• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جَر تي جَرڪڻ وارو حَسن ڪيڏانهن ويو؟!!

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
جَر تي جَرڪڻ وارو حَسن ڪيڏانهن ويو؟!!
ضراب حيدر




اُهو صبحِ ڪاذب جنهن لاءِ مُنير نيازيءَ چيو هو ته:

” صبحِ ڪاذب ۾ ڪيا درد ٿا منير

ريل ڪي سيٽي بجي تو دل درد سي ڀر آيا “

وڇوڙي جي علامت سان ڀرپور مُنير نيازيءَ جون هي سِٽون سنڌ جي اُن البيلي شاعر جي وڇوڙي جو درد ٻيڻو ڪريو ڇڏين جيڪو صبحِ ڪاذب ۾ اُهو آکيرو ڇڏي اڏامي ويو، جنهن جي سُڌ ٻُڌَ ۾ هو ڪڏهن به اٽڪي نه بيٺو هو، هو ته روح جون رولاڪيون ڪندو رهندو هو، جيڪي پرينءَ جي پاڇي جيان جر تي جَرڪنديون رهنديون هيون. جيئن رات جي پردي مان صبح ڪاذب (اُسر) جو پردو ظاهر ٿي ڦٽندو آهي، ايئن ئي حسن پنهنجي ڏات جون روشنيون هن ڀونءِ کي ارپي اُجهامي ويل رات ۾ گم ٿي ويو. جيتوڻيڪ هو هر رات سان گڏ موٽي آڪاش تي اچي ٽِمڪندو آهي، پر پوءِ به اسان وارن سمورن يارن صفا ڇيهه ڪري ڇڏيا، اُسر ويل اُسي ويل، حَسن جي حُسناڪين ۽ دلبرين کي ايئن وساري ويٺا جيئن هو هرساڃاهه کي وساري ويٺا آهن.

جهمپِير جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڦهليل ڪينجهر الائي ته ڪنهن کي پئي سڏيندي رهي آهي، ائين پيو لڳي ڄڻ ته جون جا آڳاٽا آگم به سڪتي ۾ ورتل آهن، هونئڻ ته چؤماسي (سانوڻ) جا هي ڪڪر سنڌ تي ڪڙڪاٽ ڪري ڪڙڪندا آهن پر هيلوڪو آڳاٽين برساتن به پرپنءَ جي پيار جيان بس ڪئي آهي.

پر، اُهي پوڙهيون اکيون اڄ ٽِم ٽِم برسن پيون، هي اُهي ئي اڏول اکيون آهن جيڪي سدائين رُڪ رهيون آهن، هي اکيون جن ۾ سنڌ جهڙا سوجهرا رهيا آهن سي هاڻ جهيڻيون ٿي ويون آهن. هنن اکين کي رب رکي، جيڪي سچ پچ پرينءَ جو پاڇو لڳنديون رهيون آهن، جن ۾ نهارڻ سان خبرناهي ڪيڏا دؤر ڪيڏا زمانا منجهن ڌڙڪندي پيا نظر ايندا آهن.

جهمپير جي ڏاکڻي اوڀاروينءَ ڪُنڊ کان ٿورو ئي پرڀرو مهاديو مندر موجن ۾ هوندو آهي. ائين به پيو محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سندس پاسي ۾ سُتل ڀيم ڪوٽ اڃا ٿانيڪو ڪونهي ٿيو، منجهس خبرناهي ڪهڙي بيچيني بيقراري ليئا پائي رهي آهي، شايد کيس جُڳن کان اوسيئڙو آهي، اُن ڀؤنر جو جيڪو لاڙ جي سموري پَٽ تي پنهنجي دلفريب لهجي سان ڪانگ جيان لنؤندو رهيو آهي. مها ديو مندر جي پيرن ۾ وکريل، ڪينجهر جي چوليءَ تي ٽانڪيل پٻڻ، جيڪي سماٽڪي ڀرت ۽ گج جيان ڏور تائين هڪ ترتيب ۾ وکريا پيا هوندا آهن سي به ڄڻ مُرڪندي اُداس لڳندا آهن، اُنهن پٻڻن جون ڳِچيون ۽ قد جيتوڻيڪ مندر جيترا اوچا ۽ ڪينجهر جيترا وسيع ناهن باوجود اُن جي هي پٻڻ پنهنجي دل سان ڀيم ڪوٽ کي نهاريندي، پنهنجو پاڻ ارپڻ لاءِ آتا هوندا آهن.

اُهي ساڳيا پٻڻ پنهنجي دل جي نگاهه سان مندر جي چيلهه وٽ گهاٽي ٻٻر جي اوٽ ۾ ٻانهن جي ٽيڪ سان ڪينجهر کي نهاريندڙ، سيلاني چرياڻ ۽ شهنشاهه ڪهاڻيڪار علي بابا جي اُداسين کي ڪيترا ڀيرا پرنام ڪري چُڪا آهن. ڪينجهرجي جرڪندڙ سيني تي ترندڙ پٻڻن جي پنن تي فطرت جهڙو اُجرو ۽ آسمان جهڙو شفاف پاڻي هوا تي ڇُلڪندي جُهومندي ڄڻ ته اِهو ئي چوندو رهندو آهي تـ،

”تنهن عشق کي شاباس، جنهن مُحبتي ميڙيا.“

سوچيان ٿو هي ڪهڙو عشق آهي جيڪو محبتي پيو ميڙي؟! اُن ويل مونکي وري اُهي اکيون ياد پئجِيو وڃن جيڪي پرينءَ جو پاڇو آهن. آئون سوچيان ٿو اُن آڳنڌ لاءِ جنهن تي سدائين سونهن سندرتا ۽ سچائي جا ڀؤنر پيا ڦيريون پائيندا رهن ٿا، هي آڳنڌ جيڪو عشق جو آڳنڌ آهي، اُهي اکيون به ته آسڻ آهن نه! جيڪي پوڙهيوڻ ۽ جهڻيون ضرور ٿي ويون آهن پر اڄ به ڄڻ هن سموري پَٽ، سموري خطي لاءِ جهم (جهميل ايراضي/ترائي) بڻيل آهن، جنهن جو هڪ پِير ته ڪي زمانا ٿيا، هتي ڪٿي ئي مدفون ٿيو پر سندس ويرُ زماني ۽ ماڻهن جي سازشن جو شڪار نه ٿيو، جنهن جي ڳالهڙي به ته رازق راس آندي آهي. ڪوهستان جي تر جي هن وڏي ترائي واري پِڙ جو هي جُنگ انسان اڄ به اڏول آهي، اڄ به ته عشق جي علامت بڻيل آهي.

حَسن سان جيتوڻيڪ منهنجي ڪا گهرائي ۽ ويجهڙائي ڪونه هئي، پر پوءِ به هو ۽ آئون هڪ ٻئي کي ازل کان ڄاڻيندا سڃاڻيندا هئاسين. اسان جو جيڪو هڪ ٻئي سان رشتو هو سو اُن ڏات اُن عشق جو هو جيڪو ڀؤنر ڀُري آڪاش جيان اسان کي ميڙيندو/گڏ ڪندو هو.

حَسن درس، جنهن جون ساروڻيون مونسان سدائين پرين جي پار جيان رهيون، باوجود گهڻي اليڪ سليڪ نه هُجڻ جي هو منهنجو محبوب هو.

حَسن جون سُريليون سِٽون ۽ اڇوتا خيال مون کي پاڻ جهڙا اِن ڪري به لڳندا هئا جو اُهي جنهن تصوراتي سنسار مان لهندا هئا اُتي منهنجون اکيون اڳ ئي ٽانڪيل هونديون هيون، پولار هجي يا پاتال تصورخيال هجي يا هي سنسار، اسانجي روح جا ريلا هر جاءِ تي ساڳئي قطار ۾ رُلندا ۽ وهندا رهيا آهن.

سموري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هجي يا اُتر سَرو لاڙ ۽ ڪاڇو هُجي، اُهو جنهن بـ جَر تي جَرڪي ٿو سا ته ماڻڪيءَ جي اُها نهار آهي، جيڪا آرٽسٽ ماڻهن جي اک ۾ سدائين سپنا خواب ۽ آئيندا بڻجي وسندي آهي ۽ هر ڏِسا کان اهڙو ئي ڏيک ڏيندي آهي جهڙو ڏيک منَ ۽ فطرت جي پردن ۾ اوجهل هوندو آهي. مون اڳ ۾ به جتي ۽ جيئن بـ لکيو آهي، اُتي ڪنهن جي به ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻ يا ڪا تشبيهه ڏيڻ کان گُريز ڪيو اٿم. جيئن شاهُه، ساهَه جو شاعر آهي، مطلب تـ ساهَه سان لاڳاپيل هر احساس ۽ ڪنڊيشن جو شاعر آهي، اتي اياز احساس ۽ انتها جو شاعر آهي تـ وري بُخاري بيخُودي جو اُستاد شاعر آهي، انهي تناظر ۾ حَسن حُسناڪين جو حَسين شاعر آهي. اهڙيون حُسناڪيون جيڪي سادگين ۽ ڪک پن ۾ فطرت جيان وسن ٿيون، حَسن ڇهِين حِس سان جن شين کي محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي اُها اک جهڙوڪر هڪ گُڏِيءَ جي اک آهي، جيڪا دنيا کي مڇيءَ واري نگاهه سان ڏسي ٿي يا وري جِهرڪي واري نهار سان پسي ٿي.

آئون اڪثر مهاديو مندر واري ڪُنڊ وٽ بيٺو، حَسن لاءِ سوچيندو رهندو آهيان، جتان واهوندا ڪينجهر جو هڳاءُ کڻي، ڪوهستان ريگستان ۽ پوءِ مهراڻ جي پوٺن تي نهار ۽ پيار جيان ڦهلجي ويندا آهن، ايئن ئي جيئن سندس نظم هوائن جيان سنڌ جي سماج ۾ وسيل آهن. اُنهي مها ديو مندر کان ئي ٿورڙو اڳتي ڪينجهر جي هڪ پاسيري ننڍڙي ٻارِ (ڍنڍ جي ٽِڪُنڊي ٽُڪري) ٻهڪي رهي آهي ۽ سندس ڪناري تي ڪجهه چيلهه ڀڳل جُهونيون ڪُراڙيون کجيون ڄڻ ته رُڌاليون بڻيل آهن، اُنهي لمحي رُڌالين (روئيندڙ) تاڙين کجين جي پارن تي منهنجي مَن مان محبوب شاعر جون هي سِٽون صدائون بڻجي نڪري رهيون آهن ته

”تون ته سمجهي ٿي ته، تنهنجي سيني جيان

سجاول کي وساري آ ڇڏيو

سڀئي تاڙيون کجيون جهمپير جون

مون ۾ ويون آهن مري.“

جهمپير جيڪو سدائين کجين سان ڍڪيو پيو هوندو هو، سي کجيون تڏهن کان جهمپير مان گُم ۽ گُمنام ٿيڻ لڳيون هيون، جڏهن کان اُهي حَسن ۾ مري ويون هيون ۽ جڏهن حَسن هزارن ميلن ۾ هوندي بـ صبحِ ڪاذب مهل اڪيلو رخصت ٿي ويو ته جهمپير کجين بنا، ڄڻ مٿي اُگهاڙي کيس سڏيندو پُڪاريندو رهيو۽ پار ڪڍي روئيندو رهيو. آئون لاڙ جهڙي دل رکندڙ ۽ ڪوهستاني سڀاءُ سانڍيندڙ جُهوني جهمپير کي ڪيئن ۽ ڪهڙو دلاسو ڏيان جنهن سان حَسن جوانيءَ جي موٽ کائڻ کانپوءِ وارن ڏيهاڙن گُذارڻ جو وعدو ڪيو هو، ائين به ڪونهي ته حَسن ڪڏهن ڪو ڀيرو وساريو هُجي، هو ته وعدا ۽ اقرار پاڙڻ ۾ ايترو ئي تڪڙو هوندو هو جيترو تڪڙو هو پاڻ هليو ويو.

آئون ڪيئن جهمپير جي دل کي سهيڙيان جيڪا هاڻ جُهريو جُهريو ٿي پوي، آئون ڪيئن اُنهن اکين کي سمجهايان جيڪي لڙِيو لڙِيو ٿيون پون، آئون ڪيئن جهمپير کي ٻُڌايان ته حَسن جي جواني اڃان ڪونهي لڙي (موٽي) هو ته اڃا به ڪينجهر ڪناري رهندڙ (کيڏندڙ) ٻارن جي راند روند ۾ ريسارا پيو ڪري ۽ پاڻيءَ ۾ ٽُٻيون هڻندڙ ۽ مَستيون ڪندڙ ٻالڪن جي ٻاراڻين ۾ پيو ٻهڪي. چيلهه ڀڳل ڪراڙيون تاڙيون کجيون هاڻي هاڻي گذري ويل حَسن جي پيرن جي نشانن کي چُمڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ جُهڪي رهيون آهن ۽ پريان اُتر اولهانوين جي ڪُنڊ کان ڪنهن بانوري ڪَنيا جي ڦِڏي سينڌ جيان وريل وڪڙيل ڪاري ريلوي پٽڙيءَ تان گذرندڙ ريل، جڏهن سيٽي وڄائي ٿي ته دل درد سان ڀرجيو اچي ۽ ڀيم ڪوٽ جي سُتل شهزادي سنڌ جيان ڇِرڪيو پوي.

” هاءِ حَسن ڪيڏانهن ويو...؟ “

آئون جڏهن هڪڙي جهوني رُڌالي کجيءَ سان ڳراٺڙي پائي روئڻ چاهيان ٿو ته پريان هڪ کجيءَ جي اوٽ مان حَسن پنهنجي خماريل اکين سان ليئو پائي مَڌ ماٽيل چپن سان مُرڪي ٿو، اُن ساعت ڪينجهر جي ڇَرَ تي هڪڙو سُريلو رڌم اُسري ٿو ته:

”سمنڊ جي گهميل هوا،

تنهنجي چُمي نمڪين هئي

پوءِ پنهنجي ڇو الائي

زندگي غمگين هئي

پوءِ به دل کي اوپري

ڪا تازگي تسڪين هئي.“

حَسن جيڪو جوان، چنچل ۽ البيلو هو، سو ڌرتيءَ جو ڳڀرو شاعر هو، اُن جو انتخاب ڏات جي ديويءَ ڪيو جيئن اُها سندس ٻولن تي سندس سُرن تي ناچڻيءَ جيان رقص ڪري، هو پوڙهو ڪونه هو، هُن جي جواني اڃان موٽ ڪونه کاڌي هئي، هُن جون چِنچلتائون ۽ ادائون اڄ به جهمپير کان سموري سنڌ ۾ رڌمِ ۽ نظم جو ويس پائي ائين جهومنديون رهن ٿيون، جيئن ڪراڙ جي هڪ ڪنڌيءَ کان تنبوري جي تار چُرندي رهي ته ٻي ڪنڌي کان اياز جي اُڏار پَسجندي رهي ٿي.

لطيف سرڪارته مرڪز آهي، روح ۽ روحانيت آهي،

ڇو ته اُن کي تنبورو به سونهين ته رسالي به ڀانئين (زيب) ڏي.

اياز لاءِ ڪتاب ۽ ورق وڃاڻا ٿيا ۽ هُن سياڻو بڻجي ڪو به اهڙو لقب ڪو نه ڌاريو جنهن ۾ اوپرو لڳي، حَسن، حُسن جي حسرت ۾ حيرانگيءَ کي ڇُهندي رومانويت جي سَحر سان کيڏندو رهيو، سندس بيباڪي ۽ البيلائي جا پنهنجا انداز ۽ ادائون هيون جيڪي الهڙ وهيءَ ۾ سدا جوان رهجي ويون.

پاڻ وارن يارن کان جيڪا ساڃاھ وسري وئي آهي، تنهن تـ هيلوڪو حَسن جون سموريون دلبريون بـ وِساري ڇڏيون،

”جڏهانڪر ٿيام ساڃاهه سُپرين سين“

واري ڳالهه ته بس هاڻي شاهه سرڪار جي رسالي ۾ وڃي بچي آهي، باقي اسان وٽ ته صرف ڏيکاءُ واري ساڃاهه جا دُڪان کلي ويا آهن. اسين جنهن تاريخ جو تسلسل آهيون، اسين جنهن شاهڪار تهذيب جا وارث آهيون تنهن جو وڙ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته اڄ مُهين جي دڙي کان ڀلاري ڀِٽ تائين جا سمورا نشان اهڃاڻ ميساريل هجن ها. پر ايئن نه هو/ آهي.....!!؟

اسان ايترا ساڃاهه وند هئاسين جو صدين کان مُهين جي ناچڻيءَ جون اُهي ڇيرون پنهنجي يادن ۽ روح ۾ ڇِمڪائيندا آياسين جو جڏهن به اتهاس جو ڪو شاهي گِهنڊ وَڳو ته اُن ۾ به ناچئيءَ جي ڇيڙن جي ڇِمڪار واضح ۽ چٽي ٻُڌي وئي.

بس ڪڏهن ڪڏهن ڪي دوستَ به پنهنجي محبوبن کي ماري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هيل دوستن بـ ايئن ئي ڪيو، ” ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ بڻجڻ ۽ بڻائڻ وارو حَسن سڀني کان وسري ويو ( هو ڄڻ سچ پچ مري ويو، منهنجي لاءِ حَسن زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو) پر ٻِن سالن ۾ حَسن پنهنجن يارن کان مري ويلن وانگي وسري ويو کيس ياد ڪرڻ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪٿي بـ ڪو ميڙاڪو نـ ٿيو. مهاديو مندر کان ٿورو اڳتي ڪينجهر جي ڪُنڊائتي ٽُڪر جي ڪناري تي پوڙهيون جُهڪيل کجيون ڏاڍيون اُداس آهن جيڪي ڪڏهوڪو حَسن ۾ مري ويون هيون پر جڏهن بـ منجهن تاڙيءَ وارو تاءُ ورندو هو تـ حَسن کي سارينديون پُڪارينديون هُيون. حَسن تاڙين جي اُن تاءُ ۾ اڃا جاڳي پيو جيئرو آهي.

محبوب کان وڏو ڪوبه درجو يا لقب ڪونهي هوندو! اُن لاءِ ضروري ناهي ته کين حضرت يا آقا يا قِبله جو لقب ڏنو وڃي، حَسن جا ڪيئي ڪتاب سي به اڌوري حالت ۾ ”حَسن درس جو رسالو“ ۾ ڄڻ ته ماري دفن ڪيا ويا؟ اهو ڇو، ڇا لئه ۽ ڪهڙي دڪانداريءَ لاءِ ٿيو؟ اُن جو حساب ۽ فيصلو وقت ۽ تاريخ تي ڇڏيون ٿا.

آئون اِها ئي ڳالهه چوندس جيڪا حَسن هڪ جهوني کجيءَ جي اوٽ مان ليئو پائيندي چئي رهيو آهي ته: ” آئون پوڙهو ناهيان، جوانيءَ جي موٽ کان اڳ ۾ ئي موٽيو آهيان (موٽي ويو آهيان) منهنجو فوٽو ڪڏهن به پوڙهو نه ٿيندو ۽ نه ئي منهنجي ڳڀرو چنچل رومانوي شاعري ڪڏهن ڪُراڙي ٿيندي، ٻيلي تون يارن کي سمجهاءِ ته ائين نه ڪن، مونکي هرون ڀرون بزرگ پوڙهو نـ بڻائن، نـ وري منهنجي شاعريءَ کي روايتي ورق اوڍائي پيش ڪن“

آئون جهمپير کي تـ دلاسو ڏئي سگهان ٿو، ڪينجهر ڪناري جُهڪي ويل تاڙين کي تـ ريجھائي سگهان ٿو، عشق جي علامت بڻيل شخص رسول بخش درس جون اکيون تـ اُگهي سگهان ٿو پر حَسن جي بي چَيَن ساڃاھ وڃايل اَڻاسن يارن کي سمجهائي نٿو سگهان، جن پنهنجي مان (myself) خاطر حَسن کي مارڻ ۽ وسارڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي.
 
آخري ترميم:
Back
Top