’فعل لازمي ۽ متعديءَ‘ جو مختصر اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ’فعل لازمي ۽ متعديءَ‘ جو مختصر اڀياس

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    A simple study of ‘Intransitive and Transitive verbb’

    Abstract:
    Due to lack of interest of legal authorities, there is no uniformity among available books of Sindhi Grammar, which have been studying at academic level, because different boundaries of definitions of grammatically terms emerge. Not only difference in boundaries of definitions emerges but minor confusions are also come into sight. Highlighting such perplexities is our national responsibility but it’s sorry to say that the people who are performing such an important task are not encouraged but put into side by giving un-necessary comments.
    Recently, a book ‘Sindhi Grammar’ written by Dada Sindhi came under study and confusion was found on discussion of ‘Intransitive verb’; the preface of afore said book is written by Dr. Ghulam Ali Allana. Simultaneously, in the exercise of the book ‘Gulzar-e-Urdu’ (for class XII) published by Sindh text board Jamshoro, perplexity emerge in both between Transitive and Intransitive Verb. Due to above enigma, it become inevitable to study the different books of different Scholars and Senior Teachers on Transitive and Intransitive Verb to clarify this perplexity. Despite of it, views on this matter were collected from few concerned personalities. Consequently, in the light of mood of verb according to Prof. Bheroomal, the given examples of Mr. Dada Sindhi are incomplete in sense. So, those can not be supposed in Intransitive verb. Otherwise, this dilemma has been brought forward to Scholars and well wishers of Sindhi language for purpose of setting a preferential standard or to come out with decisive parameter.

    وياڪرڻ/ گرامر جي اهميت ۽ حيثيت بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، دادا سنڌيءَ جي لکيل ’سنڌي گرامر‘ جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته: ”لسانيات ۾، وياڪرڻ جي علم وارو موضوع، علم رياضيءَ جـﮬـڙو حقيقت تي مبني ۽ اوکو علم آهي، جنـﮬـن ۾ نه فقط 2 + 2 چار ٿيندا آهن، پر جيئن علم رياضيءَ جو ماهر، پنـﮬـنجي موضوع، مضمون ۽ رياضيءَ جي علم جي اثر ڪري مستقل مزاج، سعين سان سچو، ثابت قدم ۽ هر حال ۾ حال ڀائي ۽ همدرد رهندو آهي، تيئن لسانيات جي علم يا لسانيات جي عالم ۾ به اهڙيون ئي خوبيون نظر اينديون آهن …“ (دادا، 2010: 6)
    ڊاڪٽر الانا صاحب واري حوالي جي منڍي موجب: ’گرامر جي وصفن ۽ ان جي مثالن ۾ ڪا لچڪ نه هوندي آهي/ هجڻ گهرجي.‘ ليڪن عام طور ڏٺو اهو ويو آهي ته تعليمي ماحول ۾ گرامر/ وياڪرڻ جو ڪو ڪتاب مقرر نه هجڻ يا اختيار ڌڻيَن طرفان ڪو ضابطو نه هجڻ سبب ڪافي لچڪدار وصفون يا وضاحتون طالب علمن ڏانـﮬـن منتقل ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي اڳتي هلي مونجهاري جو سبب بڻجن ٿيون.
    مختلف عالمن جي وياڪرڻي ڪتابن مان عام وصفن تي ڪو تقابلي اڀياس ٿي ڪونه سگهيو آهي ۽ نه وري اهڙي قسم جي علمي ڪم جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي؛ جنـﮬـن سبب ڪافي مونجهارا برقرار رهجيو وڃن، جن تي نئين سِري سان علمي ڪم ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن فعل ۽ ان جي قسمن تي تفصيلي اڀياس ڪجي ته هڪ ٿيسز جو روپ وٺي سگهي ٿي؛ ليڪن هتي انتـﮬـائي مختصر طور تي فعل لازمي ۽ متعدي جو بنيادي اڀياس ان ڪارڻ به درڪار آهي جو وياڪرڻي/ درسي ڪتابن ۾، ان بابت مونجهارا سامهون اچن ٿا. تازو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو ڇپيل، دادا سنڌيءَ جو لکيل ’سنڌي گرامر‘ وارو ڪتاب نظر مان گذريو، جنـﮬـن جي پيش لفظ جو پـﮬـريون جملو: ”سنڌيڪا سنڌي گرامر ٽيون ڪتاب مون غور سان پڙﮭـيو آهي“ (دادا، 2010: 6)ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو لکيل آهي. دادا سنڌي- هڪ محب وطن ماڻهوءَ- جو لکيل، سائين الانا صاحب جو ’بـﮬـتر قرار ڏنل‘ ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو ڇپيل هجڻ کان پوءِ بنيادي طالب علمن لاءِ، ان ڪتاب جي اهميت ڪجهه وڌي وڃي ٿي.
    ڄاڻايل ڪتاب مان فعل ۽ ان جي قسمن جي مطالعي مان فعل لازمي ۽ متعديءَ ۾ جنـﮬـن انداز جو مونجهارو محسوس ڪيو ويو، اهو پڙﮭـندڙن آڏو رکجي ٿو:
    محترم دادا سنڌي، فعل جي ٻن اهم قسمن ۾ ڄاڻائي ٿو ته:
    ”فعل لازمي: لازمي جي معنى آهي ٺـﮬـرايل حد تي قائم رهڻ. اهڙو فعل جنـﮬـن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي نه پوي، يعني هن ۾ فاعل سان گڏ مفعول نه هوندو؛ مثال:
    اشفاق ڳائي ٿو.
    فـﮬـميده ڌوئي ٿي.
    اياز کائي ٿو.
    فعل متعدي: متعدي جي معنى آهي لنگهي ٻئي تائين ويندڙ. اهڙو فعل جنـﮬـن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي به پوي. يعني هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا آهن؛ مثال:
    اشفاق راڳ ڳائي ٿو.
    فـﮬـميده ڪپڙا ڌوئي ٿي.
    اياز ماني کائي ٿو.“ (دادا، 2010: 54)
    دادا سنڌي جي ڄاڻايل ٻنهي قسمن جي مثالن ۾ ساڳئي نوعيت جي فعلن جو استعمال ڪيو ويو آهي؛ فرق صرف اهو رکيو اٿائين جو لازميءَ ۾ ’مفعول‘ ڪونه ڄاڻايو اٿس، جڏهن ته متعديءَ ۾ ’مفعول‘ ڄاڻايو اٿس. جنـﮬـن مان اندازو ٿئي ٿو ته دادا سنڌيءَ ’لازمي ۽ متعديءَ‘ کي فعل بجاءِ، جملي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڄاڻايل فعل لازميءَ جي مثالن مان مونجهارو اهو محسوس ٿئي ٿو ته ’ڄاڻايل فعل ته اهڙا آهن جن سان مفعول جي هجڻ جو امڪان آهي؛ ته پوءِ ان کي فعل لازمي چئجي يا فعل معتدي؟‘
    ساڳئي قسم جو مونجهارو، مجبوريءَ تحت ڪجهه وقت اردو پڙهائڻ وقت سامهون آيو هو، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو پاران ڇپيل درسي ڪتاب: گلزار اردو (لازمي- ٻارﮭـين ڪلاس لاءِ) ۾ فعل لازمي ۽ متعدي جي مثالن ۾ محسوس ڪيو ويو:
    ”فعل لازم: وہ فعل ہے جس میں کسی کام کا کرنا پایا جائے مگر اس کا اثر صرف کام کرنے والے یعنی فاعل تک رہے۔
    جیسے: لڑکا پڑھتا ہے۔ احمد آیا۔ لڑکی رو رہی ہے۔ لوگ آئے ۔ “ (سلام، حق، 2011: 111)

    فعل متعدی: وہ فعل ہےجس کا اثر فاعل سے گزر کر مفعول تک پہنچے۔
    جیسے : لڑکا کتاب پڑھتا ہے۔ لڑکے اسکول آئے۔ لڑکی روٹی کھارہی ہے۔ (سلام، حق، 2011: 11)
    ’گلزار اردو‘ ۾، ڄاڻايل وصفن جي روشنيءَ ۾ مثالن تي اختلاف رهي ٿو. ان خاطر ٻنهي وصفن ۽ ان جي مثالن جو اڀياس ضروري ٿي پيو آهي.

    مسئلي جو بيان:
    بنيادي طور تي، منـﮬـنجي واجب العزت پرائمري استاد مريد حسن خاصخيليءَ طرفان، گهڻي قدر، ائين ئي سيکاريو ويو ته:
    فعل لازمي: اهڙا فعل جن جو لاڳاپو صرف فاعل سان هجي ۽ ’مفعول‘ سان هجڻ جو امڪان به نه هجي ته ان کي فعل لازمي چئبو آهي. فاعل معلوم نه هجي ته فعل اڪرترڪ چئبو.
    فعل متعدي: اهڙا فعل جن جو لاڳاپو فاعل ۽ ’مفعول‘ ٻنهي سان هجي ته ان کي فعل متعدي چئبو آهي.
    فعل متعدي معروف: اهڙا فعل جن سان لاڳاپيل فاعل ۽ مفعول ٻئي ڄاڻايل هجن ته ان کي فعل متعدي معروف چئبو.
    فعل متعدي مجـﮬـول: اهڙا فعل جن جو لاڳاپو مفعول سان ته هجي، ليڪن امڪاني فاعل ڄاڻايل نه هجي ته ان کي فعل متعدي مجھـول چئبو.
    اهي مختصر وصفون بچپن ۾ ذهن نشين ڪرايل هيون، اتي سوال اهي اڀرندا هئا ته پوءِ جملي ۾ ڄاڻايل/ اڻ ڄاڻايل ’فاعل‘ ’مفعول‘ ڪيئن معلوم ڪجن؟
    ’فاعل‘ ۽ ’مفعول‘ ڄاڻڻ لاءِ هڪ سادو طريقهءڪار سيکاريو ويو ۽ پڻ مشق ڪرائي وئي:
    فعل يعني ڪم کان ’ڪير/ ڪنـﮬـن‘ جو سوال ڪجي ته ’فاعل‘ معلوم ٿيندو.
    فعل يعني ڪم کان ’ڇا/ ڪنـﮬـن کي‘ جو سوال ڪجي ته ’مفعول‘ ملندو.

    مشق لاءِ جملا:
    فعل متعديءَ جا جملا:
    جملو: مان خط لکان ٿو.
    سوال: ڪير لکي ٿو؟ جواب: مان. معلوم ٿيو: فاعل
    سوال: ڇا لکي ٿو؟ جواب: خط. معلوم ٿيو: مفعول
    امڪاني حاصل ٿيندڙ جواب:
    جملو: سرواڻ لکيو.
    سوال: ڪنهن لکيو؟ جواب: سرواڻ. معلوم ٿيو: فاعل
    سوال: ڇا لکيو؟ جواب: ڪجهه به. معلوم ٿيو: مفعول آهي پر ڳجهو آ.

    فعل لازميءَ جا جملا:
    جملو: مان ڪرسيءَ تي وهان ٿو.
    سوال: ڪير وهي ٿو؟ جواب: مان. معلوم ٿيو: فاعل
    سوال: ڇا وهي ٿو؟ جواب: جواب نه ٿو ملي. معلوم ٿيو: مفعول ڪونهي
    جملو: سرواڻ اسڪولِ وڃي ٿو.
    سوال: ڪير وڃي ٿو؟ جواب: سرواڻ. معلوم ٿيو: فاعل
    سوال: ڇا وڃي ٿو؟ جواب: جواب نه ٿو ملي. معلوم ٿيو: مفعول ڪونهي.

    امڪاني حاصل ٿيندڙ جواب:
    جملو: ڪلاس ۾ ويـﻫـڻ گهرجي.
    سوال: ڪنـﻫـن کي وهڻ گھرجي؟ جواب: شاگردن کي. معلوم ٿيو: فاعل آهي، پر ڳجهو آ.
    سوال: ڇا ويـﻫـڻ گھرجي؟ جواب: جواب نه ٿو ملي. معلوم ٿيو: مفعول ڪونهي.

    اهڙي قسم جي جملن جي مشق سان فعل لازمي ۽ متعدي سمجهايو ويو. هاڻي جڏهن ذهن ۾ ويٺل ڪچيُن پڪيُن سمجھاڻين بعد جڏهن محترم دادا سنڌيءَ جي بيان ڪيل سمجهاڻين کي ڏسجي ٿو ته يقيناً هڪ لچڪ محسوس ٿئي ٿي. جنـﮬـن کي عالمن جي بيان ڪيل وصفن سان ئي صاف ڪري سگهجي ٿو.
    محترم دادا سنڌيءَ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڇپيل اردو ڪتاب ’ گلزارِ اردو‘ جي مثالن ڏسڻ کان پوءِ ذاتي ذهن ۾ ويٺل خاڪي ۾ تضاد پيدا ٿيڻ سان چند سوال اڀرن ٿا:

    مسئلي جا سوال:
    جيڪڏهن ڪنـﮬـن جملي ۾ امڪاني مفعول هجي، ليڪن پڌرو نه هجي ته ڇا ان کي فعل لازميءَ ۾ شمار ڪبو؟
    ’اشفاق ڳائي ٿو‘- ’فـﮬـميده ڌوئي ٿي‘- ’اياز کائي ٿو‘- ’لڑکا پڑھتا ہے‘ جـﮬـڙن جملن ۾ امڪاني مفعول آهي يا نه؟
    ڇا امڪاني مفعول جي به ڪا اهميت آهي؟
    ڇا فعل جي صيغي (Mood) کي جاچڻ به ضروري هوندو آهي؟
    جيڪڏهن مٿين جملن ۾ امڪاني مفعول موجود آهي ته پوءِ ان جي فعلن کي فعل لازمي ڪوٺبو يا فعل متعدي مجـﮬـول يا ٻيو ڪجهه؟
    لازمي يا متعدي مجـﮬـول ۾ لفظ ’مجـﮬـول‘ جو اطلاق ’فاعل‘ سان ٿيندو يا ’مفعول‘ سان به ٿي سگهي ٿو؟
    ڇا فعل متعدي مجـﮬـول ۽ Passive voice هڪٻئي جا نعم البدل آهن؟
    ڇا ’ لڑکے اسکول آئے‘ ۾ لفظ ’اسڪول‘ جي حيثيت ’مفعول‘ واري آهي؟
    ڇا ’ لڑکے اسکول آئے‘ وارو جملو فعل متعديءَ جو مثال آهي؟
    طريقهء ڪار:
    فعل لازمي ۽ متعديءَ بابت چند عالمن/ استادن جي ڄاڻايل وصفن کي سامهون رکي، انهن مان چند وضاحت طلب نڪتا اخذ ڪيا ويندا ۽ انهن تي ويچار ونڊيا ويندا؛ آخر ۾ اختصار ۽ نتيجو پيش ڪيو ويندو.
    چند عالمن/ استادن جون ڄاڻايل فعل لازميءَ ۽ متعديءَ جون وصفون
    ڀيرومل آڏواڻيءَ پاران ڄاڻايل وصفون
    فعل لازمي: گهوڙو ڊوڙيو- هتي ’ڊوڙيو‘ فعل آهي، جو فاعل ’گهوڙو‘ بابت ٻڌائي ٿو ته هن ڊوڙڻ جو ڪم ڪيو. هتي فعل رڳو پنـﮬـنجي فاعل بابت ڪجهه چئي ٿو ۽ ڊوڙڻ جي ڪم جو اثر ڪنـﮬـن تي نه نٿو ٿئي؛ تنـﮬـن ڪري ’ڊوڙيو‘ فعل لازمي آهي. هو منـﮬـنجو ڀاءُ ٿئي. هتي ’ٿئي‘ (مصدر- ٿيڻ) فعل لازمي آهي.
    فعل لازمي اهو ڪم يا حالت ڏيکاري ٿو، جنـﮬـن جو لاڳاپو رڳو فاعل سان آهي. لازمي معنى لڳل يا چنبڙيل. مطلب ته فعل لازميءَ کي مفعول ڪونه ٿيندو آهي؛ تنـﮬـنڪري اهو سدائين پنـﮬـنجي فاعل سان لڳل رهي ٿو. (لاڳاپو رکي ٿو.) (ڀيرومل، 1985: 90)
    ڀيرومل صاحب فعل بي- فاعل يا اڪرترڪ فعل ۾ اڳتي لکي ٿو ته: ”آءٌ پينگهي ۾ لڏان ٿو/ پينگهي ۾ لڏجي ٿو … لڏڻ فعل لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي مفعول ڪونه ٿيندو آهي. ’لڏڻ‘ لفظ ۾ ’ج‘ گڏڻ سان ’لڏجڻ‘ لفظ ٺـﮬـي ٿو. مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته فعل ۾ ائين ’ج‘ گڏجي ٿو ته فعل مجـﮬـول صورت وارو ٿي پوي ٿو؛ تنـﮬـنڪري چئبو ته سنڌيءَ ۾ فعل لازمي جون به ٻه صورتون آهن، هڪڙي معروف ٻي مجـﮬـول.
    پينگهي ۾ لڏجي ٿو- پينگهي ۾ لڏبو آهي.
    ڊوڙجي ٿو ته پگهر ٿئي ٿو- ڊوڙبو ته پگهر ٿيندو.
    هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته فعل لازميءَ کي ٻن طرح مجـﮬـول صورت ۾ ڪم آڻبو آهي ۽ ٻنهي نمونن ۾ فاعل ڪم نٿو آڻجي. (ڀيرومل، 1985: 96)
    فعل متعدي: ڇوڪرو کائي ٿو. هتي ’ڇوڪرو‘ فاعل آهي ۽ ’کائي ٿو‘ فعل آهي پر جملي مان اها خبر ڪانه ٿي پئي ته ڇوڪرو ڇا ٿو کائي. جيڪڏهن چئبو ته ’ڇوڪرو‘ ماني کائي ٿو‘ ته پوءِ مطلب پورو نڪرندو ۽ چئبو ته ’کائي ٿو‘ فعل متعدي آهي. ڇاڪاڻ ته مفعول (ماني) اٿس. فعل متعدي اهو ڪم ڏيکاري جنـﮬـن جو اثر فاعل کان لنگهي ڪنـﮬـن ٻئي تائين پـﮬـچي ٿو. ’متعدي‘ معنى ٻئي تائين لنگهي ويندڙ. هتي ڇوڪري جي ڪم (کائڻ) جو اثر ’ماني‘ (مفعول) تي ٿئي ٿو. مطلب ته فعل لازميءَ کي رڳو فاعل آهي ۽ مفعول ڪونهيس، ۽ فعل متعديءَ کي فائل توڙي مفعول ٻئي آهن.“ (ڀيرومل، 1985: 91)
    1. سوار گهوڙو ماري ٿو/ سوار گهوڙي کي ماري ٿو. 2. گهوڙو مارجي ٿو (سوار کان).
    … فعل متعدي جون ٻه صورتون آهن، هڪڙي اها جنـﮬـن ۾ ڪم ڪندڙ (فاعل) ظاهر ڄاڻائجي ٿو ۽ ٻي اها جنـﮬـن ۾ ڪم ڪندڙ ظاهر نٿو ڄاڻائجي، جنـﮬـن ڪري مفعول ڦري جملي جو فاعل ٿئي ٿو. فعل جي پـﮬـرين صورت کي فعل متعدي معروف ۽ ٻيءَ صورت کي فعل متعدي مجـﮬـول سڏين ٿا. (ڀيرومل، 1985: 92)
    مرزا قليچ بيگ پاران ڄاڻايل وصفون
    فعل لازمي: ”(11)’سج اڀريو.‘ هتي فعل آهي ’اڀريو‘ ۽ فاعل آهي ’سج‘. اڀرڻ جو ڪم سج ڪري ٿو ۽ اهو ڪم ڪنـﮬـن ٻئي تي نٿو ٿئي. (2) ’نوڪر آيو‘ هتي فاعل آهي ’نوڪر‘ ۽ فعل آهي ’آيو‘. هتي فعل رڳو پنـﮬـنجي فاعل بابت ڪجهه چئي ٿو ۽ اچڻ جي ڪم جو اثر ڪنـﮬـن ٻئي تي نٿو ٿئي.
    ’اڀريو‘، ’آيو‘ ۽ ٻيا اهڙا فعل جي رڳو پنـﮬـنجي فاعل سان لاڳاپو ڏيکارين، تن کي ’فعل لازمي‘ چئبو آهي. فعل لازمي اهو ڪم يا حالت ٿو ڏيکاري، جنـﮬـن جو لاڳاپو رڳو فاعل سان آهن.
    لازمي معنى لزوم ٿيل يعني لڳل يا چنبڙيل. مطلب ته فعل لازميءَ کي مفعول ڪونه ٿيندو آهي، تنـﮬـن ڪري اهو سدائين پنـﮬـنجي فاعل سان لڳل رهي ٿو.“ (قليچ، 2006: 32)
    فعل متعدي: (11) کٽي چادر ڌوئي ٿو. هتي فعل آهي ’ڌوئي ٿو‘، ’کٽي‘ آهي فاعل ۽ ڌوئڻ جي ڪم جو اثر جنـﮬـن شيءِ تي ٿئي ٿو سا آهي ’چادر‘. (2) گوپال لڏون کاڌو. هتي فعل آهي ’کاڌو‘، گوپال آهي ’فاعل‘ ۽ کائڻ جي ڪم جو اثر جنـﮬـن شيءِ تي ٿئي ٿو، سا آهي ’لڏون‘.

    ڊاڪٽر غلام علي الانا پاران ڄاڻايل وصفون
    ”فعل لازمي معروف: فعل جو هيءُ اهو قسم آهي، جنـﮬـن ۾ فعل سان فقط فاعل هوندو آهي، يعني فعل لازميءَ سان ڪوبه مفعول ڪونه هوندو آهي، مثال طور:
    آءٌ هلان ٿو.
    اسين ڊوڙون ٿا.
    ڇوڪري وڃي ٿي.
    ڇوڪرا اچن ٿا.
    انهن جملن ۾ ’هلان‘، ڊوڙون‘، ’وڃي‘ ۽ ’اچن‘ لفظ فعل آهن. انهن جملن ۾ ’آءٌ‘، ’اسين‘، ’ڇوڪري‘ ۽ ’ڇوڪرا‘ لفظ، فاعلن طور ڪم آيا آهن. فاعل جي معنى آهي ڪم جو ڪندڙ.
    انهن جملن ۾ ڪوبه لفظ، مفعول جي صورت ۾ ڪم نه آيو آهي. مفعول جي معنى آهي: جنـﮬـن اسم يا ضمير تي ڪو ڪم ٿئي يا ڪو ڪم ٿيو هجي.“ (الانا، 2010: 135- 136)
    سائين الانا صاحب اٿندي ئي ’فعل لازمي معروف‘ جي وصف ڄاڻائي آهي، جڏهن ته ’فعل لازمي مجـﮬـول‘ کي چارٽ ۾ ته ڏيکاريو آهي، ليڪن ان جي وضاحت ڪونه ٿي ملي.
    ”فعل متعدي معروف: اهي فعل، جن سان جملن ۾ مفعول به شامل هجن، اهڙن فعلن کي فعل متعدي چئبو آهي؛ مثال طور:
    مان خط لکان ٿو.
    اسين سبق پڙهون ٿا.
    ڇوڪرا خط لکن ٿا.
    ڇوڪري خط لکي ٿي.
    انهن جملن ۾ ’لکان‘، ’پڙهون‘، ’لکن‘ ۽ ’لکي‘ لفظ فعل آهن. انهن جملن ۾ ’مان‘، ’اسين‘، ’ڇوڪرا‘ ۽ ’ڇوڪري‘ لفظ فاعلن طور ڪم آيا آهن، جڏهن ته ’خط‘ ۽ ’سبق‘ لفظ مفعولن طور استعمال ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته ’خط‘ تي لکڻ جو ڪم ٿيو آهي ۽ ’سبق‘ تي پڙﮭـڻ جو ڪم ٿيو آهي. انهيءَ ڪري چئبو ته اهي فعل جن سان مفعول به ڪم آيا هجن، اهڙن فعلن کي ’متعدي فعل‘ چئبو آهي.“ (الانا، 2010: 136- 137)

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پاران ڄاڻايل وصفون:
    فعل لازمي: هي فعل فقط اهو ڪم يا خاصيت ڏيکاري ٿو، جنـﮬـن جو لاڳاپو فاعل سان آهي. مثال: ’احمد آيو.‘ هتي فاعل يعني ڪم ڪندڙ آهي: ’احمد‘ ۽ فعل يعني ڪم ڏيکاريندڙ آهي: ’آيو‘. فعل فقط پنـﮬـنجي فاعل بابت ڪجهه ڏيکاري ٿو؛ باقي اهو نه ٿو ڏيکاري ته ان ڪم جو اثر ڪنـﮬـن ٻئي تي ڪـﮬـڙو ٿيو؟ انهيءَ ڪري ’آيو‘ فعل لازمي آهي. مٿئين جملي ۾ فعل لازميءَ جو فاعل صاف ظاهر بيٺو آهي، تنـﮬـنڪري هن فعل لازميءَ کي ’فعل لازمي معروف‘ چئبو. پر ڪن جملن ۾ فاعل هوندو ئي نه آهي، جـﮬـڙوڪ: ’ٿڪبو آهي‘، ’پڙﮭـبو آهي‘، ’گهمبو آهي‘ وغيره. هتي ’آهي‘ فعل لازمي آهي، پر ان جو فاعل ڏيکاريل ڪونهي، انهيءَ ڪري هن فعل کي ’فعل لازمي مجـﮬـول‘ چيو ويندو.
    فعل متعدي: جيڪو فاعل، اهو ڪم ڏيکاري جو فاعل ڪري ٿو، ۽ ان جو اثر ٻئي تي ٿئي ٿو، ان کي ’فعل متعدي‘ چيو ويندو آهي؛ مثال طور:
    ’احمد ميوو کاڌو.‘
    هي فعل ’کاڌو‘ فاعل ’احمد‘ جو ڪجهه ڏيکاري ٿو ۽ جنـﮬـن شيءِ تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو، يعني ’ميوو‘، اهو به هن مان ظاهر ٿئي ٿو.
    يعني ’فعل متعديءَ‘ ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي ٿين ٿا، پر فعل لازميءَ ۾ فقط فاعل ٿئي ٿو.
    فعل متعدي معروف: جنـﮬـن ۾ فاعل ظاهر بيٺو هجي، جيئن ته ’احمد، گڏه کي ماري ٿو.‘ هتي ’احمد‘ فاعل ظاهر آهي.
    فعل متعدي مجهول: هن ۾ اصلوڪو فاعل اڪثر نه ڄاڻائبو آهي، تنـﮬـنڪري مفعول ڦري فاعل ٿيندو آهي ۽ فعل انهيءَ سچي پچي مفعول بابت ٻڌائيندو آهي ته هن (مفعول) تي ڪو ڪم ٿئي ٿو، جـﮬـڙوڪ: ’گهوڙو مارجي ٿو.‘ هتي اهو ڄاڻايل ڪونهي ته گهوڙي کي ڪير ماري ٿو؟ يعني فاعل لڪل آهي ۽ خود مفعول، فاعل ٿي ڪم آيو آهي. (ميمڻ، 1987: 6، 7، 8)

    ايڇ. آر. ميمڻ صاحب پاران ڄاڻايل وصفون:
    ايڇ. آر ميمڻ صاحب جملي جي جزن: فعل، فاعل ۽ مفعول تي الڳ الڳ بحث ڪندي هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته: ”ڪي جملا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ فقط فعل هوندو آهي، ته به مطلب نڪرندو آهي، مثلاً: ’اُٿُ!‘ ڪي جملا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ فعل سان گڏ فاعل جو هئڻ ضروري هوندو آهي، مثلاً: ’قاسم ڊوڙي ٿو‘. ڪي جملا وري اهڙا به هوندا آهن، جن ۾ انهيءَ لفظ جو هئڻ به ضروري هوندو آهي، جنـﮬـن تي ڪو ڪم ڪري ٿو.
    جن جملن ۾ فقط فاعل جي اچڻ سان مطلب پورو نڪري ته انهيءَ فاعل سان جيڪو فعل ايندو انهيءَ فعل کي فعل لازمي سڏبو آهي. جن جملن ۾ فعل سان گڏ فاعل کان سواءِ مفعول جو هئڻ به ضروري هوندو آهي، انهن جملن جي فعلن کي متعدي چئبو آهي. (ايڇ. آر، 1968: 4- 5)

    ابڙي عبدالرحيم ’ارشد‘ صاحب پاران ڄاڻايل وصفون:
    فعل لازمي: اهڙا فعل، جو لاڳاپو فقط پنـﮬـنجي ڪم ڪندڙ يعني فاعل سان هجي ۽ مفعول جي کيس ڪابه درڪار نه هجي. انهن کي فعل لازمي چئجي.
    مثال: انور اسڪول ڏانـﮬـن وڃي ٿو. انهيءَ جملي ۾ ’وڃي ٿو‘ فعل لازمي آهي.
    فعل لازمي جا ٻه قسم آهن:
    فعل لازمي معروف - فعل لازمي مجـﮬـول
    فعل لازمي معروف: اهڙو فعل جنـﮬـن جو ڪم ڪندڙ يعني فاعل پڌرو هجي ته ان کي فعل لازمي معروف چئجي.
    مثال: انور اسڪول مان هاڻي آيو آهي. انهيءَ جملي ۾ ’آيو آهي‘ فعل لازمي معروف آهي.
    فعل لازمي مجهول: اهڙو فعل، جنـﮬـن جي فاعل جي خبر نه پوي ته ڪير آهي ته ان فعل کي فعل لازمي مجـﮬـول چئجي.
    مثال: صبحاڻي درياءَ تي هلبو. انهيءَ جملي ۾ ’هلبو‘ فعل لازمي مجـﮬـول آهي.
    نوٽ: فعل لازمي مجـﮬـول کي فعل ’اڪرترڪ‘ يعني ’بي فاعلو‘ فعل پڻ چئبو آهي.
    فعل متعدي: متعدي معنى ’اڳتي وڌندڙ‘. اهڙا فعل، جيڪي پنـﮬـنجي فاعل سان لڳي، پنـﮬـنجي ڪم جو اثر مفعول تائين پـﮬـچائين، ته اهڙن فعلن کي فعل متعدي چئجي.
    مثال: ڪير ڪتاب پڙﮭـي ٿو؟ انهيءَ جملي ۾ ’پڙﮭـي ٿو‘ فعل متعدي آهي.
    نوٽ: جملي ۾ جنـﮬـن اسم يا ضمير تي فاعل وارو ڪم ٿيو هجي، يا مٿس ڪم جو اثر پيو هجي، ته ان کي مفعول چئجي.
    فعل متعدي معروف: اهڙا فعل، جن جا فاعل ۽ مفعول ظاهر يعني پڌرا هجن، ته انهن کي فعل متعدي معروف چئجي؛ مثال: قمر قرآن پاڪ پڙهيو. انهيءَ جملي ۾ ’پڙهيو‘ فعل متعدي معروف آهي، ڇاڪاڻ ته سندس فاعل آهي قمر ۽ مفعول آهي قرآن پاڪ، جيڪي ٻئي پڌرا ۽ ظاهر آهن.
    فعل متعدي مجهول: اهڙيون فعل جون صورتون، جن جا اصلوڪا فاعل گم هجن ۽ مفعول اچي فاعل جي جاءِ وٺن، ته انهن کي فعل متعدي مجـﮬـول چئجي.
    مثال: صوف وڻ مان پٽيو ويو. ان جملي ۾ ’پٽيو ويو‘ فعل متعدي مجـﮬـول آهي. (ارشد، 1983: 133- 15)
    محبوب علي جوکئي مرحوم پاران ڄاڻايل وصفون:
    فعل لازمي: اهڙا فعل، جيڪي پنـﮬـنجي فاعل سان لڳل هجن ۽ انهيءَ فعل واري ڪم جو اثر ڪنـﮬـن ٻئي اسم تي نه ٿئي، تن کي فعل لازمي چئبو آهي. فعل لازميءَ سان صرف فاعل يعني ڪم جو ڪندڙ هوندو آهي. پر مفعول، يعني ڪم جو سـﮬـندڙ نه هوندو آهي؛ مثال:
    ڇوڪرو ڊوڙي ٿو.
    بابو هت آهي.
    ٻار روئي ٿو.
    احمد وڻ تي چڙهي ويو.
    مٿين جملن ۾، ٿلها لفظ فعل لازمي آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو اثر ڪنـﮬـن ٻئي اسم تي ڪونه ٿو پوي، يعني اهي فعل پاڻ سان مفعول ڪونه ٿا کڻن.
    فعل متعدي: اهڙا فعل، جيڪي ڏيکارين ته فاعل ڪو ڪم ڪن ٿا ۽ ان ڪم جو اثر ڪن ٻين اسمن تي به ٿئي ٿو، يعني فعل سان ڪم جو سـﮬـندڙ اسم به موجود آهي، ته اهڙن فعلن کي فعل متعدي ڪوٺبو آهي؛ مثال:
    رشيد خط لکي ٿو.
    ڪاسائيءَ ٻڪر ڪٺو.
    درزي سڀاڻي ڪپڙا سبندو.
    مظـﮬـر انب کائي ٿو.
    هنن جملن ۾، فاعل ۽ مفعول ٻئي موجود آهن، تنـﮬـنڪري ٿلها لفظ فعل متعدي آهن.
    فعل متعديءَ جا وري ٽي قسم آهن:
    فعل متعدي معروف: اهڙا فعل متعدي، جن جو فاعل ظاهر، چٽو ۽ ڄاتل هجي، تن کي فعل متعدي معروف چئبو آهي. مثال:
    ڊرائيور ڪار هلائي ٿو.
    واڍو دروازو ٺاهي ٿو.
    رشيد خط لکي ٿو.
    تون ڪتاب پڙهين ٿو.
    مٿين جملن ۾، ٿلها لفظ فعل آهن، جن جو اصل فاعل ڄاتل يا چٽو پٽو ظاهر بيٺو آهي، تنـﮬـنڪري اهي فعل متعدي معروف آهن.
    oo فعل متعدي مجهول: اهڙا فعل، جن جو اصل فاعل گم هجي ۽ مفعول ڦري فاعل واريءَ جاءِ تي اچي، ته اهڙن فعلن کي فعل متعدي مجـﮬـول ڪوٺبو آهي؛ مثال:
    ڪار هلائي وئي.
    دروازو ٺـﮬـي ٿو.
    ڪتاب پڙهيو ويو.
    انب کائبا.
    مٿين جملن ۾، اصل فاعل يعني ڪم جو ڪندڙ گم آهي، پر مفعول ڦري فاعل واري جاءِ ورتي آهي، تنـﮬـنڪري ٿلها لفظ فعل متعدي مجـﮬـول آهن. ’مجـﮬـول‘ لفظ جي معنى آهي ’اڻ- ڄاتل‘. (جوکيو، 1979: 21- 22)

    محترم عبدالهادي سرهئي صاحب پاران ڄاڻايل وصفون:
    استاد عبدالـﮬـادي سرهيو صاحب عربي توڻي سنڌيءَ جو ماهر استاد هيو ۽ ٽريننگ ڪاليجن ۾ عربي توڻي سنڌي گرامر پڙهائيندو رهيو، سندس هيٺيون وصفون عربي صرف و نحوَ جي سمجهاڻين مان ورتيون ويون آهن:
    فعل لازمي: جيڪو فعل صرف فاعل جي اچڻ سان پوري ڳالهه ظاهر ڪري، تنـﮬـن کي فعل لازمي چئجي ٿو. مثلاً: ذهب زيدٌ يعني زيد ويو.
    فعل متعدي: اهو فعل آهي، جو فاعل کان سواءِ مفعول به گهري. مثلاً: اڪل زيد خُبزاً = زيد ماني کاڌي. اتي ’خُبزاً مفعول آهي. (سرهيو، 1986: 41)

    محترم غلام محمد سومري صاحب پاران ڄاڻايل وصفون
    فعل لازمي (Intransitive verb): اهو فعل جنـﮬـن ۾ فاعل هجي ۽ مفعول نه هجي تنـﮬـن کي فعل لازمي چئجي ٿو. جيئن ته: حيدر ڊوڙي ٿو.
    فعل متعدي (Transitive verbb): اهو فعل جنـﮬـن ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي هجن تنـﮬـن کي فعل متعدي چئبو آهي. جيئن ته: محمد انب کاڌو.
    نوٽ: فعل متعدي جا وري ٽي قسم آهن:
    (الف) فعل متعدي معروف (Active voicee): اهو فعل جنـﮬـن ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي ظاهر يا چٽا هجن. جيئن ته: ڪريم ڪتاب پڙﮭـيو.
    (ب) فعل متعدي مجـﮬـول (Passive voicee): اهو فعل جنـﮬـن جو فاعل گم ٿي وڃي ۽ مفعول اچي فاعل جي جاءِ ڀري بيـﮬـي. مثال طور: ڪاٺ چيريو ويو. جاءِ ٺـﮬـرائبي.
    (ت) فعل متعدي بالواسطه (Causative verbb): اهو فعل جنـﮬـن جو فاعل پاڻ ڪم نه ڪري پر ٻئي کان ڪرائي تنـﮬـن کي فعل متعدي باالواسطه چئجي. مثال: نور محمد احمد کي مارايو.
    (نوٽ): فعل متعدي باالواسطه جا وري ٻه قسم آهن. (سومرو، 1997: 933)

    محترم نور محمد کوسي صاحب پاران ڄاڻايل وصفون:
    فعل لازمي: اهو فعل جيڪو صرف فاعل کي جملي ۾ ظاهر ڪري ۽ مفعول سڌي يا اڻ- سڌيءَ طرح سان به ظاهر نه ٿئي. لازميءَ جي معنى آهي چـﮬـٽيل رهندڙ، ڪڏهن به جدا نه ٿيندڙ، گڏ رهڻ وارو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته اهڙو فعل جيڪو هميشـﮣ پنـﮬـنجي فاعل سان گڏ رهندو هجي؛ مثال:
    ڇوڪرو ڊوڙي ٿو. (هن ۾ ’ڊوڙي ٿو‘ فعل لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جملي ۾ صرف فاعل يعني ’ڇوڪرو‘ ظاهر ٿئي ٿو.)
    هو رلي ٿو. (’رلي ٿو‘ فعل لازمي آهي، هن ۾ فاعل ’هو‘ آهي.)
    شاگرد اسڪول ۾ آهي. (’آهي‘ فعل لازمي آهي ۽ سندس فاعل ’شاگرد‘ آهي.)
    انور اڄ مس مس آيو. (’آيو‘ فعل لازمي ۽ فاعل ’انور‘ آهي.)
    اڪثر ڪري هيٺيون مصدرون پنـﮬـنجا فعل لازمي ڏيکارينديون آهن:
    ٻڏڻ، ليٽڻ، سمهڻ، اچڻ، هلڻ، وڃڻ، ڊوڙڻ، بيـﮬـڻ، نچڻ، ڪڏڻ وغيره.
    (محترم کوسي صاحب فعل لازميءَ جي قسمن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. جڏهن ته متعديءَ جا ڇهه قسم ٻڌايا آهن.)
    فعل متعدي: فعل ڏيکاري ته ڪم جو اثر فاعل کان منتقل ٿي مفعول تائين پـﮬـچي ته ان کي فعل متعدي چئجي يا فعل پنـﮬـنجي فاعل يا مفعول سان منسوب هجي ته ان کي فعل متعدي چئجي؛ مثال:
    مزدورن ڀت ڪيرائي. (هن جملي ۾ ’مزدورن‘ فاعل آهي ۽ ’ڀت‘ مفعول آهي، ان ڪري فعل ’ڪيرائي‘ متعدي ٿيندو.)
    هن پنـﮬـنجي هٿ سان خط لکيو. (هن جملي ۾ ’هن‘ لفظ فاعل آهي ۽ ’خط‘ مفعول آهي، ان ڪري ’لکيو‘ فعل متعدي ٿيندو.)
    فعل متعدي معروف: معروف معنى سڃاتل. يعني اهو فعل جيڪو پنـﮬـنجي فاعل ۽ مفعول جي موجودگيءَ ۾ پوريءَ طرح سڃاتو وڃي، يعني جملي ۾ فعل جا فاعل ۽ مفعول ظاهر هجن؛ مثال:
    رازي ڀت ٺاهي. (هن جملي ۾ ’رازي‘ لفظ فاعل آهي، ’ڀت‘ لفظ ’مفعول‘ آهي، ان ڪري فعل ’ٺاهي‘ متعدي معروف آهي. هن جملي ۾ ٻيو ڪوبه ابـﮬـام ڪونه آهي. ’ڪير‘ يا ’ڪنـﮬـن‘ سوال سان فاعل آهي ۽ ’ڇا‘ جي سوال سان مفعول ملندو.)
    هاشم هڪ جاءِ خريد ڪئي. (هن جملي ۾ ’هاشم‘ فاعل آهي ۽ ’جاءِ‘ مفعول آهي. ان ڪري ’خريد ڪئي‘ فعل متعدي معروف آهي.)
    فعل متعدي مجهول: اهو فعل جنـﮬـن مان ’فاعل‘ جي هجڻ لاءِ ڄاڻ نه هجي، بلڪ مفعول ظاهر هجي؛ مثال:
    وڻ مان انب پٽيا ويا. (هن جملي ۾ ’انب‘ مفعول آهي، ’پٽيا ويا‘ فعل آهي، پر اهي انب ڪنـﮬـن پٽيا؟ ان جي ڄاڻ نه آهي، ان ڪري ’پٽيا ويا‘ فعل متعدي مجـﮬـول چئبو.)
    فقير کي خيرات ڏني ويئي. (هن جملي ۾ ’خيرات‘ مفعول آهي ۽ ’ڏني وئي‘ فعل متعدي مجـﮬـول آهي، ليڪن اها ڄاڻ نه آهي ته فقير کي ڪنـﮬـن خيرات ڏني.) (کوسو، 2005: 47- 50)

    مسڪين راشدي صاحب پاران ڄاڻايل وصفون:
    فعل لازمي: اهڙو فعل جيڪو پنـﮬـنجي فاعل سان لڳل ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل هجي، ان کي فعل لازمي چئبو آهي. فعل لازمي فقط فاعل جو عمل ظاهر ڪندو آهي؛ مثال:
    مان اچان ٿو.
    تون اچين ٿو.
    هو اچي ٿو.
    اهي اچن ٿا.
    فعل متعدي: لفظ متعدي جي معنى آهي وچڙندڙ. مثلاً: سلهه ۽ فلو متعدي مرض آهن. اهڙو فعل جيڪو فاعل کان اڳتي وڌي مفعول سان وچڙي ان کي فعل متعدي چئبو آهي؛
    مان خط لکان ٿو.
    تون خط لکين ٿو.
    اسان خط لکون ٿا.
    احمد خط لکي ٿو.
    اهڙو متعدي فعل جنـﮬـن جو فاعل ڄاتل سڃاتل يعني معروف هجي، ان کي فعل متعدي معروف چئبو آهي.
    اهڙو متعدي فعل جنـﮬـن جو فاعل اڻ- ڄاتل، اڻ- سڃاتل، مجـﮬـول يعني گم ٿيل هجي ته ان کي فعل متعدي مجـﮬـول ڪوٺبو آهي. (راشدي، 2007: 67، 69، 71)

    محمد عيسى چني صاحب پاران ڄاڻايل وصفون:
    ”فعل جا مکيه ٻه قسم آهن 1. فعل لازمي، 2. فعل متعدي.
    فعل لازمي: لازمي معنى ضروري. جملي ۾ اهو فعل جنـﮬـن جو لاڳاپو صرف فاعل سان هجي ۽ انهيءَ جو اثر ٻئي ڪنـﮬـن اسم تي نه پوي تنـﮬـن کي فعل لازمي چئبو آهي؛ مثال:
    1. اسلم ڊوڙي ٿو. 2. هو حيدرآباد ويو.
    هنن ۾ ڊوڙي ٿو ۽ ويو فعل لازمي آهن.
    فعل متعدي: فعل متعديءَ جا ٽي قسم آهن.
    (الف) فعل متعدي معروف: معروف معنى ڄاتل سڃاتل. اهڙو فعل جنـﮬـن جو فاعل ۽ مفعول ٻئي موجود هجن، تنـﮬـن کي فعل متعدي معروف چئبو آهي. مثلاً: امجد خط لکي ٿو.
    (ب) فعل متعدي مجـﮬـول: مجـﮬـول معنى گم ٿيل. اهو فعل جنـﮬـن جو فاعل گم ٿيل هجي ۽ مفعول اچي فاعل جي جاءِ والاري تنـﮬـن کي فعل معتدي مجـﮬـول چئبو آهي. مثلاً: خط لکجي ٿو.
    (ج) فعل متعدي باالواسطو: باالواسطه معنى واسطي سان يا معرفت سان اهڙا فعل جن جافاعل پاڻ ڪم نه ڪن پر ٻئي کان ڪم ڪرائين يا ٻئي جي معرفت ڪم ڪن، تن کي فعل متعدي باالواسطه چئبو آهي. مثلاً: هاريءَ استاد کان خط لکرايو. (چنو، 2011: 27- 28)

    ’رين اينڊ مارٽن‘ (Wren & Martin) ۾ ڄاڻايل وصفون:
    هت انگريزيءَ ۾ ’رين اينڊ مارٽن‘ (Wren & Martinn) پاران بيان ڪيل مثالن سوڌو وصفن کي به شامل ڪجي ٿو، ته جيئن اهو جاچجي ته: ڇا انگريزي گرامر ۾ اهڙا ’فعل لازمي‘ ڪم آندا وڃن ٿا، جن ۾ امڪاني مفعول جي هجڻ جو اشارو ملندو هجي؟
    1. The boy kicks the football.
    2. The boy laughs loudly.
    In sentence 1, the action denoted by the verb kicks passes over form the doer or subject boy to some object foot ball. The verb kicks is, therefore, called a Transitive verb. (Transitive means passing over.)
    In sentence 2, the action denoted by the verb laughs stops with the doer or Subject boy and does not pass over to an Object. The verb laughs is, therefore, called an Intransitive verb (intransitive means not passing over.)
    Definition: A Transitive Verb is a Verb that denotes an action which passes over from the doer or Subject to an object.

    Definition: An Intransitive Verb is a verb that denotes an action which does not pass over to an object, or which expresses a state or being; as,
    He ran a long distance. (Action)
    The baby sleeps. (State)
    There is a flaw in this diamond. (Being) (Wren, 2006: 54, 55)
    مثالن بعد ڄاڻايل پـﮬـرين وصف ۾ فعل متعديءَ بابت اها وضاحت ملي ٿي ته: ’اهڙو ڪم/ فعل جيڪو ڪم ڪندڙ/ فاعل کان مفعول ڏانـﮬـن منتقل ٿئي‘. ان وصف جي بنياد تي جڏهن ’اياز کائي ٿو‘ واري فعل ۽ فاعل کي ڏسجي ٿو ته ان چوَڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانه ٿي ٿئي ته ’کائڻ‘ وارو عمل ’ڇا‘ جي سوال پٽاندر منتقل ته ٿئي ٿو؛ ليڪن اهو آهي جو ’مفعول‘ پڌرو ڄاڻايل ڪونهي.

    عالمن جي وصفن مان حاصل ٿيندڙ چند نڪتا
    چند عالمن جي وصفن مان ڄاڻايل مٿين سوالن جي روشنيءَ ۾ هيٺيان نڪتا اخذ ٿين ٿا جن تي ويچار ڪرڻ جي ٻيـﮬـر گهرج پيش اچي ٿي:
    ’اشفاق ڳائي ٿو - فـﮬـميده ڌوئي ٿي- اياز لکي ٿو‘ ۾ ڪم آندل فعلن بابت مختلف رايا ملن ٿا.

    عالمن/ استادن فعل لازميءَ جي مثالن ۾ اهڙن فعلن کي ڪم آندو آهي، جن سان مفعول جي هجڻ جو امڪان ئي نه هجي- سواءِ محترم دادا سنڌيءَ جي!

    اهڙا فعل به ٿين ٿا، جيڪي لازمي ۽ متعديءَ ٻنهي ۾ ڪم اچن ٿا.

    ڪنـﮬـن جملي ۾، فعل سان لاڳاپيل ’مفعول‘ ٻه به ٿي سگهن ٿا، هڪ: سڌو، ٻيو: اڻ- سڌو.

    ’صوف وڻ مان پٽيو ويو‘ يا ’وڻ مان انب پٽيا ويا‘ واري جملي ۾ لفظ ’وڻ مان‘ سڌو يا اڻ- سڌو مفعول ڪونهي.

    ’فعل لازمي مجـﮬـول‘ کي فعل اڪرترڪ يا ’بيفاعلو فعل‘ڪوٺيو وڃي ٿو؛ ان سببان فعل لازميءَ جو صرف هڪ ئي قسم آهي.

    ڪنـﮬـن جملي ۾ ’فاعل‘ جو واضح نه هجڻ به ’هجڻ جو دليل‘ آهي.

    لفظ مجـﮬـول جو اطلاق صرف ’فاعل جي واضح نه هجڻ‘ سان ٿئي ٿو؛ ’مفعول جي غير موجودگيءَ‘ سان نه ٿو ٿئي.

    فعل متعدي مجـﮬـول، انگريزيءَ جي Passive voice سان مماثل آهي.
    فعل لازمي يا متعديءَ جو فرق ڳالهائجندڙ ٻولي ۽ لکجندڙ ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٿي سگهي ٿو.

    لازمي ۽ متعدي لفظن جي ڄاڻايل معنائن ۾ فرق سامهون اچي ٿو.

    ’اشفاق ڳائي ٿو‘- ’فـﮬـميده ڌوئي ٿي‘- ’اياز کائي ٿو‘۾ ڪم آندل فعلن بابت مختلف رايا سامهون اچن ٿا.
    دادا سنڌيءَ جي ڄاڻايل فعل لازميءَ جي مثالن مان ذاتي ذهن ۾ جڙيل خاڪي ۾ مونجهارا ٿين ٿا. چند استادن/ دوستن کان ذاتي طور تي معلوم ڪيو ويو، جتان مختلف خيال سامهون آيا آهن؛ اهڙا مختلف رايا خيال خاطر پڙهندڙن آڏو رکجن ٿا:
    فعل لازميءَ بابت راءِ ڏيندڙ عالم/ استاد: سيد ضياءُ الدين شاه درازن وارو، برڪت بلوچ، محمد ناظم خان ماتلوي، استاد نور محمد کوسو، عبدالمالڪ عباسي...
    فعل متعديءَ بابت راءِ رکندڙ عالم/ استاد: ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، پروفيسر حافظ غلام مصطفى راڄپر، دين محمد ڪلهوڙو، استاد نور محمد کوسو، استاد محمد عيسى چنو، قاري محمود اياز انڍڙ، پروفيسر حفيظ الله سندراڻي، پروفيسر سليم رضا ملاح، استاد اعجاز احمد ميمڻ، استاد غلام مرتضى راڄپر...
    اڪثريتي راءِ فعل متعديءَ بابت سامهون آئي آهي، ليڪن حقيقت اها آهي ته اڪثريتي راءِ کي علمي ماڻ ۾ توري نه ٿو سگهجي/ حيثيت نه ٿي ڏئي سگهجي. هتي صرف اختلاف کي نمايان ڪرڻ مقصود آهي.
    هن ڏِس ۾، استاد نور محمد کوسي صاحب جو نالو ان لحاظ کان ٻنهي ۾ شامل ڪيو آهي ته هو صاحب ٻنهي خيالن کي رد نه ٿو ڪري. صاحب موصوف جو خيال آهي ته جنـﮬـن صورت ۾ مفعول واضح نه هوندو آهي ته ان صورت ۾ فعل لازمي چئي سگهجي ٿو؛ جنـﮬـن حالت ۾ امڪاني مفعول آڏو اچي ٿو ان صورت ۾ فعل متعدي هجڻ وارو خيال به رد نه ٿو ڪري سگهجي. ڪنـﮬـن حتمي راءِ ڏيڻ واري عرض تي لاچار فعل متعديءَ بابت خيال رکيائين.
    پروفيسر حافظ غلام مصطفى راڄپر صاحب به ٻنهي خيالن کي رد نه ڪيو، ليڪن چند گهڙيون سوچڻ کان پوءِ فعل متعديءَ جي راءِ رکيائين.
    ساڳيو حال استاد محمد عيسى چني جو رهيو، جنـﮬـن پڻ هڪدم ته ’فعل لازميءَ‘ جي راءِ رکي ليڪن ٻن پـﮬـرن جي غور ويچار بعد ’فعل متعديءَ‘ جي راءِ رکيائين.
    ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ صاحب تفصيلي بحث بعد ’فعل متعديءَ‘ جي راءِ رکي. ڊاڪٽر صاحب ’فعل متعديءَ‘ بابت ٻڌايو ته: اهڙو فعل جنـﮬـن ۾ مفعول جي ضرورت پيش اچي ان کي فعل متعديءَ ۾ شامل ڪبو، مذڪوره فعلن ۾ مفعول جي ضرورت پيش اچي ٿي انلاءِ انهن کي فعل متعديءَ ۾ شامل ڪبو. محترم عبدالـﮬـادي سرهئي ۽ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي وصفن ۾ مفعول جي ’ضرورت/ گهر‘ هجڻ واري ڳالهه ۾ ساڳيائپ آهي.
    برڪت بلوچ صاحب راءِ رکي ته: مذڪوره فعلن سان مفعول واضح نه آهي ان ڪري فعل لازميءَ ۾ ئي شمار ڪيو ويندو. وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائين ته: اهڙي قسم جي ظاهري جملن جي نوعيت مان اندازو ڪرڻ کي انگريزيءَ ۾ conventional Grammar چيو ويندو آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو اصطلاح (Term) موجود ناهي.
    بـﮬـرحال حالت اها وڃي بيٺي آهي ته:
    ڪن عالمن/ استادن ڄاڻايل مثالن کي ’فعل لازميءَ‘ ۾ شامل ڪيو؛
    ڪن عالمن/ استادن ڄاڻايل مثالن کي ’فعل متعدي مجـﮬـول‘ ۾ شامل ڪيو؛
    ڪن عالمن/ استادن ڄاڻايل مثالن کي ٻنهي ۾ شامل هجڻ جو امڪان ڏيکاريو.
    مختلف استادن/ عالمن کان مختلف راين جي صورت ۾ هڪ لچڪ سامهون آئي آهي؛ اهو ئي سبب آهي جو اهڙن نڪتن جو ٻيـﮬـر اڀياس انتـﮬـائي ضروري هوندو آهي.

    اڪثر عالمن/ استادن فعل لازميءَ جي مثالن ۾ اهڙن فعلن کي ڪم آندو آهي، جن سان مفعول جي هجڻ جو امڪان ئي نه هجي.
    عالمن جي ڄاڻايل فعل لازميءَ وارن مثالن جي اڀياس مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته سواءِ محترم دادا سنڌيءَ جي، مڙني عالمن اهڙا فعل ڪم آندا آهن، جن ۾ مفعول جي هجڻ جو امڪان ئي نه هجي؛ مثلاً: ڊوڙڻ، لڏڻ، اڀرڻ، اچڻ، وڃڻ، هلڻ، روئڻ، چڙﮭـڻ، رلڻ، ٻڏڻ، ليٽڻ، سمهڻ، بيـﮬـڻ، نچڻ، ڪڏڻ وغيره.
    جڏهن ته محترم دادا سنڌيءَ اهڙا فعل ڄاڻايا آهن، جن سان ’مفعول‘ جي هجڻ جو امڪان رهي ٿو؛ مثلاً: ڳائڻ، ڌوئڻ، کائڻ.
    ان معاملي (Dilemmaa) تي محترم آفتاب ابڙي سان ڪچـﮬـري ٿي، جنـﮬـن هڪ فائينل پاس، جهوني استاد جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته: ”ان جهوني استاد مون کان سوال ڪيو ته ’اهڙو هڪ- لفظو جملو ٻڌاءِ، جنـﮬـن ۾ فعل، فاعل ۽ مفعول ٽئي ڪم آيا هجن!‘ مون ٿورو ويچاري ٻڌايو ته: ’کاڌم!‘ ان تي، ان استاد مون کي درست قرار ڏنو“.
    اصل ڳالهه اها آهي ته پراڻن استادن پاران اهو ئي ڏسيل آهي ته جنـﮬـن جملي ۾ اهڙو فعل ڪم آندل هجي جنـﮬـن سان ’مفعول‘ جي هجڻ جو امڪان رهي ته ان کي ’فعل متعديءَ‘ ۾ سمجهيو ويندو.
    ڄاڻايل فعل لازميءَ جي مثالن: ’اشفاق ڳائي ٿو‘- ’فـﮬـميده ڌوئي ٿي‘- ’اياز کائي ٿو‘ مان ٻه خيال ظاهر ٿين ٿا:
    ڄاڻايل جملن ۾ بيشڪ ’مفعول‘ پڌرو ڪونهي، ان لاءِ اهڙن فعلن کي فعل لازميءَ ۾ شمار ڪيو ويندو.
    ڄاڻايل جملن ۾ ’مفعول‘ جي هجڻ جو امڪان آهي (يعني ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن شيءِ جي هجڻ جو خيال ته ملي ٿو)، ان لاءِ اهڙن فعلن کي فعل متعديءَ ۾ شمار ڪيو ويندو.
    حقيقت ۾، ٻوليءَ جي نسبت اهڙا فعل به سامهون اچن ٿا، جن ۾ امڪاني طور تي به ’مفعول‘ نٿو ٿئي؛ جيئن: اچڻ، سمهڻ، ڊوڙڻ وغيره.
    اتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته:
    ڇا اهڙا جملا به ٿي سگھن ٿا، جن ۾ فعل ’ٻڏڻ، ليٽڻ، سمهڻ، اچڻ، هلڻ، وڃڻ، ڊوڙڻ، بيـﮬـڻ، ويـﮬـڻ، نچڻ، ڪڏڻ وغيره ‘ سان ڪو مفعول ٿيندو هجي؟
    جواب يقيناً ’نه‘ ۾ ملندو. مثلاً: ’سرواڻ اسڪولِ وڃي ٿو.‘ واري جملي ۾ ’اسڪولِ‘ مان مراد ’اسڪول ڏانـﮬـن‘ آهي، جيڪو ’مفعول‘ ناهي، بلڪ ’ظرف مڪان‘ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. جنـﮬـن سبب ان جملي جي Passive Form ۾ تبديلي نه ٿيندي. پر ڪي استاد، ان جملي کي جهڳاڙي نموني تبديل ڪري به ويندا آهن؛ جيئن:
    Active voice: Sarwan goes to school.
    Passive voice: An action of going to school is done by Sarwan.
    اهو انداز Transformation of Sentencess جي زمري ۾ ته آڻي سگهجي ٿو، ليڪن فعل ’وڃڻ‘ سان ’اسڪول‘ کي مفعول نه ٿو بڻائي سگهجي.
    اهڙي نموني ٻوليءَ جي نسبت اهڙا فعل به آهن، جن ۾ امڪاني طور تي ’مفعول‘ ٿئي ٿو؛ جيئن: لکڻ، پڙﮭـڻ، کائڻ وغيره. اهڙي قسم جي فعلن سان ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن شيءِ (مفعول) جي هجڻ جو تصور ملي ٿو. ان صورت ۾ ’مفعول‘ چٽي نموني ڄاڻايل هجي يا نه هجي، ليڪن امڪاني مفعول جي بنياد تي ’فعل متعديءَ‘ ۾ ڄاڻائي سگهجي ٿو.
    انگريزيءَ ۾ اهڙن فعلن جي نوعيت به ڏيکاريل آهي، جيڪي لازمي ۽ متعدي ٻنهي ۾ ڪم اچي سگهن ٿا، ان لاءِ ڄاڻايل آهي ته:
    Most verbs can be used both as Transitive and as Intransitive verbs. It is; therefore, better to say that a verb is used transitively or intransitively rather than that it is Transitive or Intransitive.
    Used Transitively:
    The ants fought the wasps.
    The shot sank the ship.
    Ring the bell, Rama.
    The driver stopped the train.
    He spoke the truth.
    The horse kicked the man.
    I feel a severe pain in my head.
    Used Intransitively:
    Some ants fight very fiercely.
    The ship sank rapidly.
    The bell rang loudly.
    The train stopped suddenly.
    He spoke haughtily.
    This horse never kicks.
    How do you feel?
    Note: some verbs, e.g. come, go fall, die, sleep, lie, denote actions which cannot be dome to anything; they can, therefore, never be used Transitively. (wren, 2006: 55)
    ڏٺو وڃي ته انگريزيءَ ۾، فعل لازميءَ جي مثالن جي جملن کي اسان وٽ فعل متعدي مجـﮬـول ۾ سمجهيو ويندو آهي، جيئن: The train stopped suddenly ’ريل گاڏي اچانڪ بيٺي./ امالڪ ريل گاڏي بيٺي‘ منـﮬـنجي خيال ۾ اهڙي قسم جي جملي کي سنڌي وياڪرڻ موجب ’فعل متعدي مجـﮬـول‘ ۾ سمجهيو ويندو آهي. ان لاءِ اهڙي استعمال تي، چئي سگهجي ٿو ته ’هر ٻوليءَ جو مزاج پنـﮬـنجو پنـﮬـنجو آهي.‘
    دادا سنڌيءَ جي ڄاڻايل فعل لازميءَ جي مثالن بابت مختلف بزرگن/ دوستن کان مختلف خيال حاصل ٿيا آهن، ان حالت ۾ اهڙن ٻنهي خيالن کي رد ڪري نه ٿو سگهجي؛ منـﮬـنجي ذاتي راءِ موجب دادا سنڌيءَ جا ڄاڻايل فعل لازميءَ جا مثال ’فعل متعديءَ‘ جا آهن. چند بزرگن/ دوستن جي مختلف راين کي سامهون رکي ڪري اها راءِ جڙي ٿي ته اهڙي قسم جي فعلن کي ’ترجيح‘ واري ميدان ۾ آڻڻ گهرجي يا ٻي صورت ۾ ڪو الڳ ’وياڪرڻي اصطلاح‘ ڪم آندو وڃي.

    اهڙا فعل به ٿين ٿا، جيڪي لازمي ۽ متعديءَ ٻنهي ۾ ڪم اچن ٿا.
    انگريزي گرامر Wren & Martinn مان اهو نڪتو به ملي ٿو ته ساڳيو فعل، لازمي توڻي متعديءَ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. اهڙي سڄي استعمال جو دارو مدار فعل جي صيغي (Mood) تي هوندو آهي. ڪي فعل بغير مفعول جي پورو خيال پيش ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ساڳيا فعل اڌوري ڳالهه پيش ڪندا آهن، جتي ڪنـﮬـن مفعول جي هجڻ جي کوٽ محسوس ڪئي ويندي آهي. فرض ڪريو ته ’کيڏڻ‘ مصدر مان هيٺيان جملا ڪم اچي سگهن ٿا:
    زهرا گڏيءَ سان کيڏي ٿي/ سرواڻ ڀيڻ سان کيڏي ٿو.
    سرواڻ ڪٻٽي راند کيڏي ٿو/ سرواڻ ڪرڪيٽ کيڏي ٿو.
    ٻنهي جملن ۾ ساڳيو فعل ڪم آندو ويو، پـﮬـرئين ۾ فعل لازميءَ طور ڪم آيو، ٻئين ۾ فعل متعديءَ طور استعمال ٿيو. ان مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته ’ساڳيو فعل‘ لازمي توڻي متعديءَ طور ڪم اچي سگهي ٿو؛ اهڙي فرق جو دارومدار فعل جي صيغي (Mood) تي آهي. اهڙين صورتن ۾ شرط وري به جملي جي پورائي جو هوندو آهي، جنـﮬـن ۾ پورو خيال منتقل ٿي سگهي.
    ٻنهي جملن جي Moodd جاچڻ کان پوءِ جڏهن دادا سنڌي جا ڄاڻايل فعل لازميءَ جا مثال ڏسجن ٿا ته ٻه خيال سامهون اچن ٿا:
    اشفاق ڳائي ٿو. (ڪنـﮬـن حد تي خيال پورو ٿئي ٿو)
    فـﮬـميده ڌوئي ٿي. (هن ۾ خيال اڌورو رهجي ٿو ته ڇا ٿي ڌوئي، ڪپڙا يا ٿانوَ؟)
    اياز لکي ٿو. (هن ۾ پڻ اڌورو خيال منتقل ٿئي ٿو ته ڇا ٿو لکي ۽ ساڳئي وقت ڪنـﮬـن حد تي ڳالهه پوري به محسوس ٿئي ٿي)
    پروفيسر ڀيرومل صاحب به فعل متعديءَ جي وضاحت ۾، فعل جي صيغي (Moodd) آهر، خيال جي پورائي جي ڳالهه ڪئي آهي، هو صاحب لکي ٿو ته: ”ڇوڪرو کائي ٿو. هتي ’ڇوڪرو‘ فاعل آهي ۽ ’کائي ٿو‘ فعل آهي پر جملي مان اها خبر ڪانه ٿي پئي ته ڇوڪرو ڇا ٿو کائي. جيڪڏهن چئبو ته ’ڇوڪرو‘ ماني کائي ٿو‘ ته پوءِ مطلب پورو نڪرندو ۽ چئبو ته ’کائي ٿو‘ فعل متعدي آهي.“ (ص: 92)
    ڀيرومل صاحب جي ڄاڻايل فعل معتديءَ جي وضاحت ۾ مفعول کان سواءِ، جملو ته ملي ٿو، ليڪن ان ۾ به اها وضاحت ڪانهي ته اهو جملو ڪو فعل لازميءَ جو ٿيندو! بلڪه جملي جي اڻپورائي جي ڳالهه سامهون اچي ٿي. اصل ۾ ڀيرومل صاحب جي وضاحت ۾ واضح ۽ غير واضح مفعول جو مثال ڄاڻايل آهي؛ جنـﮬـن سان فعل ’کائي ٿو‘ فعل متعديءَ جي دلالت ڪري ٿو.
    ساڳي ڳالهه مرزا قليچ بيگ صاحب ’فعل لازمي ۽ فعل متعديءَ جي وچ ۾ تفاوت‘ واري نڪتي ۾ پڻ ڪئي آهي ته:
    ”1. فعل لازميءَ کي رڳو فاعل آهي ۽ مفعول ڪونهيس.
    2. فعل متعديءَ کي فاعل توڙي مفعول ٻئي آهن.
    اشارو: ڪن جملن ۾ مفعول ڳجهو رهي ٿو. مثلاً: ڇوڪر پڙﮭـي ٿو. هتي ’ڪتاب‘ يا ’خط‘ وغيره لفظ مفعول آهي جو ڳجهو رهيو آهي.“ (مرزا، 2006: 33)
    پروفيسر ڀيرومل ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب جي اشارن مان اهوئي حاصل ٿئي ٿو ته فعلي صيغي (Mood) جي لحاظ کان دادا سنڌيءَ جا ڄاڻايل فعل لازميءَ جا مثال اڌوري ڳالهه منتقل ڪن ٿا؛ ان صورت ۾ ڄاڻايل مثال فعل لازميءَ يا متعديءَ ۾ شامل ڪرڻ واري ٻڏتر، بنيادي طالب علمن لاءِ بـﮬـتر نه ٿي قرار ڏئي سگهجي.
    پروفيسر ڀيرومل جي فعل واري صيغي ۽ مرزا قليچ بيگ جي اشاري واري وضاحت کان پوءِ ان چوَڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي ته مٿي ڄاڻايل اردو مثال: ’لڑکا پڑھتا ہے‘، اڌوري ڳالهه منتقل ڪري ٿو ، جنـﮬـن بنياد تي ان کي فعل لازميءَ بجاءِ فعل متعديءَ ۾ شامل هجڻ گهرجي.

    ڪنـﮬـن جملي ۾، فعل سان لاڳاپيل ’مفعول‘ ٻه به ٿي سگھن ٿا، هڪ: سڌو، ٻيو: اڻ- سڌو. (’مفعول‘ ڄاڻڻ جو طريقو)
    ڪنـﮬـن جملي مان فعل جي ذريعي مفعول ڄاڻڻ انتـﮬـائي ضروري هوندو آهي. ان حوالي سان استاد محمد عيسى چنو صاحب لکي ٿو ته: ”فاعل ڳولڻ لاءِ فعل کان سوال پڇبو آهي ’ڪير يا ڪنـﮬـن‘، جيڪو جواب اچي اهو فاعل ٿيندو. مفعول ڳولڻ لاءِ فعل کان سوال پڇبو ’ڇا‘؟ جيڪو جواب اچي اهو مفعول ٿيو.“ (چنو، 2011: 33)
    بنيادي طالب علم کي، سادي نموني، مفعول ڄاڻڻ جو اهو ئي طريقو ٻڌايو ويندو آهي ته ’فعل‘ کان ’ڇا‘ جو سوال پڇيو وڃي ته جواب ملي ويندو. جيئن: سرواڻ اسڪولِ وڃي ٿو./ سرواڻ اسڪولَ ڏانـﮬـن وڃي ٿو.
    فاعل ڄاڻڻ لاءِ: ’ڪير‘ اسڪول وڃي ٿو؟ جواب: سرواڻ. اهو ٿيو فاعل.
    مفعول ڄاڻڻ لاءِ: ’ڇا‘ وڃي ٿو؟ جواب ڪونه ٿو ملي. ان لاءِ چئبو ته هن جملي ۾ مفعول ڪونهي.
    ان جملي کي انگريزيءَ ۾ مٽائبو ته ٿيندو: ’Sarwan goes to school‘
    هاڻي انگريزيءَ ۾ ان جملي جي Passive voicee ممڪن ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ان جملي ۾ مفعول ڪونهي. ان آڌار چئي سگهبو ته مٿي ڄاڻايل اردو جملو ’لڑکے اسکول آئے‘ فعل متعديءَ جو نه پر فعل لازميءَ جو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ’اسڪول‘ جي حيثيت ظرف مڪان واري رهي ٿي. اداري ۽ ايڊيٽر/ مؤلفن جي لاپرواهيءَ سبب اهو جملو فعل متعديءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
    ٻيو جملو جيڪو ڀيرومل آڏواڻي صاحب فعل متعديءَ طور ڄاڻايو آهي اهو آهي: سوار گهوڙو ماري ٿو/ سوار گهوڙي کي ماري ٿو.
    ظاهري طور، بنيادي طالب علمن لاءِ ڄاڻايل، ’مفعول ڄاڻڻ واري اصول‘ پٽاندر ’گهوڙو‘ مفعول ڪونهي؛ ڇاڪاڻ ته ’ڇا ماري ٿو؟‘ واري سوال جو جواب صاف نه ٿو ملي؛ بلڪ ’ڪنـﮬـن کي ماري ٿو؟‘ جو جواب ملي ٿو. ان مان اهوئي اخذ ٿئي ٿو ته ’حالت جريءَ‘ جي صورت ۾ به مفعول ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته مفعول ’ڪنـﮬـن کي؟‘ واري سوال سان به ملي سگهي ٿو.
    اهڙو اندازو محترم نور محمد کوسي جي ڄاڻايل فعل لازميءَ جي وصف مان به ٿئي ٿو ته: ”اهو فعل جيڪو صرف فاعل کي جملي ۾ ظاهر ڪري ۽ مفعول سڌي يا اڻ- سڌيءَ طرح سان به ظاهر نه ٿئي.“ جنـﮬـن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنـﮬـن جملي ۾ ٻه مفعول به ٿي سگهن ٿا. اهڙو خيال ڪنـﮬـن حد تي ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڄاڻايل فعل متعديءَ جي مثال مان به ملي ٿو ته: سوار گهوڙو ماري ٿو/ سوار گهوڙي کي ماري ٿو.
    ظاهري طور تي ’سوار گهوڙو ماري ٿو‘ ۾ ’گهوڙو‘ مفعول ڪونهي. ليڪن جڏهن ’ڪنـﮬـن کي ماري ٿو؟‘ وارو سوال ڪجي ٿو ته مفعول ’گهوڙو‘ ملي ٿو، جيڪو اڻ- سڌو مفعول آهي.
    انگريزيءَ ۾ هڪ سادو جملو آهي، جنـﮬـن جي Passive voice ٻن مفعولن سان ٿيندي آهي:
    Active voice: The teacher teaches us Sindhi.
    Passive voice 1: Sindhi is taught us by the teacher.
    Passive voice 2: We are taught Sindhi by the teacher.
    مفعول 1 ڄاڻڻ جو سوال: ڪير سيکاري ٿو؟ جواب: استاد.
    مفعول 22 ڄاڻڻ جو سوال: ڪنـﮬـن کي سيکاري ٿو؟ اسان کي.

    اهڙي اڀياس بعد اهو خيال جڙي ٿو ته ڪنـﮬـن جملي ۾ ٻه (2) مفعول ٿي سگهن ٿا؛ هڪ: سڌو، ٻيو: اڻ- سڌو!

    (الف) ’وڻ مان انب پٽيا ويا‘ واري جملي ۾ لفظ ’وڻ مان‘ سڌو يا اڻ- سڌو مفعول ڪونهي.
    عالمن جيڪي مثال ڏنا آهن، تن ۾ اهڙا لفظ به اچن ٿا، جيڪي ڪنـﮬـن حوالي سان اثر انداز ته ٿين ٿا، ليڪن سڌي يا اڻ- سڌيءَ طرح مفعول نه ٿا ڄاتا وڃن؛ جيئن: ’وڻ مان انب پٽيا ويا‘ يا ’صوف وڻ مان پٽيو ويو‘ ۾ ’وڻ مان‘ مفعول ڪونهي. اصل ۾ ’وڻ‘ ته اسم آهي ليڪن جڏهن اهڙن لفظن سان حرف جر جو استعمال ٿئي ٿو ته ’ظرف‘ ۾ شامل سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي نموني اسمن سان اهڙن حرف جرن جو استعمال جيڪو ظرف/ هنڌ جي مراد ڏيکاري ته ان کي مفعول ۾ نه ڄاتو ويندو.
    اهڙي نموني ’احمد اسڪولِ وڃي ٿو/ احمد اسڪولَ ڏانـﮬـن وڃي ٿو‘ يا ’لڑکے اسکول آئے‘ جـﮬـڙن جملن ۾ ’اسڪولِ‘ (اسڪولَ ڏانـﮬـن حرف جر سببان) مفعول ناهي بلڪ ’ظرف مڪان‘ واري حيثيت ۾ آهي. سنڌيءَ ۾ جن اسمن سان حرف جر (۾، تي، وٽ، وٽان، کان، سان، بابت وغيره) ۽ ظرف مڪان (مٿان، هيٺان، ٻاهر، اندر وغيره) ڪم ايندو آهي، ان جي حيثيت مفعول واري نه هوندي آهي، بلڪ فعل جو وڌاءُ سمجهيو ويندو آهي.
    بدقسمتيءَ سان ساهتي پرڳڻي جي چند پرائيويٽ اسڪولن (شـﮬـرن جا نالا لکڻ درست ڪونهي) جي ٻارن جِي ڪاپين ۾ ’احمد/ انور اسڪولِ وڃي ٿو‘ جـﮬـڙن جملن کي فعل متعديءَ ۾ ڄاڻايل نوٽ ڪيو ويو.

    (ب) ’فعل لازمي مجـﮬـول‘ کي فعل اڪرترڪ يا ’بيفاعلو فعل‘ڪوٺيو وڃي ٿو؛ ان سببان فعل لازميءَ جو صرف هڪ ئي قسم آهي.
    چند عالمن/ استادن جي پيش ڪيل فعل لازميءَ مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته ’فعل لازمي‘ جو صرف هڪ ئي قسم آهي، هن ۾ معروف يا مجـﮬـول نه ٿو ٿي سگهي. جنـﮬـن فعل لازميءَ ۾ فاعل ڄاڻايل ڪونهي ان کي ’فعل اڪرترڪ‘ ڪوٺيو ويو آهي.
    جن عالمن/ استادن فعل لازميءَ جا ’معروف يا مجـﮬـول‘ جا اشارا ته ڏنا آهن، ليڪن ان جا قسم نه ڄاڻايا آهن تن ۾ هي نالا ڳڻي سگهجن ٿا: ڀيرومل آڏواڻي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محبوب علي جوکيو، نور محمد کوسو، مسڪين راشدي ۽ دادا سنڌي.
    جن عالمن/ استادن فعل لازميءَ جا ’معروف ۽ مجـﮬـول‘ وارا قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾ هي نالا اچن ٿا: مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ابڙو عبدالرحيم ارشد.
    دادا سنڌي فعل لازميءَ جي قسمن لاءِ لکي ٿو ته: ”فعل اڪرترڪ: اهڙا فعل جن ۾ فاعل ۽ مفعول جو ڪم صاف ڏيکاريل نه هجي. هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي گم هوندا آهن.“ (دادا، 2010: 56)
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي فعل لازميءَ جي قسمن بابت اشارو ڏيندي لکي ٿو ته: ”’احمد آيو‘ جملي ۾ فعل لازميءَ جو فاعل صاف ظاهر بيٺو آهي، تنـﮬـنڪري هن فعل لازميءَ کي ’فعل لازمي معروف‘ چئبو. پر ڪن جملن ۾ فاعل هوندو ئي نه آهي، جـﮬـڙوڪ: ’ٿڪبو آهي‘، ’پڙﮭـبو آهي‘، ’گهمبو آهي‘ وغيره. هتي ’آهي‘ فعل لازمي آهي، پر ان جو فاعل ڏيکاريل ڪونهي، انهيءَ ڪري هن فعل کي ’فعل لازمي مجـﮬـول‘ چيو ويندو.“ (ميمڻ، 1987: 6-7)
    ابڙو عبدالرحيم ارشد فعل لازميءَ جي قسمن بابت لکي ٿو: ”اهڙو فعل جنـﮬـن جو ڪم ڪندڙ يعني فاعل پڌرو هجي ته ان کي فعل لازمي معروف چئجي. اهڙو فعل جنـﮬـن جي فاعل جي خبر نه پوي ته ڪير آهي ته ان فعل کي فعل لازمي مجـﮬـول چئجي.
    نوٽ: فعل لازمي مجـﮬـول کي فعل ’اڪرترڪ‘ يعني ’بي- فاعلو‘ فعل پڻ چئبو آهي.“ (ابڙو، 1986: 133- 14)
    مختصر حوالن مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته فعل لازميءَ جا ٻه نمونا ٿي سگهن ٿا، هڪ: معروف، ٻيو: مجـﮬـول. جنـﮬـن صورت ۾ مجـﮬـول کي ’فعل اڪرترڪ‘ ڪوٺجي ٿو ته باقي معروف ئي رهيو، جنـﮬـن کي فعل لازمي سادو به چئي سگهجي ٿو. ان صورت ۾ راءِ اها ئي جڙي ٿي ته ’فعل لازمي‘ ۽ ’فعل اڪرترڪ‘ ئي طالب علمن کي پڙﮩـايو وڃي. هن صورت ۾ ’معروف ۽ مجـﮬـول‘ بجاءِ صرف ’فعل لازمي‘ ئي پڙﮩـائڻ گهرجي ۽ آخر ۾ ’فعل اڪرترڪ‘ جو دائرو ٻڌايو وڃي.

    (ج) ڪنـﮬـن جملي ۾ ’فاعل‘ جو واضح نه هجڻ به ’هجڻ جو دليل‘ آهي.
    عام طور جنـﮬـن فعل ۾، فاعل واضح نه ٿو رهي ان لاءِ لفظ مجـﮬـول جو اطلاق ٿيندو آيو آهي؛ جيئن: فعل لازمي مجـﮬـول ۽ فعل متعدي مجـﮬـول. اتي هڪ سوال اڀري ٿو ته:
    جنـﮬـن صورت ۾ فاعل واضح ناهي ته پوءِ فاعل جي هجڻ جو تصور ڇو ٿو ڪيو وڃي؟

    حقيقت ۾ ان جو جواب جملي جي پورائي ڏانـﮬـن ٿو وڃي، جيڪا ڳالهه ’فعل جي صيغي بابت‘ پروفيسر ڀيرومل ڪئي آهي. ساڳيو معاملو دادا سنڌيءَ جي جملن جو رهي ٿو، جنـﮬـن ۾ جملن جو پورائو نه ٿو رهي ۽ ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن اسم جو تصور سامهون اچي ٿو. جنـﮬـن صورت ۾ امڪاني مفعول (فعل متعدي مجـﮬـول ۾ فاعل جي واضح نه هجڻ جيان )واضح نه ٿو رهي، ان حالت ۾ مفعول جي هجڻ جو تصور سامهون ضرور اچي ٿو.

    (د) لفظ مجـﮬـول جو اطلاق صرف ’فاعل جي واضح نه هجڻ‘ سان ٿئي ٿو؛ ’مفعول جي غير موجودگيءَ‘ سان نه ٿو ٿئي.
    هن نڪتي ۾ اهم سوال اهو ٿو اڀري ته:
    جڏهن لازمي يا متعديءَ سان لفظ ’مجـﮬـول‘ ٿو ڪم آڻجي ته ان جو اطلاق صرف فاعل سان ٿيندو يا مجـﮬـول سان به ٿي سگهي ٿو؟
    عالمن جي ڄاڻايل وصفن جي اڀياس مان هيٺين ريت نڪتا ملن ٿا:
    جن عالمن فعل لازمي مجـﮬـول جي وضاحت ڪئي به آهي، ان ۾ فاعل ڄاڻايل ناهي.
    جن عالمن فعل متعدي مجـﮬـول جي وضاحت ڪئي آهي، ان ۾ به فاعل ڄاڻايل ناهي.
    مٿين ٻن نڪتن مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته: لفظ ’مجـﮬـول‘ جو اطلاق ’مفعول‘ تي نه پر ’فاعل‘ تي ٿئي ٿو. ان صورت ۾، اڀياس آهر اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته جنـﮬـن جملي ۾ ’مفعول‘ پڌرو نه ٿو ٿئي ان کي ’فعل متعدي مجـﮬـول‘ ۾ هجڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. البته فعل لازميءَ ۾ شامل ڪرڻ تي به اختلاف سامهون اچن ٿا.

    (ه) فعل متعدي مجــﮬــول، انگريزيءَ جي Passive voice سان مماثل آهي.
    گهڻي قدر عالمن جي ڄاڻايل وصف ۾، فعل متعدي مجـﮬـول کي انگريزيءَ جي Passive voicee سان مماثل ڏيکاريو ويو آهي؛ ان جي اهم سببن ۾ مفعول جو فاعل جي جڳـﮬـه تي اچڻ آهي، جيئن Passive voice جي جملي ۾ مفعول، فاعل جي جڳـﮬـه تي ايندو آهي.
    سنڌي وياڪرڻ ۾ اصطلاح (Termm) فعل متعديءَ سان مجـﮬـول جو ڳنڍ ان صورت ۾ ڪيو ويندو آهي، جنـﮬـن صورت ۾ فاعل بلڪل اڻ- ڄاتل هجي؛ ليڪن انگريزيءَ جي Passive voice واري جملي ۾ اهو لازمي ناهي ته فاعل اڻ- ڄاتل هجي! Passive voice جي جملي ۾ گهڻي قدر فاعل ڄاڻايو ويندو آهي. عام طور Passive voice کي فعل متعدي مجـﮬـول جو نعم البدل ڪوٺيو ويو آهي؛ اهڙي حالت ۾ هڪڙو سوال سامهون اچي ٿو:

    Passive voice ۾ فاعل ڄاڻايل نه هجي ته ان کي فعل متعدي مجـﮬـول چئجي، جيئن: Makkah was conquered؛ پر جيڪڏهن Passive voice جي جملي ۾ فاعل (مفعولي حالت ۾) ڄاڻايل هجي ته ڇا ان کي فعل متعدي معروف چئجي، جيئن: Makkah was conquered by Muslims?

    هڪ خاصيت (فاعل جي جڳـﮬـه تي مفعول اچڻ) جي بنياد تي فعل متعدي مجـﮬـول ۽ Passive voice کي نعم البدل نه ٿو چئي سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته هر ٻوليءَ جو مزاج پنـﮬـنجو آهي.

    (و) فعل لازمي يا متعديءَ جو فرق ڳالهائجندڙ ٻولي ۽ لکجندڙ ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٿي سگھي ٿو.
    هڪ دوست جي اڳيان جڏهن اهو سوال رکيم ته ’اشفاق ڳائي ٿو‘- ’فـﮬـميده ڌوئي ٿي‘- ’اياز کائي ٿو‘ فعل لازمي آهي يا متعدي؟ ته ان اُمالڪ اهو سوال ڪيو ته اهي جملا ڏِٺ جا آهن يا لکت جا؟
    مون کيس لکت جو حوالو ڄاڻايو ۽ پوءِ پاڻ ان جي وضاحت ۾ ائين ئي ٻڌايائين ته ”جڏهن ڏٺ جي بنياد تي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ اها ڳالهه ڪجي ٿي ته ’فـﮬـميده ڌوئي ٿي‘ ته ’مفعول‘ جي هجڻ جو تصور سامهون موجود آهي، جنـﮬـن لاءِ چوَڻ يا نه چوَڻ ڪا معنى نه ٿو رکي؛ ان جڳـﮬـه تي مفعول سمجهيل (understood) آهي؛ ان صورت ۾ ان کي فعل متعديءَ ۾ شامل سمجهيو ويندو.“
    پنـﮬـنجي جڳـﮬـه تي ان دوست جو اشارو وزنائتو ضرور آهي، ليڪن وياڪرڻي معاملن ۾، ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۽ لکت واري ٻوليءَ جي بنياد تي اهڙا سنڌا نه ٿا رکي سگهجن.

    (ز) لازمي ۽ متعدي لفظن جي ڄاڻايل معنائن ۾ فرق سامهون اچي ٿو.
    عالمن جي ڄاڻايل معنائن ۾ اختلاف سامهون اچي ٿو، جنـﮬـن جو احوال هن ريت آهي:
    پروفيسر ڀيرومل آڏواڻي: ’لازمي‘ جي معنى لڳل يا چنبڙيل، ’متعدي‘ جي معنى ٻئي تائين لنگهي ويندڙ
    مرزا قليچ بيگ: ’لازمي‘ جي معنى لزوم ٿيل يعني لڳل يا چنبڙيل ، ’متعدي‘ جي معنى نه ڄاڻائي اٿائين.
    ابڙو عبدالرحيم ارشد: ’لازمي‘ جي معنى نه ڄاڻائي اٿائين، ’متعدي‘ جي معنى اڳتي وڌندڙ.
    استاد نور محمد کوسو: ’لازمي‘ جي معنى چـﮬـٽيل رهندڙ، ڪڏهن به جدا نه ٿيندڙ، گڏ رهڻ وارو، ’متعدي‘ جي معنى نه ڄاڻائي اٿائين.
    داد سنڌي: ’لازمي‘ جي معنى ٺـﮬـرايل حد تي قائم رهڻ، ’متعدي‘ جي معنى لنگهي ٻئي تائين ويندڙ.
    مسڪين راشدي: ’لازمي‘ جي معنى نه ڄاڻائي اٿائين، ’متعدي‘ جي معنى وچڙندڙ.
    محمد عيسى چنه: ’لازمي‘ جي معنى ضروري ، ’متعدي‘ جي معنى نه ڄاڻائي اٿائين.

    چڱيان اڀياس ڪرڻ بعد اهو ظاهر ٿئي ٿو ته معنائن جا لفظ هيٺ مٿي ضرور آهن، ليڪن بنيادي طور تي معنائن ۾ ڪو اختلاف ظاهر نه ٿو ٿئي.

    حاصل مطلب (نڪتن ۾)
    (1) وياڪرڻ جو علم رياضيءَ وانگر حقيقت تي مبني هوندو آهي، جنـﮬـن جي وصف ۾ ڪا لچڪ نه هجڻ گهرجي.
    (2) ڪنـﮬـن جملي مان ’فاعل‘ ڄاڻڻ لاءِ فعل کان ’ڪير/ ڪنـﮬـن‘ جو سوال ڪبو آهي ۽ ’مفعول‘ ڄاڻڻ لاءِ ’ڇا‘ جو سوال ڪيو ويندو آهي؛ اڻ- سڌي مفعول ڄاڻڻ لاءِ ’ڪنـﮬـن کي‘ جو سوال ڪري سگهجي ٿو.
    (3) ڪي فعل ساڳي حالت ۾ لازمي توڻي متعديءَ ۾ ڪم اچي سگهن ٿا، ان جو سڄو دارومدار فعل جي صيغي (Mood) تي آهي.
    (4) ڪنـﮬـن جملي ۾، فعل سان لاڳاپيل ’مفعول‘ ٻه به ٿي سگهن ٿا، هڪ: سڌو، جيئن: سرواڻ خط لکي ٿو؛ ٻيو: اڻ- سڌو، جيئن: استاد اسان کي (اڻ- سڌو) سنڌي (سڌو) سيکاري ٿو.
    (5) سنڌيءَ ۾ جن اسمن سان حرف جر (۾، تي، وٽ، وٽان، کان، سان، بابت وغيره) ۽ ظرف مڪان (مٿان، هيٺان، ٻاهر، اندر وغيره) ڪم ايندو آهي، ان جي حيثيت مفعول واري نه هوندي آهي، بلڪ فعل جو وڌاءُ سمجهيو ويندو آهي. جيئن: سرواڻ اسڪولَ ڏانـﮬـن وڃي ٿو/ سرواڻ اسڪولِ وڃي ٿو.
    (6) چند عالمن/ استادن جي پيش ڪيل فعل لازميءَ مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته ’فعل لازمي‘ جو صرف هڪ ئي قسم آهي، هن ۾ معروف يا مجـﮬـول نه ٿو ٿي سگهي. جنـﮬـن فعل لازميءَ ۾ فاعل ڄاڻايل ڪونهي ان کي ’فعل اڪرترڪ‘ ڪوٺيو ويو آهي.
    (7) ڪنـﮬـن جملي ۾ ’فاعل‘ جو واضح نه هجڻ به ’هجڻ جو دليل‘ آهي، ائين ئي ڪنـﮬـن مفعول جو واضح نه هجڻ پڻ ’هجڻ جو دليل‘ آهي. اهڙي تصور جاچڻ جو سڄو مدار فعل جي صيغي (Mood) تي رهي ٿو.
    (8) لفظ ’مجـﮬـول‘ جو اطلاق صرف ’فاعل جي واضح نه هجڻ‘ سان ڪيو وڃي ٿو، ’مفعول جي غير موجودگيءَ سان نه ٿو ڪيو وڃي.
    (9) اڪثر عالمن/ استادن فعل لازميءَ جي مثالن ۾ اهڙن فعلن کي ڪم آندو آهي، جن سان مفعول جي هجڻ جو امڪان ئي نه هجي؛ البته دادا سنڌيءَ اهڙا مثال ڏنا آهن، جن ۾ اختلاف سامهون آيو آهي، جيئن: اشفاق ڳائي ٿو. هن جملي ۾ امڪاني مفعول موجود آهي.
    (10) هڪ جهوني استاد هڪ لفظي- جملي: ’کاڌم‘ ۾ ٽنهي جزن: ’فعل، فاعل ۽ مفعول‘ جي هجڻ جي راءِ رکي آهي.
    (11) فعل متعدي مجـﮬـول ۽ Passive voicee ۾ صرف هڪ خاصيت يڪسان آهي؛ جنـﮬـن صورت ۾ مجـﮬـول جو اطلاق ’فاعل جي نه هجڻ‘ سان ٿئي ٿو، ان صورت ۾ Passive voice کي فعل متعدي مجـﮬـول جو نعم البدل نه ٿو چئي سگهجي.
    (12) انگريزيءَ ۾ فعل لازميءَ جا اهڙا مثال به ملن ٿا جيڪي سنڌيءَ وياڪرڻ پٽاندر فعل متعدي مجـﮬـول ۾ شامل سمجهيا ويندا آهن.
    (13) محترم عبدالـﮬـادي سرهئي ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ڄاڻائڻ موجب اهڙو فعل جيڪو مفعول جي ’گهر‘ ڪري/ ضرورت ڏيکاري ته ان فعل کي متعدي چئبو. ڏٺو وڃي ته دادا سنڌيءَ جا فعل لازميءَ ۾ ڄاڻايل فعل، مفعول جي گهر ته ڪن ٿا!
    (14) ’فـﮬـميده ڌوئي ٿي‘ جـﮬـڙن جملن ۾ جيڪڏهن ڏٺ جي بنياد تي ڏسبو ته ’مفعول‘ ان ۾ سمجهيل (under stood) آهي، ان صورت ۾ اهڙن جملن جي فعلن کي فعل متعديءَ ۾ شامل سمجهبو.
    (15) لفظ لازمي معنى ’گڏ هوندڙ‘ ۽ لفظ متعدّيءَ جي معنى ’وڌيڪ هوندڙ‘.

    نتيجو:
    دادا سنڌيءَ فعل لازميءَ ۾ اهڙا فعل (ڳائي ٿو، ڌوئي ٿي، کائي ٿو) ڪم آندا آهن جن سان امڪاني مفعول هجڻ ثابت ٿئي ٿو؛ ان معاملي (Dilemma) تحت عالمن/ استادن پاران فعل لازمي ۽ متعدي هجڻ وارا ٻئي خيال اچن ٿا؛ اڪثريت کڻي ’فعل متعديءَ‘ لاءِ اچي ٿي، ليڪن علمي لحاظ کان اڪثريت کي اهميت ڪانهي.
    ’اشفاق ڳائي ٿو - فـﮬـميده ڌوئي ٿي- اياز لکي ٿو‘ جـﮬـڙن جملن ۾ البته، فعل جي صيغي (Moodd)تي ڀاڙيو ويندو آهي، اهڙي ڳالهه ڀروفيسر ڀيرومل صاحب جي حوالي ۾ به ملي ٿي ته: ”ڇوڪرو کائي ٿو. هتي ’ڇوڪرو‘ فاعل آهي ۽ ’کائي ٿو‘ فعل آهي پر جملي مان اها خبر ڪانه ٿي پئي ته ڇوڪرو ڇا ٿو کائي. جيڪڏهن چئبو ته ’ڇوڪرو‘ ماني کائي ٿو‘ ته پوءِ مطلب پورو نڪرندو ۽ چئبو ته ’کائي ٿو‘ فعل متعدي آهي.“ (ص: 92) ڀيرومل صاحب جي ڄاڻايل فعل معتديءَ جي وضاحت ۾ مفعول کان سواءِ، جملو ته ملي ٿو، ليڪن ان ۾ به اها وضاحت ڪانهي ته اهو جملو ڪو فعل لازميءَ جو ٿيندو!
    مرزا قليچ بيگ صاحب به ان معاملي تي اشاري ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”ڪن جملن ۾ مفعول ڳجهو رهي ٿو. مثلاً ڇوڪر پڙﮭـي ٿو. هتي ’ڪتاب‘ يا ’خط‘ وغيره لفظ مفعول آهي جو ڳجهو رهيو آهي.“ (ص: 33)
    فعل جي صيغي (Moodd) جي بنياد تي ان چوَڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي ته دادا سنڌيءَ جا ڄاڻايل مثال اڌوري ڳالهه منتقل ڪن ٿا؛ ان کان سواءِ عام طور تي اهڙا فعل ڪنـﮬـن به عالم يا استاد فعل لازميءَ ۾ ڪونه ڄاڻايا آهن، ان بنياد تي دادا سنڌيءَ جا ڄاڻايل فعل لازميءَ جا مثال رد ٿي ٿا وڃن.
    جنـﮬـن صورت ۾ اهڙا فعل جنـﮬـن ۾ امڪاني مفعول جو هجڻ ثابت ٿئي ٿو ته ان کي ’فعل متعدي مجـﮬـول‘ به نه ٿو چئي سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته لفظ ’مجـﮬـول‘ جو اطلاق ’فاعل جي نه هجڻ‘ سان لاڳو ٿئي ٿو. فاعل جو واضح نه هجڻ به ’هجڻ جو دليل‘ آهي. جيئن ته هر ٻوليءَ جو مزاج پنـﮬـنجو پنـﮬـنجو آهي، ان صورت ۾ اهو خيال به جڙي ٿو ته اهڙي قسم جي فعلن کي، جنـﮬـن ۾ امڪاني مفعول جو هجڻ ثابت ٿئي ته اهڙي فعل متعديءَ لاءِ ڪو نؤن نالو تجويز ڪيو وڃي؛ جـﮬـڙوڪ: فعل متعدي اِمڪاني/ مُمڪِن. ٻي صورت ۾ اهو معاملو عالمن جي درٻار ۾ رکجي ٿو ته ان کي ’فعل لازمي‘ جي هجڻ لاءِ ڪي مضبوط ويچار رکن ته جيئن سامهون ايندڙ اختلافي لچڪ کي ميساري سگهجي. منـﮬـنجي ذاتي راءِ موجب دادا سنڌيءَ جا ڄاڻايل جملا اڌورو خيال منتقل ڪن ٿا، جنـﮬـن سبب انهن ۾ مفعول جي گهر ٿئي ٿي، ان لاءِ اهڙن مثالن تي ٻيـﮬـر سوچڻ ۽ درستگيءَ جي راءِ رکجي ٿي.
    *******************

    حوالا/ ذريعا
    آڏواڻي، ڀيرومل (1985) وڏو سنڌي وياڪرڻ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    ابڙو، عبدالرحيم، ارشد (1986) رفيق گرامر- انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا.
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    جوکيو، محبوب علي (1979) مـﮬـراڻ سنڌي گرامر- سنڌي ساهت گهر محراب پور.
    چنو، محمد عيسى (2011) آسان سنڌي گرامر، ڀاڱو پـﮬـريون- ٽنڊو آدم.
    راشدي، مسڪين (2007) سوجهرو- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    سرهيو، عبدالـﮬـادي (19766) علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو.
    سنڌي، دادا (2010) سنڌيڪا سنڌي گرامر- سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
    سومرو، غلام محمد (1997) سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا- سڪرنڊ.
    عبدالسلام ڈاکٹر ، کاسگنجوی عبدالحق ڈاکٹر ۔ مؤلفین (۲۰۱۱۱) گلزارِ اردو ، بارہویں جماعت کے لیے۔ سندھ ٹیکسٹ بک بورڈ جامشورو.
    کوسو، نور محمد (2005) سنڌي گرامر- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    ميمڻ، ايڇ. آر (1968) سنڌي گرامر ۽ مضمون نويسي- آر. ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد.
    ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر (1987) سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن- عجائب اسٽورز سکر.
    Wren, P.C and Martin H (2006) English Grammar and Composition- S. Chand & Company Ltd, New Delhi.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو