي تي ريل جي پٽڙين تي اگھاڙا ويٺا هنگي رهيا هئا ۽ رولو ڪتا جيڪي مليل جليل نسل جي پيداوار هئا، سي واري وٽيءَ سان پٽڙين تي مٽي رهيا هئا، جنهنڪري لوهي پٽڙين تي هلڪو زنگ نسري آيو هو. ڪتن جي واري وٽيءَ وارو سلسلو صرف مُٽ تائين محدود نه هو، پر اُهي واري وٽيءَ سان هڪٻئي مان مزا به وٺي رهيا هئا. اهو سمورو سلسلو اگھاڙا هنگندڙ ٻار به دلچسپي ۽ غور سان ڏسي رهيا هئا. انور پلاٽ ۾ رکيل ٻن ڪاٺيءَ جي پڃرن کي ڏٺو، جيڪي خالي پيا هئا، پر مٿن تازو ٿيل رنگ ننهن سوسڙي اُس تي خشڪ ٿي، پنهنجي چمڪيلي وصف ظاهر ڪري رهيو هو. سامهون وارن ڪوٺن تي ٻار لغڙ اڏاري رهيا هئا ۽ هڪٻئي کي ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڪڍي، دهمان ڏئي پيچ لڙائن لاءِ اتساهي رهيا هئا. پاڙي جو عجيب رنگ ۽ ترنگ هو، جتان گاريون ۽ جھيڙا سدائين جديد ڪاريگرين سان ايجاد ٿيندا هئا. انهن گارين جي ٻڌڻ سان حواسن تي ڄڻ لالو کيت جي، ڪَٿي ۽ چُوني ڀريل پچڪاري پئجي ويندي هئي، اهڙين رنگين گارين جي هولي ٻارهو ئي پاڙي ۾ کيڏبي هئي.

    انور ڪافي دير سامهون واري ٻه ماڙ ڏانهن واجھائيندو رهيو ۽ انتظاري ۽ بيزاريءَ واري ڪيفيت ۾ دل ئي دل ۾ ڀُڻڪندو رهيو.

    ”ڀين ڪي..... پتا نهين ڪهان چلي گئي....!“

    ڪافي دير واجھائڻ کانپوءِ آسرو لاهي کٽ تان اٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجھائڻ لڳو ته ڪٿان آصفي حليم واري جو پٽ نظر اچي ته کيس رپئي جون مٺيون سوپاريون وٺي ڏي ۽ نئين آيل ڇوڪريءَ جو احوال وٺي. انور پاڙي جا احوال وٺڻ ۾ خاصو ماهر هو، پاڙي جي ٻارن کي شيون وٺي ڏئي ڳالهيون معلوم ڪرڻ، پوڙهين ضائفائن کي پاءُ اڌ گوشت سوائي طور ڏئي ڏيکاري، ڀڙوتون ڪرائڻ ۾ چوٽيءَ جو ٿي ويو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ انور ڪيترا پيچ اٽڪايا هئا، جنهنڪري ڪڏهن پاڻ ڪاٽا ٿيو هو ته وري ڪڏهن ڪنهن کي ڪاٽا بـ ڪيو هيائين.

    هو گھٽيءَ ۾ بيٺو ئي هو ته آصفي حليم واري جو پيءُ، جيڪو وهيءَ جو ستون ڏهاڪو ٽَپي هليو هو، پنهنجي اڇي ٻچي ڏاڙهي سيني تي جھڪائي، لٺِ جي آڌار تي هلندو، کيس پري کان نظر آيو. پوڙهي سان گڏ ٽي ڇوڪريون به هيون، جيڪي پوڙهي کان بي خبر ٿي کجڪنديون پئي آيون. پوڙهو هاڻوڪي ڏاڪي ۾ پير رکڻ کانپوءِ مذهب ۽ قوميت جي ڀوت مان بيزار ٿي، پنهنجي جھڪيل پٺيءَ تي وهي ويل وهيءَ جو بار کڻي لٺِ جي آڌار مطمئن پئي نظر آيو. جيتوڻيڪ روشن خيالي سندس پوڙهي مغز ۾ پيوند ڪاري ڪري نه سگھي هئي، پوءِ به تنگ نظريءَ واري ڪَلِ هن گُڏي ڪڍي ڇڏي هئي، تنهنڪري بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڇوڪرين جي کِجڪي تي خاموش هو. پوڙهو جڏهن انور جي ڀرسان پهتو ته کيس کيڪاريندي چيائين:

    ”ڪيون، ڀائي آج آڌا ڪلو گوشت زياده بيجھ دِيا ٿا؟“

    ”هان بڙي ميان، هم ني سوچا ڪي آپ ڪي هان مهمان آئي هوئي هين، اسليئي اُن ڪو ڀي کِلائين گي.“ انور مُشڪندي پوڙهي کي ورندي ڏني.

    پوڙهي کري لهجي ۾ چيس.: ”ڪيون ڀائي، مهمان تو هماري هان آئي هوئي هين، اُس ۾ تمهارا ڪيا؟“

    ”اري، بڙي ميان، ڪيسي بات ڪرتي هو، آپ ڪي مهمان، هماري ڀي مهمان هين، آپ هماري مهمانون ڪي ليئي حليم نهين بجھوائي گا، اور ڪيا.....!“ انور معنى خيز نگاهون ڇوڪريءَ تي وجهندي چيو.

    پوڙهو ڪنڌ لوڏيندو، کِلندو اڳتي وڌي ويو، ساڳئي ڇوڪريءَ مُرڪندي انور کي ڏٺو ۽ پوءِ کِلندي سهيلين سان پوڙهي پويان هلي وئي. انور دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو، ڄڻ ته هن ڪو وڏو سومنات جو مندر فتح ڪري ورتو هو.

    انور پنهنجي خوِشيءَ ۽ ڇوڪريءَ جي مرڪ واري سحر کان آجو ئي ڪونه ٿيو هو ته اوچتو گھٽيءَ ۾ هڪڙو وڏو ٽرڪ هليو آيو ۽ سندس ڀرسان اچي بيٺو. هو حيرت وچان ٽرڪ کي ڏسي رهيو هو ته سندس پيءُ ڪلوميان ٽرڪ مان لهي آيو ۽ انور کي خوش ٿيندي چيائين،

    ”سوئر قسم ڪا شير لايا هون، ديکو گي تو طبيعت خوش هو جاوي گي...“

    ڪلو ميان جملو پورو ئي مس ڪيو ته شينهن ٽرڪ مان گجگوڙ ڪئي، همراهه جو اصل مُٽ ٿي نڪتو، دل ئي دل ۾ چيائين.

    ”اري ابا، ڪيسا شير لائي هو، ڪيسي طبيعت خوش هوگي، همارا تو ناڙا ڍيلا پڙ رها هي.“

    شينهن جو جوش ۽ ٿرٿلو سيڪنڊن ۾ پاڙي ۾ پکڙجي ويو، شينهن کي ڏسن لاءِ ٻار، پوڙها، جوان اچي ڪٺا ٿيا، پاڙي جون عورتون درن ۽ ڇتين تان شينهن کي ڏسڻ لڳيون ۽ شينهن پڃري ۾ بند هوندي به هر دل ۾ ٿرٿلو برپا ڪرڻ لڳو.

    شينهن ڇا آيو، انور جون مؤجون ٿي ويون، ساڳئي ڇوڪري هر وقت ٻه ماڙ تي نظر اچڻ لڳي، فطرت جي مهربانيءَ جو دستور به نرالو آهي، جنهن ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ، ساڻس ملڻ لاءِ انور کي ڪو گَھٽُ نظر نه پئي آيو، اُتي پڃري ۾ بند ٿيل شينهن بنا ڪنهن عمل دخل جي ڀڙوو بڻجي پيو. ڪجھه ئي ڏينهَن ۾ شينهن وِچ مان ڪنهن پاڇي جيان غائب ٿي ويو ۽ ٻـ اکيون چار ٿي ويون، محبت جو شروع ٿيل داستان رسمن جي پڃرن کان آزاد ٿي، الفتن جي پناهه ۾ اچي ويو.

    ڪجھه ڏينهن ته شينهن پاڙي وارن لاءِ وِندر ۽ رونشو بڻيو رهيو، پر پوءِ ساڳيو شينهن سموري پاڙي لاءِ عذاب بڻجي ويو. شينهن جي گجگوڙ، پاڙي جي حيواني صفتون رکندڙ ماڻهن لاءِ ته مسئلو نه هئي، پر حيوانن لاءِ سچو پچو مسئلو بڻجي پئي. گجگوڙ تي چوپائي مال جو مُٽ وهڻ لڳو، شينهن جي جسم جي بدبوءِ پاڙي جي چوپائي مال جي حِسيات ۾ ائين پيهي وئي، جيئن وبائي بيماري ولرن جا ولر ۽ ڌڻن جا ڌڻ ڊاهي رکندي آهي. خبر ناهي ته شينهن جي دهشت جا ڪهڙا شعاع هئا، جيڪي اَڻ ڏٺي مال کي ڏٻرو ڪرڻ لڳا، مال کير گھٽائي ڇڏيو ۽ نيستو ٿيڻ لڳو. جيڪي ماڻهو مذهب ۽ قوميت جي آڙ مان نڪري معيشت جي آڌار تڳڻ لڳا هئا، شينهن تن جي لاءِ ڏٺو وائٺو مسئلو بڻجي پيو. مالڪن کي اچي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ورايو، پر کين ڪوبه گس نظر نه ٿي آيو.

    انور جي پيءَ ڪلوميان کي سمجھايائون، وٽس ميڙ وٺي ويا ته:

    ”شينهن کي ڪڍي ڪنهن مناسب جاءِ تي رکي، ته جيئن سندن مسئلو حل ٿي.“ پر ڪلوميان پورن ڏهن هزارن ۾ بهاولپور مان شينهن آندو هو، سو ائين سٿرو ڪيئن ٿي ڪڍيائين. هر ڀيري کين دليل ڏئي موٽائيندو رهيو ته:

    ”بس! ڪجھه ڏينهن جو مسئلو آهي، پوءِ سندن تڪليف دور ٿي ويندي. ڀلا ڪنهن جي گھر جي ديوار وڏي هئڻ ڪري جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسريءَ جي گھر ۾ اُس ۽ هوا نه ايندي ته ڇا ڪوئي پنهنجي گھر جي ديوار ڊاهي ڇڏيندو!؟ پاڙي ۾ رهڻو آهي ته ڪَس ڪسر کائڻو پوندو. نه ڪنهن جي گھر جي ديوار ڊاهبي، نه ڪنهنجي روزيءَ تي لت ڏبي.“ بهرحال جھيڙا به ٿيا، نيون نيون گاريون به ٻڌڻيون پيس ۽ درخواستون به ٿيس، پر ڪَلوميان شينهن ڪونه ڪڍيوسو ڪونـ ڪڍيو.

    شينهن جا نخرا ۽ دهمان ڪجھه ڏينهن ته هليا، پر آخر ڪيستائين؟ ڇڇڙن لپ تي شينهن جهڙو جبل جيو آخر ڪيترو ڪُڏندو، بُک ته حيات کي ئي ڍيري ڪيو رکي، هيءُ ته پوءِ به حيوان هو. ويتر وري قيد جهڙو عذاب، پنهنجي بت جيتري پڃري ۾ بند رهي ويچارو هيڻو ٿي پيو. آهستي آهستي لاڳيتي بک ۽ پڃري جي قفس شينهن کي چريو ڪري رکيو، جنهنڪري ويچاري پڃري سان پنهنجو مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي زخمي ڪري وڌو ۽ زائڪوسِس بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، پنهنجو رنگ، پنهنجي کل وڃائڻ سان گڏ انت پنهنجي فطرت به وساري ويٺو. قيد ۽ غلامي ته قومن جون ئي فطرتون بدلائي ڇڏيندي آهي، ميساري رکندي آهي، ماڻهن کي هيڻو ۽ بيمار بڻائي ڇڏيندي آهي ته پوءِ جانور ته وري به پنهنجي جِبلت ۾ شروع کان آزاد رهيو آهي. شينهن پنهنجي فطرت وساري ويٺو، پنهنجي گجگوڙ تان دستبردار ٿي ويو، زائڪوسس ڪارڻ پنهنجي دهشت ۽ سڃاڻپ صفا وڃائي ويٺو، ڪو دڙڪو ڏيس ته ڇا، ڪو هُش ڪريس ته ڇا، ڪو اُلر ڪريس ته ڇا، شينهن جو پُڇ ٽنگن ۾ ۽ پڇ ٽنگن ۾ شينهن ڪري، ڪو ڪتو ڪري يا ڪو شينهن مڙس ڪري، معاشري جو مسئلو حل ٿي ويندو آهي. سو ائين شينهن جو پُڇ ٽنگن ۾ ڪرڻ تي پاڙي وارن جو مسئلو ٽن مهينن ۾ حل ٿي ويو، سليم دود والي جو چوڻ هو ته ’اهو ڪمال سندس ڪرايل تعويذن جو آهي.‘ ڪمال تعويذن جو هو يا انسان جي ڏاڍائيءَ جو، شينهن نه فطرت ۾ شينهن رهيو، نه ڏسڻ ۾ شينهن رهيو.

    پر انور جي رومانس ۾ ساڳيو ئي جوش ۽ ٿرٿلو هو. همراهه عشق ۾ ڏٺو وائٺو وات ڳاڙهو شينهن بڻجي پيو، جنهن کي پنهنجو شِڪار پاڻ ڪرڻ تي فخر هو. ساڳئي ڇوڪريءَ سان ملاقاتون، قرب ۽ باتون، رواجي ۽ روايتي قيد ۽ ٻڌجڻ تائين وڃِي رسيون، جنهنڪري انور پنهنجي گھر وارن کي آصفي حليم واري جي گھر سنڱ وٺڻ لاءِ موڪليو، انور ڏاڍو خوش هو.

    انور شينهن جي پڃري جي ڀرسان بيٺو هو ۽ سامهون ٻه ماڙ تي بيٺل ڇوڪريءَ ڏانهن واجھائي رهيو هو. شينهن نيستو پڃري ۾ پيو هو ۽ انور هٿ ۾ جھليل مانيءَ جا ٽُڪر پَٽي شينهن جي پڃري ۾ اڇلائي رهيو هو. سامهون واري ماڙيءَ جي ڇت تي بيٺل ڇوڪري انور کي ۽ پڃري ۾ پيل شينهن کي تعجب وچان ڏسي رهي هئي. شينهن بک ۾ ماني کائي رهيو هو ۽ انور خوشيءَ ۾ گَد گَد ٿي رهيو هو. پر ساڳئي ڇوڪريءَ وٽ خوشيءَ جو ڪوبه احساس نه هو. سندس نظر ۾ هڪ پڇتاءُ هو، جيڪو شينهن جي پڃري مان ليئو پائي، موٽ کائي، زندگيءَ جي وسيع ڪينواس تي ڦهلبو ويو. ڇوڪريءَ خبرناهي ڇا محسوس ڪري ورتو، جنهنڪري هوءَ ڀِت کان پري هٽي وئي ۽ ڇِت تي ڦيريون پائڻ لڳي. هن اندر جي آنڌ مانڌ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ آسمان ڏانهن نگاهه ڪئي، جتي کوڙ سارا لغڙ ڏور ۾ قيد هوندي به پرندن جيان اڏامي رهيا هئا ۽ ڪجھه ڪبوتر اُڏامي قلابازيون کائي رهيا هئا.، جيڪي ڀرسان واري ڪَوٺي تان اسلم ڦڙڪائي اُڏاريا هئا. اسلم اڪثر بازار مان ڪبوتر وٺي ايندو هو ۽ اُنهن کي اڏاري خوش ٿيندو هو ۽ ان خوشيءَ ۾ هڪ پيار ڀري چِٺي ڏانهس به اُڇلايندو هو....... جيڪا هوءَ ڦاري ڇڏيندي هئي..... اسلم اڄ به ڏانهس هڪ چِٺي اڇلائي هئي، جيڪا هُن کڻي مُٺ ۾ ڀِڪوڙي ڇڏي هئي.

    انور صبح جو دخل تي ويٺو هو ۽ ڏاڍو خوش هو، ڇاڪاڻ ته آصفي حليم واري جي گھران سنڱ گهرڻ تي هاڪار ۾ جواب مليو هو. هو اڏيءَ تي آصفي حليم واري جو حليم لاءِ گوشت ڪڍي ڪپي رهيو هو ته آصفيءَ جو پٽ وٽس ڊوڙندو آيو ۽ کيس گوشت ڪپڻ کان منع ڪيائين ۽ کيس ٻڌايائين ته اڄ آصفي حليم نه لڳائيندو، اِن لاءِ جو آصفي ٻه ماڙ تي بيهندڙ ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ مصروف آهي، جيڪا رات اسلم سان ڀڄي وئي آهي.
     
    آخري ترميم: ‏12 مارچ 2017
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,719
    ورتل پسنديدگيون:
    6,947
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    ڊولپر، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    بهترين ۽ سبق آموز ڪهاڻِي.

    جِتي توهان پيار ۽ رومانس جي راند کي ڏيکاريو آهي اُتي سماج جي ڪُجھ حقيقتن جا نقش به چِٽيا اٿؤ، جيئن :
    توهان جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو