صورتخطي (Orthography) ڇا کي چئجي؟

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صورتخطي (Orthography) ڇا کي چئجي؟

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    ’صورتخطيءَ‘ جو اصطلاح ٻن لفظن صورت + خط جو مرڪب آهي؛ بنيادي طور ٻن عربي لفظن جو جوڙ/ مرڪب آهي ۽ معنى اٿس: ڪنـﻫـن لفظ يا جملي جي لکت ۾ ترجيحي صورت. هن لفظ جو اشتقاق هيٺينءَ ريت بيـﻫـاري سگھجي ٿو:
    [صورت (صار/ صُورَ/ صَوَّرَ = هن تصوير ڪڍي) شڪل- تصوير- نوعيت- فارمولا + خطي (خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو) لکت- لکيل] لکڻ جي نوعيت- اِملا- اکرن ذريعي لفظن ۽ لفظن ذريعي جملن جي لکيل درست صورت- لـﻫـجاتي فرق هجڻ سبب لفظن يا جملن کي مقرر شڪل ڏيڻ واري حالت- ڪنـﮨـن اصطلاح (term) لاءِ تز لفظ جو تعيّن. (فيروز اللغات عربي- اردو تان مدد ورتل)
    Orthography is the branch of humanities, which is concerned with the study of writing system (Freeman D E and Freeman Y S, 2004). According to Sebba (1998) a writing system is generally used to signify the language and most of the languages have at least one, orthography. Nevertheless, some languages are written with more than one writing system forming several orthographies for people to communicate in these languages.
    صورتخطي (Orthography) جي جزن ۽ ان جي دائري بابت فروسٽ ۽ ڪيٽز ڄاڻائين ٿا ته:
    The term “Orthography” has come from Greek origin which means ‘correct writing’. Many people peculiarly distinguish orthography as the study of spelling. This is inaccurate perception. Spelling is only one area of orthography, whilst the field of orthography deals with the entire writing formation of language including capitalization, hyphenation, punctuation, emphasis and word breaks to mention but a few. (Frost R and Katz L, 1992)
    انگريزيءَ ۾ Orthography ۽ اردوءَ ۾ ڪم ايندڙ عربي اصطلاح: ’اِملاء‘ جو مفـﻫـوم به ’صورتخطيءَ‘ سان سلهاڙيل آهي. دنيا جي ڪنـﻫـن به ٻوليءَ ۾ لـﻫـجن جي فرق سبب ساڳئي لفظ يا جملي جي ساڳي معنى سان، آوازن جي بنياد تي، لکت ۾ فرق ٿي ويندو آهي؛ يا ڪن عالمن/ استادن جي لکيل ساڳين لفظن جي مختلف صورتن سبب، فرق ٿيندو آهي؛ يا ڪنـهـن اصطلاح (Term) لاءِ ٻوليءَ ۾ مختلف لفظن جو استعمال ڪيو ويندو آهي؛ ان اهڙي فرق کي معياري لـﻫـجي موجب ضايع ڪرڻ ۽ ڪنـﻫـن لفظ يا جملي کي متفقه طور شڪل ڏيڻ کي صورتخطي چيو ويندو آهي. مثلاً: اترادي لـﻫـجي جي لاڙڪاڻوي اُپلـﻫـجي (Accent) موجب: ’شوڪرو‘، لاڙي لـﻫـجي موجب ’چوڪرو‘ ۽ وچولي/ معياري لـﻫـجي موجب: ’ڇوڪرو‘ اچاريو ويندو آهي؛ اهڙي حالت ۾ اختياريءَ وارن تي لازم هوندو آهي ته اهڙن لفظن جي هڪ معياري صورت مقرر ڪن! ياد رهي ته ٻوليءَ جي نسبت، مذڪوره لفظن: ’شوڪرو‘، ’چوڪرو‘ ۽ ’ڇوڪرو‘ مان ڪنـﻫـن به صورت کي غلط قرار نه ٿو ڏئي سگھجي. ان کان علاوه ٻوليءَ جي ماهرن وٽ ڪنـﮨـن اصطلاح جي دائري لاءِ الڳ الڳ لفظن جو استعمال به نوٽ ڪيو ويو آهي، جيئن: Dialect لاءِ ڪي ماهر ’محاورو‘ ڪم آڻين ٿا ته ڪي وري ’لهجو‘ استعمال ڪن ٿا؛ ظاهر آهي ته اهڙي مسئلي کي حل ڪرڻ يا ڪنهن تز لفظ جو تعيّن ڪرڻ/ ترجيحي صورت مقرر ڪرڻ واري معاملي کي صورتخطيءَ جي دائري ۾ آڻي سگھجي ٿو.
    صورتخطيءَ جا اهڙا مسئلا هر ٻوليءَ ۾ ٿيندا آهن: جيئن عربيءَ ۾ قرآن شريف پڙﮩـڻ جون ست قرئَتون ڄاڻايون ويون آهن، سي اصل ۾ عربي ٻوليءَ جي ستن لـﻫـجن (Dialects) جا فرق آهن؛ ليڪن هاشمي قبيلي جي ماڻهن جي ٻوليءَ جو لـﻫـجو معياري ڄاتو ويندو آهي، جيڪو قرآن پاڪ ۾ موجود آهي؛ ڇاڪاڻ ته قرآن پاڪ، عربيءَ جي ان لـﻫـجي جي ڳالهائيندڙ نمايان هستيءَ_ رسول ڪريم حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم _ تي نازل ٿيو.
    ٻوليءَ جا ٻه اهم ڀاڱا ٿين ٿا؛ هڪ: ڳالهائجندڙ ٻولي، ٻيو: لکجندڙ ٻولي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جا ڪافي لـﮬـجا (Dialects)، اُپلـﻫـجا (Accents) ۽ شخصي لـﻫـجا (Idiolects) ٿيندا آهن، جن کي هڪ حيثيت حاصل آهي ۽ اڀياس هيٺ آندا ويندا آهن. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي لـﻫـجن، اُپلـﻫـجن يا شخصي لـﻫـجن کي ڪنـﻫـن هڪ ڌارا تي نه ٿو هلائي سگھجي؛ ليڪن ٻئي پاسي لکجندڙ ٻوليءَ کي هڪ ڌارا تي هلائڻ لاءِ، اتفاقي طور تي، ڪي ضابطه مقرر ڪيا ويندا آهن. اهو طريقو دنيا جي مڙني ٻولين ۽ ان جي صورتخطين جو آهي.
    ’صورتخطيءَ‘ مان مراد ڪنـﻫـن لفظ يا لکت/ تحرير جي اها معياري صورت آهي، جنـﻫـن تي ڪنـﻫـن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ گھڻي قدر متفق هجن؛ يعني صورتخطيءَ جو تعلق لفظ سان گڏوگڏ جملي جي بيـﻫـڪ سان پڻ آهي. علم لسان موجب اهو معاملو علم صوتيات سان گڏوگڏ سماج ۽ ثقافت جي قدرن سان پڻ سلهاڙيل آهي.
    صورتخطيءَ ۾ اکر کان لفظ ۽ جملي جي اها صورت ڳڻي ويندي آهي، جيڪا اختلافي صورت کان سواءِ، متفقه طور متعيّن ٿيل هجي. فرض ڪريو معياري صورتخطيءَ موجب ’مڇي‘ يا ’ڇوڪرو‘ چئجي ۽ لکجي ٿو، جڏهن ته اترادي لـﮬـجي جي هڪ اُپ- لـﮬـجي ۾ ’مشي‘ يا ’شوڪرو‘ ۽ لاڙي لـﮬـجي موجب ’مچي‘ يا ’چوڪرو‘ اچارجي ٿو، ان صورت ۾ معياري يا وچولي موجب ’مڇي‘ ئي معياري ڀانيو ويو آهي. ائين ئي معياري لـﮬـجي آڌار، جملي جي بيـﮬـڪ جون صورتون پڻ متعيّن ڪيون ويون/ وينديون آهن. پر جيئن ته جملي جا اسلوب مختلف ٿين ٿا تن کي ڪنـﻫـن پڪڙ ۾ نه ٿو آڻي سگھجي؛ البته، لفظن جي صورتخطيءَ جو احتياط زوردار نموني نوٽ ڪيو ويو آهي.
    صورتخطيءَ مان عام مراد ڪنـﻫـن لفظ يا جملي جي ترجيحي صورت يا ڪنـﮨـن اصطلاح (Term) لاءِ تُز لفظ جو تعيّن هوندو آهي؛ اهو سڄو سلسلو اتفاق راءِ ۽ معياري لـﻫـجي تي ٻڌل هوندو آهي. ترجيحي صورت جي تعيّن ۾ به گھڻي قدر عالمَ پنـﻫـنجي لـﻫـجي جي نمائندگي ڪن ٿا؛ معياري/ وچولي لـﻫـجي بابت اتفاق راءِ ڪونهي، پوءِ ٿئي ائين ٿو ته جنـﻫـن لـﻫـجي جا ماڻهو گھڻا ٿين ٿا، اتفاق راءِ انـﻫـن جي حق ۾ وڃي ٿي. ٻوليءَ تي مخصوص لـﮨـجي جي حاڪمي ۽ وچولي لـﮨـجي ڏانـﮨـن بي توَجـﮨـيءَ سبب اهڙن مونجهارن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنـﮨـنجي راءِ هيئن ظاهر ڪري ٿو ته: ”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گھڻي حد تائين حيدرآباد واري شـﮨـري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانـﮨـن گھٽ توجه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون.“ (بلوچ، 1992: 15)
    عام رواجي صورتخطيءَ کي غلط يا درست واري ميزان تي تورڻ بجاءِ اتفاق راءِ هجڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آهي، ان بابت ڄاڻايل آهي ته:
    Most natural languages developed as oral languages, and writing systems have usually been crafted or adapted afterwards as representations of the spoken language. In an etic sense, the rules for writing systems are arbitrary, which is to say that any set of rules could be considered ‘correct’ if the users of the language mutually agreed to convene upon that set of rules as the standard way to represent the spoken language.
    However, as standardization takes stronger hold, an emic epistemology of ‘right and wrong’ develops, in which compliance with, or violations of, the standards are viewed as right, or wrong, in a way analogous to moral right and wrong, and in which each word has a written identity that is no less standardized than its oral-aural identity, which is emically unitary. The term orthography is sometimes used in a linguistic sense to refer to any method of writing a language, without judgment as to right and wrong, with a scientific understanding that orthographic standardization exists on a spectrum of strength of convention. (Dictionary.com Unabridged.)
    صورتخطيءَ مان اهو نڪتو به نوٽ ڪيو ويو آهي ته سماجي ٻوليءَ جيان صورتخطيءَ جو تعلق صوتيات جي علم کان سواءِ سماج ۽ ثقافت سان پڻ ٿئي ٿو؛ تڏهن ته، ترجيحي بنياد تي رسم الخط (Script) جي چونڊ ۽ ان جي اکرن ۾ سڌارا واڌارا آندا ويندا آهن ۽ لفظن جي معياري صورت جو معاملو سامهون ايندو آهي- ٻي صورت ۾ ڳالهائجندڙ لفظن ۾ ’ترجيح‘ جو معاملو سامهون نه ٿو اچي. صورتخطيءَ جو تعلق سماج ۽ ثقافت سان هجڻ واري ڳالهه ڊاڪٽر سيبا، نتيجةً هن طرح واضح ڪئي آهي:
    There is simply no linguistic reason why orthography should be standardized. According to this line of reasoning, the emphasis on standardization and prescription is a purely social and cultural phenomenon. However, there is at least an alternative possibility: historically, literacy (at least in the sense of ‘ability to read and write’) has become more pervasive, and the need for individuals to read and write has increased, at least in industrialized countries and contexts. (Sebba, 2009)
    بـﮬـرحال، انگريزي اصطلاح Orthography مان اهم نڪتو اهو به ملي ٿو ته ’صورتخطيءَ‘ مان مراد ڪنـﻫـن لفظ يا لکت/ تحرير جي اها معياري صورت آهي، جنـﻫـن تي ڪنـﻫـن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ گھڻي قدر متفق هجن؛ يعني صورتخطيءَ جو تعلق لفظ سان گڏوگڏ جملي جي بيـﻫـڪ سان پڻ آهي. علم لسان موجب اهو معاملو علم صوتيات سان گڏوگڏ سماج ۽ ثقافت جي قدرن سان پڻ سلهاڙيل آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح ’صورتخطيءَ‘ جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا ڄاڻائي ٿو ته: ”ڪنـﻫـن به زبان ۾ لفظن ۽ جملن جي لکت لاءِ آوازن جي تحرير ٿيل صورتن (لکت وارن نشانن) کي اهڙي نموني استعمال ڪرڻ جو اها لکت، سڄي ملڪ لاءِ هڪ جـﻫـڙي معياري ۽ درست هُجي. معياري ۽ هڪ جـﻫـڙي صورتخطيءَ جو مطلب هي آهي ته لسانيات جي اصولن موجب ڌار ڌار خطن ۾ ڪن لفظن جي ڌار ڌار اچارڻ (Variant pronunciation) ڪري ان اچار موجب ان لفظ کي ڌار ڌار نموني لکڻ، يعني هڪ لفظ کي ڌار ڌار خطن ۾، اتي جي لـﻫـجي ۽ اچار موجب ڪتابن ۾ ڌار ڌار نمونن ۾ لکڻ، درست نه آهي. مثال طور: لاڙڪاڻي جا ماڻهو ’مڇي‘ لفظ جو اچار ڪن ’مَشِي‘؛ هاڻ جيڪڏهن معياري لـﻫـجي وارا لکندا ’مڇي‘ ۽ لاڙڪاڻي وارا لکندا ’مَشِي‘ ته قصو ڪيئن ٺـﻫـندو؟ اهڙيءَ طرح لاڙي لـﻫـجي ۾ به انهيءَ قسم جو فرق نظر ايندو آهي. انهيءَ ڪري صورتخطي جو مقصد آهي ڪنـﻫـن به لفظ لاءِ هڪ صورت يا هڪ شڪل مقرر ڪرڻ. ان سبب جي ڪري ڪنـﻫـن به زبان جي صورتخطيءَ لاءِ لازمي آهي ته لغات ۾ يا نصابي ڪتابن ۾، هر لفظ کي هڪ ئي مقرر صورت ۾ لکيو وڃي، يعني ته ان لفظ لاءِ ڪا هڪ ئي صورت مقرر ڪئي وڃي. اهو اصول سڄي ملڪ يعني ان زبان واري ايراضيءَ ۽ حدن ۾ رائج هوندو آهي.“ (الانا، 2005: 203- 204)
    ڊاڪٽر الانا، صورتخطيءَ جي دائري ۾ ’لفظ‘ ۽ ’جملي‘ جي درست صورت کي شامل ڪري ٿو؛ يعني صورتخطيءَ مان مراد ڪنـﻫـن ٻوليءَ جي لفظ (صرف) ۽ جملي (نحوَ) جي درست صورت آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اصطلاح ’صورتخطيءَ‘ جي دائري ۾ ’لفظ‘ ۽ ’جملن‘ جو احاطو ڪندي، ڄاڻائي ٿو ته: ”صورتخطي اها لکيت واري صورت آهي جنـﻫـن ۾ حرفَ هڪ ٻئي سان ملائجن ٿا ته لفظَ ٺـﻫـن ۽ لفظ هڪ ٻئي سان لکيت ۾ ترتيب ڏجن ته جيئن جملا بنجن. حرفن مان هرهڪ کي خاص نوع ۽ نزاڪت سان لکڻ ۽ انهن کي نـﻫـايت سـﻫـڻي سٽاءَ سان ملائي لفظ بنائڻ.“ (بلوچ، 1992: 14)
    ڊاڪٽر الانا ۽ ڊاڪٽر بلوچ جو ’صورتخطيءَ وارو دائرو‘ مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته صورتخطيءَ جو لاڳاپو ’لفظ‘ جي درست صورت سان گڏوگڏ ’جملي/ جملن‘ جي درست صورت سان پڻ آهي. البته، ڊاڪٽر بلوچ وٽ لـﮬـجاتي فرق کي مٽائڻ لاءِ لفظن جي يا جملن جي معياري صورت مقرر ڪرڻ واري ڳالهه ڪونه ٿي ملي.
    نچوڙ: لفظ ’صورتخطيءَ‘ بابت سنڌي ٻوليءَ جي مختلف عالمن جي ويچارن جي اڀياس بعد، نتيجةً صورتخطيءَ جي دائري ۾ هيٺيان اهم معيار جاچيا ويا آهن، جن جي بنياد تي عالمن جي دائرن جو معيار جاچي سگھجي ٿو:
    لفظن ۽ جملن جي ترجيحي صورت؛
    صورتخطيءَ جو سماج ۽ ثقافت سان سلهاڙيل هجڻ سبب متفقه راءِ جو هجڻ؛
    رسم الخط سان سلهاڙيل هجڻ سبب لفظن جي وٿي، لفظي ترڪيب ۽ بيـﻫـڪ جون نشانيون وغيره شامل هجڻ؛
    اصطلاحن (Terms) جي دائري پٽاندر درست لفظن جو تعيّن.

    نتيجو: صورتخطي جو اصطلاح ٻن عربي لفظن ’صورت + خط‘ جو مرڪب آهي؛ جنـﻫـن جي مراد مقرر معياري صورت آهي.
    (الف) صورتخطيءَ جي اڀياس ۾ علم لسانيات جي مڙني اصطلاحن سان گڏوگڏ سماجي رواج کي پڻ اهميت ڏيڻي پوي ٿي.
    (ب) صورتخطيءَ جي جزن ۾ لفظ/ جملي جي ترجيحي صورت، لفظن جي وچ ۾ وٿيءَ (Spacee) جو احتياط، لفظن کي ٽوڙڻ (word break) واري حالت، مختلف ٻولين جي لفظن جو هڪٻئي ۾ ضمّ ٿيڻ واري حالت سبب بيـﮬـندڙ صورت، ڪنـﮬـن اصطلاح لاءِ تز لفظ جو تعيّن، لفظي ترڪيب، مخفّف، ضروري اعرابون ۽ بيـﮬـڪ جون نشانيون اچي وڃن ٿيون.
    (ج) جملي جو جيئن ته مختلف لـﮬـجن سبب مختلف اسلوب رهي ٿو ان ڪري ٻوليءَ جي بنيادي اصولن سواءِ، ڪا به روڪ ٽوڪ نه ٿي ڪري سگهجي ۽ نه وري اهڙي معاملي تي ڪنـﮬـن ڪاميٽي جو قيام ٿيو آهي.
    (د) Orthography، صورتخطي ۽ اِملا جي اصطلاحن ۾ ظاهري ڪوبه فرق ناهي، ليڪن اردو جا ماهر ’اِملا‘ جي مڪمل دائري ۾ واضح ناهن.
    (ه) صورتخطيءَ (Orthography)، ’تلفظ‘ (Pronunciation) ۽ ’هِجي ڪرڻ‘ (Spelling) ۾ اصولي فرق آهي؛ صورتخطيءَ جو لفظ جامع آهي.
    (و) صورتخطيءَ جو اطلاق ’معياري صورت‘ سان ٿئي ٿو جڏهن ته غير معياري/ معياري صورت ٻنهي کي لکت/ تحرير چئي سگھجي ٿو.

    حوالا:
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1987] 20055. سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1992) سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    فیروز الدین ((1979 فیروز اللغات، عربی اردو، تیسری ایڈیشن ۔ لاہور: فیروز سنز لمیٹڈ ۔
    Freeman, D. E and Freeman, Y. S (2004) Essential Linguistics, Portsmouth, Heinemann, A division of reed Elsevier, Inc, 361 Hanover street, NH03801-3912

    Frost R and Katz L (1992) Orthography, Phonology, Morphology and Meaning. Amsterdam, North-Holland. Elsevier Science Publishers BV, Sara burgerhertstraat, 25, Netherlands.

    Sebba, M (1998) Phonology meets Ideology: the meaning of orthographic practices in British Creole. Language Problems and Language Planning, 22:1, 19-47, department of linguistics and modern English language, University of Lancaster, United Kingdom.

    Sebba, M (2009) Writing Systems Research, Vol. 1, No. 1, Lancaster University, United Kingdom.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو