عملي ۽ جاکوڙي جوان، محمدسليمان وساڻ

'جنم مبارڪ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    عملي ۽ جاکوڙي جوان، محمدسليمان وساڻ
    عبيد ٿهيم
    **********​




    ڪُجھ ماڻهن کي لکڻ جو ڏانءُ هوندو آهي ۽ ڪُجھ ماڻهن کي ڳالهائڻ جو، پر ڪُجھ اهڙا به ماڻهون آهن، جن کي لکڻ، ڳالهائڻ کان علاوه ماڻهن جون دليون کَٽڻ جِي ڏات به مالڪ سائينءَ طرفان عطا ڪيل هوندي آهي. انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو سرواڻ محمد سليمان وساڻ به اُنهن شخصيتن مان هڪ آهي.
    محمدسليمان وساڻ، 13 مارچ 1976ع ۾، ميرن جي رياست سڏجندڙ ”خيرپور“ جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ۽ فيض هاءِ اسڪول ڪوٽڏيجيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 1993ع ۾ سُپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پري_انجنيئرنگ ۾ انٽر پاس ڪري شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1999ع ۾ مارڪيٽنگ ۾ MBA جي ڊگري حاصل ڪيائين.
    محمد سليمان وساڻ سان مُنهنجي واقفيت 2012 ۾ فيسبُڪ ذريعي ٿِي، 2013 ۾ ساڻس پهريون ڀيرو ”سنڌسلامت ڪتاب گھر“ جي حوالي سان فون تي ڳالھ ٻولھ ٿِي، ۽ پنهنجو ڪمپوز ڪيل پهريون ڪتاب ”تجلياتِ حسن“ پيش ڪيم، جيڪو پاڻ پي.ڊي.ايف صورت ۾ ”سنڌسلامت ڪتاب گھر“ ۾ شامل ڪيائون ۽ ان کان پوءِ سليمان وساڻ سان ڪتابن جي حوالي سان لَھ وِچُڙ ۾ رهيس.


    مونکي ياد آهي ته حيدرآباد شهر ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران منعقد ڪيل پهرئين ”اياز ميلي“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيو هيو ته کيس سنڌسلامت جو سينيئر رُڪن سنڌسلامت فانٽ ڊولپنگ ٽيم جو هِيرو محترم سائين ”ابوواصف ڀُٽو“ کيس نسيم نگر وٺي آيو هُيو جتان، مون، سائين عبدالرشيد سمون سندس آجيان ڪئي، پوءِ اُتان کان حيدرچوڪ جي هڪ هوٽل تي ”مغز“ کاڌوسين.. اُهو مغز ٻڪر جو هُيو، متان توهان اِهو سمجھو ته سليمان وساڻ جو کاڌوسين. (ڀوڳن ۾).... ايتري ۾ ٻيا به دوست جن ۾، مورساگر جوڻيجو، ڊاڪٽر ممتازقريشي، گُل حسن لاکو پڻ آيا... ۽ پوءِ ميلو مچي ويو..
    سنڌسلامت فونٽ سرور جي جڏهن پروگرامنگ پئي ڪئيسين ته اُن جو ڊيمو ڏيکارڻ لاءِ، آئون، سائين رشيد، ڊاڪٽر حفيظ، عُرس پريو، مُرتضيٰ وساڻ ۽ دلبردوست سجاد چنا، سليمان وساڻ جي سچل ڳوٺ واري اوطاق ۾ ڪَٺا ٿياسين،جتي سنڌسلامت فونٽ سرور جي شروعاتي شڪل تيار ڪئيسين.. حقيقت ۾ فونٽ سرور جو صِرف بهانو هيو، باقي هِن محبتي ماڻهوءِ (محمدسليمان وساڻ)، سنڌسلامت ٽيم کي هڪ پارٽي ڏِني هُئي... :)
    يادگيرين جا کوڙ البم، منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هن مهل به تري آيا آهن، جن کي سهيڙڻ ۽ لکڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو. :) ۽ پڙهندڙ به هيڏو وڏو ليک پڙهي بور نه ٿين اُنڪري هلون ٿا مطلب جي ڳالھ طرف.
    سليمان وساڻ هن وقت سکر شهر ۾ ”سُئي سڌرن گيس ڪمپنيءَ“ ۾ چيف مينيجر طور پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌسلامت ڪتاب گھر، سنڌسلامت فورم تي ڪتابن کي اپلوڊ ڪرڻ، انهن جي ترتيب ڏيڻ سان گڏوگڏ فيسبُڪ تي مختلف شعبن سان لاڳاپيل دوستن کي جنم ڏينهن جا ڪارڊ ڊزائين ڪري اُنهن کي واڌايون به ڏيندو رهندو آهي.
    اڄ 13 مارچ، محمد سليمان وساڻ جو جنم ڏينهن آهي ۽ سندس جنم ڏينهن تي کيس انيڪ دعائن سان جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏيندي چوان ٿو ته : سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عملي خدمت ڪندڙ چند ماڻهن ۾ سليمان وساڻ به هڪ آهي، جيڪو پنهنجي پنهنجي ذاتي مصروفيات باوجود به، وقت ڪڍي، دوستن ۽ ادبي ميڙاڪن کي ڏيندو رهندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي سوشل فورم ”سنڌسلامت ڊاٽ ڪام“ سميت، سنڌي ٻوليءَ جِي ٻين وڏي ٽيڪسٽ ڪتابن جي آنلائن لائبرري ”سنڌسلامت ڪتاب گھر“ تي هن وقت اڍائي سؤ جي لڳ ڀڳ ڪتاب اپلوڊ ڪري چُڪو آهي، جيڪو انتهائي محنت ۽ وقت طلب ڪم آهي. دُعا آهي ته شال ائين ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي.

    [​IMG]
     
  2. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سائين جنم ڏينهن جون واڌايون
     
    سليمان وساڻ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  3. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    سنڌسلامت جي انتظامي رڪن، سنڌسلامت لاءِ جاکوڙيندڙ دوست محمدسليمان وساڻ کي جنم ڏينھن جون کوڙ واڌايون.
     
    سليمان وساڻ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿورا ناهن ٿورا .....

    سچ اهو آهي ته دوست آهن، محبتون آهن ته سالگرهه جا مزا به آهن.

    اوهان سهڻن لفظن ۾ اخبار ۾ ڪالم لکي ڀيٽا ڏني، جواب ۾ مهرباني چوڻ لاءِ مون وٽ محبتون ۽ دعائون ئي آهن.
     
    احمدخان ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو