• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريلوي ٽـريڪ ڌماڪن جي ذميواري ”سنڌ لبريشن آرمي“ نالي تنظيم قبولي ورتي ؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
Sindh Xafar :
بقول سنڌي ظفر فيس بوڪ تي تبصرو هلندڙ (بهرو وٺو)

نوابشاھ، گهوٽڪي، راڻيپور توڙي ٻين هنڌن تي ٿيل ريلوي ٽـريڪ ڌماڪن جي ذميواري ”سنڌ لبريشن آرمي“ نالي تنظيم قبولي ورتي آھ. ڇا سنڌ لبريشن آرمي، پاڪستاني ايجنسين جي نئين سازش آھي تـ جيئن ان بهاني سان سنڌ جي آزادي پسند ورڪرن خلاف آپريشن ڪري سگهجي يا اها تنظيم واقعي وطن دوست آهي ۽ پنهنجي انقلابي حڪمت عمليءَ لاءِ ساباها پئي ڪري.

کُلو تبصرو ڪامينٽس ڏيو

ڃا توهان سمجھو ٿا ته واقعي پناهگيرن،پٺاڻن، پنجابي طالبان ۽ بلوچن وانگر سنڌي قوم به هٿيار بند گوريلا جنگ ڪري سگھي ٿي؟ آهي ڪو اهڙو رڪارڊ ٺهيل؟ آهي ڪا اهڙي سنڌ لبريشن آرمي؟ ظفر صاحب پنهنجي قوم جي سائڪي پڙهي وٺو، مُمڪن ئي ناهي، اُهي جيڪي پنهنجن جو قتل ڪندا وتن، قبيلائي جھيڙن جي نالي تي، اُهي جيڪي ڪمزور عورتن کي ماريندا وتن ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي، اُهي جيڪي کُلا ڪتاب آهن پنهنجن جي عزت ۽ سامون لُٽڻ ۾ ،جن جي ڪري ڳوٺن جو شريف طبقو مجبورن لڏ پلاڻ ڪري شهرن ۾ ٻين دهشتگردن جي ور چڙهي ويو ۽ اُتي به خوف جي زندگي گُذاري پيو. ۽ پاڻ سان سوال ڪريو ڃا اهو مُمڪن آهي.؟ ڇا هي آزاد سنڌ جي هڪ ئي نالي ، منشور تي ، مُختلف پارٽين ۾ ڇڙ وڃڙ ۽ ٺلهن نعرن تي مجموعو گڏ ڪندڙ سنڌي ڪا پريڪٽيڪل جدو جهد ڪرڻ جي قابل آهن ؟ ڇا اُهي ماڻهو، جن جي اڪثريت وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، ڪامورين، سردارن جي پُڃ ۾ لٽڪي چند ٽڪن تي اُنهن لاءِ ڪوجھا ڪم ڪري ٿي ايڏو وڏو فيصلو وٺڻ جي قابل رهجي وئي آهي؟ پهرين گھران ته جهاد جو آغاز ڪن، پهرين ، مُفلس لاچار ۽ مجبور سنڌيءَ کي انهن پيرن، شاهن، ميرن، وڏيرن ۽ راشي ڪامورن کان آزادي ته ڏيارين، جنهن ۾ صرف انهن جي نافرماني ڪرڻي آهي، انهن جي اڳيان سر تسليمِ خم ناهي ڪرڻو، هلڪا عمل آهن، ڇا ممڪن آهي اُهي ايڏو وڏو قدم کڻڻ جي قابل آهن جي هُنن جي پٺيان ڪنهن وڏيري، شاه، پير، جاگيردار، ڪاموري جو هٿ نه هُجي، پهرين اهي ڳوٺن جا اسڪول ته کولائين ۽ ڳوٺن جي ڊوميسائل تي شهرن ۾ نوڪري ڪندڙن کي ڳوٺن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابند ته ڪرائين، انهن ڊاڪٽرن کي جنهن علائقي جو ڊوميسائل آهي اُتي جي اسپتالن ۾ ته رکرائين، آُهي شهري سهولتون ڳوٺن ۾ ته پُهچارائين ته سنڌي به فيضياب ٿئي ۽ کيس دوا ۽ علم جهڙيون بُنيادي سهولتون گھر جي در تي نصيب ٿئين. مان سمجھان ٿو ته اهوئي ڏُکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي. هي قوم پرست ۽ سياسي سنڌي ليڊر پهرين انهن سنڌي راشي ڪامورن ۽ آفيسرن ۽ ڪلارڪن کي ته تنبيه ڪن جيڪي رشوت ۽ پئسا وٺي ڌارين قومن جا ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ نه ٺاهيندا. اُستاد پئسا وٺي ناپاس ٿيندڙن کي اي گريڊ نه ڏيندا ، بورڊ آفيسن ۾ مارڪ شيٽ سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ رُشوت وٺي ڪوڙيون مارڪ شيٽ نه ڏيندا، ميرٽ تي اندڙ سنڌي ٽيلنٽ جا پيپر ڪنهن وڏيري جي پيپرن سان مرج ڪري اُن کي هاءِ گريڊ نه ڏيندا، جيئن سنڌ ۾ تعليم ۾ اڳتي اچي، وڏيرن کان اسڪول جيڪي اوطاقون ۽ واڙا ٺهيل آهن اُهي ته ڇڏائين. هاڻ واند، ڪم چور، ٽرڙا ٽهڪ ، پجارو ۽ موبائل ۽ ڌارين کي شڪار جون دعوتون ۽ ميزباني ڪندڙ پنهنجن سان ويسا گھاتيون ڪندڙ ۽ ڌارين جي پيرن ۾ پوندڙ قوم ۽ ڊپ کان اُن جي هر غلط عمل کي لبيڪ چوندڙ جيڪا قوم غلام ٿي چُڪي آهي اها گوريلا جنگ وڙهندي!..؟ حيرت آهي ظفر صاحب توهانجي هيڏي وڏي اپروچ تي!
 
جواب: ريلوي ٽـريڪ ڌماڪن جي ذميواري ”سنڌ لبريشن آرمي“ نالي تنظيم قبولي ورتي ؟

بس ادا اهڙيون شعبدي بازي واريون حرڪتون، ڪير ڪري ٿو سگهي ۽ ڪير نٿو ڪري سگهي، ان ڳالهه جي خبر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪير ڄاڻي ٿو ته به پنهنجي زبان کي اڌ مان ڪٽي ڇڏي ۽ پنهنجي چپن کي پٿراڻي يا سوڙ سُبڻ واري سُئي جيڪڏهن اها نه ملي ته ڪنهن موچي کان جُتيون سُبڻ واري سُئي سان سُبرائي ڇڏي، ٻي صورت ۾ هي ڌرتي ان مولائي لا تتل لوهه يا تتل ٽامون ثابت ٿي سگهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بي ڪيئر ۔۔۔۔۔۔۔ ادا۔۔۔
 
جواب: ريلوي ٽـريڪ ڌماڪن جي ذميواري ”سنڌ لبريشن آرمي“ نالي تنظيم قبولي ورتي ؟

ادا شيئرنگ لا مهرباني۔
 
جواب: ريلوي ٽـريڪ ڌماڪن جي ذميواري ”سنڌ لبريشن آرمي“ نالي تنظيم قبولي ورتي ؟

سنڌ لبريشن آرمي وارو ڊرامو سنڌ ين سان نئين ظلم جي شروعات ڪرڻ کانسواء ٻيو ڪجه به نه آهي۔ هي ايجنسين جي هڪ چال آهي۔ هو هميشه سنڌ ين کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دبائي سنڌ ي قوم جو استحصال ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري هي ڊرامو ڪيوويو آهي۔
 
Back
Top