سنڌي وياڪرڻ : ’اسم‘ (Noun) جو مختصر تقابلي جائزو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ويا ڪرڻ
    ’اسم‘ (Noun) جو مختصر تقابلي جائزو


    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    سنڌي ٻوليءَ توڻي ٻين ٻولين ۾ وياڪرڻ/ گرامر جي لحاظ کان بنيادي طور تي اٺ لفظ ئي شمار ڪيا ويندا آهن، جن ۾ اسم مڙني لفظن (Terms) ۾ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکندڙ آهي. اسم بنيادي حيثيت ان سببان به رکي ٿو جو ان ۾ ٽي ٻيا لفظ (Terms) ضمير، صفت ۽ فعل به سمائجن ٿا؛ ٻي صورت ۾ ستن ئي لفظن جو اسم سان لاڳاپو آهي- يعني اُنهن مڙني ۾ اسم بنيادي حيثيت رکي ٿو.
    لفظ ’اسم‘ تي تنقيدي يا تجزياتي ڪم ڪرڻ جي ان خيال کان به ضرورت آهي جو اسان جو عام طالب علم به ان جي وصف ۽ وضاحتن کان چڱيان واقف ناهي؛ اها شڪايت ائين به ڪري سگهجي ٿي ته اسان جو عام استاد- خاص طور تي پرائمري استاد- به اٺ لفظ ته ٺهيو، پر انهن مان بنيادي حيثيت رکندڙ ’اسم‘ کان به چڱيان واقف ناهي. ان جا سبب هيٺيان ٿي سگهن ٿا:
    (الف) هڪ ته ’ٽيڪسٽ بڪ بورڊ‘، ’نصابي ڪميٽي‘ يا ڪنهن ’با اختيار اداري‘ پاران ڪوبه گرامر جو ڪتاب باضابطه طور تي اسڪولن لاءِ مقرر ڪونهي؛
    (ب) اسان جو استاد اڪثر گاسليٽي/ بازاري گائيڊن تان استفادو حاصل ڪري ٿو، جن جو ڪوبه معيار نه هوندو آهي؛
    (ج) انهن گائيڊن يا عام گرامري ڪتابن کي اسان جو استاد تنقيدي طور تي پڙهڻ/ جاچڻ جي تڪليف نه ٿو ڪري؛
    (د) پرائمري يا سيڪنڊري اسڪولن جا مقرر نگران پنهنجن فرضن کان اڻ واقف هوندا آهن يا لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندا آهن، انهن جي ذهن ۾ به صرف ڪمائيءَ جا ذريعا هوندا آهن؛
    (ه) استادن جا تربيتي ادارا سرڪاري طور تي بيڪار ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته استادن جي تربيتي ڪورسن لاءِ به هاڻي يونيورسٽين يا امتحاني بورڊن سان الحاق رکندڙ پرائيويٽ ادارن کي اهميت ڏياري وئي آهي، تن مان ٻنهي جو اهم ٽارگيٽ صرف ۽ صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ هوندو آهي؛ يا ٻاهرين ملڪن جي فنڊن تي جيڪا استادن جي تربيت ڪئي ويندي آهي، تَنهن جو مقصد به صرف ڏوڪڙن جي ٽٻڻي کپائڻ ۽ پنهنجن پيٽن کي ڀرڻ هوندو آهي؛ دنيا تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ امتحاني نظام کي سڌارڻ ۽ ان ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪري جڏهن ته اسان وٽ امتحاني بورڊن جو نظام ساڳيو پراڻو، جيڪو بنهه فرسوده ٿي چڪو آهي. انهن لاپرواهين ۽ بي حسيءَ مان اهو ئي اندازو ٿيندو آهي ته اسان جي استاد کي ’مجهول‘ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؛ نتيجةً ان جا نتيجا ڪجھ ڀوڳيون پيا ۽ ڪجھ اڃا ڀوڳڻا پوندا.

    اهي سور دل ۾ رکي سوچجي ٿو ته انهن سرڪاري ڇڙواڳين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي سِر ڪجھ ڪوششون ڪجن ته جيئن پنهنجي قوم جي ڀلي لاءِ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪو ڪم ڪجي! پنهنجي وس وت آهر انهن ننڍڙن لفظن تي ٻيهر نظر رکجي، وري ڏاهن جا ڪي ڪتاب ڳولهي انهن تي ويچار ڪجي ۽ پنهنجي ذهنن ۾ انهن لفظن جا ڪي دائرا ۽ وضاحتون متعين ڪجن. اهو خيال رکي هيٺ ’اسم‘ جو اڀياس ڪجي ٿو. لفظ ’اسم‘ بابت عام ڪتابن ۾ جيڪا وصف ڏنل هوندي آهي، ان ۾ به ڪافي مونجھارا هوندا آهن، هائر سڪنڊريءَ تائين شاگرد اسم کان چڱيان واقف نه رهندو آهي، جن کي اسم جي وصف ياد هوندي آهي سابه صرف رٽي جي بنياد تي، ايتريقدر جو وصف ۾ ڄاڻايل جزن جي به ڄاڻ نه رهندي اٿس؛ يا ائين کڻي چئجي ته تعليمي ۽ امتحاني نظام جي بيڪار هجڻ سبب کين انهن لفظن بابت ڄاڻڻ جي ضرورت ئي پيش ڪانه ايندي اٿن. اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکي مختلف ڪتابن مان وصفن يا وضاحتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪي رايا يا وضاحتون سامهون آڻڻ جي ڪوشش وٺبي.

    مرزا قليچ بيگ صاحب ’سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ مثال ڏيندي اسم جي وضاحت ڪندي ڄاڻائي ٿو ته:
    ”ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي ڪنهن ساهواري، مڪان (جاءِ)، شيءِ، ڪم، خاصيت يا حالت جي نالي کي ’اسم‘ چئبو آهي.“ (قليچ، 2006: 10)
    مرزا قليچ بيگ صاحب ان جا اهم ٽي قسم ڄاڻايا آهن: اسم خاص، اسم عام ۽ اسم ذات.(ص: 22)

    آنجـﻫـاني ڀيرومل آڏواڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ اسم جي جيڪا وصف ڄاڻائي سا هن ريت آهي:
    ”اسم معنى نالو. دنيا ۾ سڀڪنهن ماڻهوءَ، جاءِ، شيءِ ۽ ڪم وغيره تي نالا رکيل آهن؛ جيئن: اڪبر، محمد، ڪراچي، ڇوڪرو، گھوڙو، انب، ويڙه، ساوڪ ۽ ٻيا؛ انهن نالن کي چئبو آهي اسم! مطلب ته: ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان شيءِ يا ڪم يا خاصيت جي نالي کي ’اسم‘ چئجي ٿو.“ (ڀيرومل، 1985: 23)
    ڪاڪي ڀيرومل صاحب جي وصف ۾ ٻه انداز ملن ٿا:
    ’اسم معنى نالو. دنيا ۾ سڀڪنهن ماڻهوءَ، جاءِ، شيءِ ۽ ڪم وغيره تي نالا رکيل آهن.‘
    ’ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان شيءِ يا ڪم يا خاصيت جي نالي کي اسم چئجي ٿو.‘
    وصف جي پهرئين حصي مان لڳي ٿو ته ڀيرومل صاحب صرف خيال جوڙيو، جڏهن ته وصف جي ٻئين حصي جي وضاحت ۾ لفظ ’خاصيت‘ جو اضافو ڪيائين ۽ لفظ ’جاءِ‘ لکڻ وسري ويس.
    جيڪڏهن سندس ٻنهي خيالن کي ملائبو ته اسم جي وصف هيٺين ريت بيهندي:
    ’اسم معنى نالو. دنيا ۾ سڀڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان شيءِ يا جاءِ يا ڪم يا خاصيت کي اسم چئجي ٿو.‘
    ڀيرومل صاحب ورڇ بندي ڪندي اسم جا ٽي قسم ڏسيا آهن: اسم صفاتيءَ ۾: اسم خاص، اسم عام ۽ اسم ذاتيءَ ۾: اسم ذات. (ص: 25)
    ڪاڪي ڀيرومل جي وضاحت جو انداز انتهائي سادو ۽ سليس آهي، صفاتي ۽ ذاتي اسمن ۾ فرق بابت لکي ٿو ته: ”صفاتي ۽ ذاتي اسمن جي فرق سمجھڻ لاءِ ڪهڙو به اسم خاص يا عام وٺو، مثال لاءِ ’برف‘ وٺو جا ٿڌي، اڇي ۽ لسي ٿئي ٿي. جنهن شيءِ تي ’برف‘ نالو رکيل آهي تنهن کي جسم آهي تنهنڪري اها اکين سان ڏسي، هٿ ۾ کڻي ۽ ڄڀ سان چکي سگھجي ٿي پر برف جي ٿڌاڻ، اڇاڻ ۽ لساڻ يا لسائي ڪي اهڙيون شيون نه آهن جي برف کان ڌار ڪري هٿ ۾ کڻي يا ڄڀ سان چکي سگھجن. اهي رڳو خاصيتن جا نالا آهن ۽ انهن جو رڳو پنهنجي من يا دل ۾ ويچار ڪري چئبو ته برف ۾ هي هي خاصيتون آهن، تنهنڪري چئبو ته ’برف‘ نالو اسم عام آهي ۽ ٿڌاڻ، اڇاڻ ۽ لساڻ يا لسائي (جن کي جسم ڪونهي ۽ رڳو خاصيتن جا نالا آهن) اسم ذات آهن. مطلب ته:
    ’جيڪي صفاتي اسم (خاص ۽ عام) آهن تن کي جسم آهي تنهنڪري انهن جي ڄاڻ حواسن يا اندرين (ڪن، هٿ، اکيون، ڄڀ، ۽ نڪ) جي وسيلي پوي ٿي ۽ جيڪي ذاتي اسم آهن تن کي جسم ڪونهي تنهنڪري انهن جي ڄاڻ حواسن يا اندرين جي وسيلي نٿي پوي پر انهن جو رڳو پنهنجي من يا دل ۾ ويچار ڪري سگھجي ٿو.“ (ڀيرومل، 1985: 26)
    مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرومل جي وضاحتن جي ڀير مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته ڀيرومل صاحب وصف جوڙڻ مهل ضرور مرزا صاحب جي وياڪرڻ کي سامهون رکي ۽ پوءِ وصف جوڙي هوندي! البته مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي ڏنل وصف ۾ لفظ ’حالت‘ جو اضافو ڪيو؛ ٻيو اهو ته مرزا صاحب صرف اڳئين جوڙ کان سواءِ باقي ٻيا جزا ڌيان سان يعني الڳ الڳ رکيا آهن، جڏهن ته ڀيرومل صاحب ’يا‘ جو لفظ بار بار استعمال ڪيو آهي، مثال:
    مرزا قليچ صاحب: ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي ڪنهن ساهواري، مڪان (جاءِ)، شيءِ، ڪم، خاصيت يا حالت جي نالي کي ’اسم‘ چئبو آهي
    ڀيرومل صاحب: ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان شيءِ يا جاءِ يا ڪم يا خاصيت جي نالي کي ’اسم‘ چئجي ٿو. (ڀيرومل صاحب وصف ۾ ’حالت‘ جو لفظ ڪم ڪونه آندو اٿائين)

    اسم جي مختصر وصف ۽ ان جي قسمن بابت ابڙو عبدالرحيم پنهنجي ڪتاب ’رفيق گرامر‘ ڇاپي چوڏهين ۾ لکي ٿو ته: ”اسم معنى نالو؛ ڪنهن به نالي کي گرامر موجب اسم چئجي ٿو. مثال: ڪتاب، قلم، مڪتب، ايوب، انسانيت، تقوى، پرهيزگاري، مينهوڳي، موج، مهراڻ وغيره.“ (ابڙو، 1986: 7)
    ابڙي صاحب اسم جا جز ان جي قسمن ۾ واضح ڪيا آهن، هو هن ترتيب سان ڄاڻائي ٿو ته: ”اسم جا مکيه ٽي قسم آهن: اسم خاص، اسم عام، اسم ذات.
    اسم خاص: اهو نالو، جو ڪنهن به ماڻهو، ساهواري، جاءِ يا شيءِ لاءِ خاص مقرر ٿيل هجي ته ان کي اسم خاص چئجي. مثال: عائشه- عبدالقدوس- موتي مسجد- ڪوه نور- ڪشمير- سنڌوندي- قطب مينار وغيره.
    اسم عام: اهو نالو، جو هڪ قسم جي جملي جاندار توڙي بي جان شين لاءِ لاڳو يعني عام هجي، ته ان کي اسم عام چئجي. مثال: اٺ، گھوڙو، سائيڪل، ڇوڪر، تلوار، اسڪول، بينچ، ڪتاب، ڪلڪ وغيره.
    اسم ذات: ڪم، حالت، وقت ۽ خاصيت جي نالن کي اسم ذات چئجي ٿو. اسم ذات کي ڇهي يا هٿ لائي نه ٿو سگھجي، مگر سندس تصور ضرور ڪري سگھجي ٿو. مثال: سياڻپ- چريائي- البيلائي- قابليت- مسڪيني- ناز- ناچ- سکيا وغيره.“ (ابڙو، 1986: 7- 8)
    ابڙي صاحب اسم جي وصف بلڪل سادي ڏني آهي، ليڪن ان جي اهم جزن کي اسم جي قسمن ۾ واضح طور تي سمجھايا اٿائين؛ سندس وضاحتن مطابق اسم جي وصف هيئن بيهڻ کپي:
    اسم معنى نالو. اهو نالو جيڪو ساهواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت، وقت ۽ خاصيت لاءِ مقرر ٿيل هجي ان کي اسم چئجي.
    ابڙي صاحب جي ڄاڻايل اسم جي جزن ۾ ’وقت‘ جو جزو اضافي آهي، حالانڪ ’وقت‘ کي سڌو سنئون وياڪرڻ جي لفظ ’ظرف‘ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. مبادا سندس خيال موجب ’حالت‘ ۽ ’وقت‘ ساڳي معنى رکندا هجن!

    حافظ گل محمد ’گلڻ‘ صاحب پنهنجي فارسي گرامر جي ڪتاب ’پرشن گرامر‘ ۾ اسم جي وصف ڄاڻائي آهي ته: ”اسم: اسم معنى نالو:- جملي ۾ نالو هجي ڪنهن ماڻهوءَ، ساهواري، شيءِ، جاءِ- ڪم- حالت ۽ خاصيت جو.“ (حافظ، 1959: 2)
    حافظ صاحب جيڪا وصف ڏني آهي سا ساڳي عام استعمال واري آهي، البته سندس وصف ۾ ڪم آندل ’بيهڪ جي نشانين‘ مان خيال اهو اڀري ٿو ته حافظ صاحب وصف ۾ اسم جا ٻه گرره رکيا آهن؛ هڪڙا: ڪنهن به حس سان محسوس ٿيڻ جوڳا، ٻيا: صرف تصور ۾ آڻي سگھڻ جوڳا!
    حافظ صاحب جيڪي اسم جا قسم ٻڌايا آهن، سي عربي ۽ فارسي طرز تي هيٺين ريت آهن:
    1. اسم نڪره (اسم عام) 2. اسم معرفه (اسم خاص) 3. اسم جمع 44. اسم ماده 5. اسم مصدر 6. اسم ذات.
    اسم جي وصف مرحوم محبوب علي جوکئي پنهنجي ڪتاب ’مهراڻ سنڌي گرامر‘جي چوٿين ڇاپي ۾ هن ريت لکي آهي: ”اسم لفظ جي معنى آهي نالو. اسم اهو لفظ آهي جو نالو هجي ڪنهن ماڻهوءَ، ساهواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو.“
    جوکئي صاحب اسم جي وصف عام رواجي ڏسي آهي ۽ ان جا قسم به بنيادي ٻه: اسم ذاتي ۽ اسم صفاتي ڄاڻايا آهن، اسم عام ۽ خاص کي اسم صفاتي ۾ ڄاڻائيندي اسم جا ڪل ٽي قسم ٻڌايا آهن: اسم ذات، اسم عام، ۽ اسم خاص. (جوکيو، 1979: 5 ۽ 9)

    محترم واحد بخش شيخ صاحب پنهنجي جوڙيل ’سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحوَ‘ ۾ اسم جي وصف هن ريت لکي آهي:
    ”اسم جي معنى آهي نالو. ڪنهن به ماڻهوءَ، جانور، پکيءَ، جيت، ملڪ يا شهر، هنڌ يا مڪان، جنس، شيءِ ڌاتوءَ، ڪم، وقت، حالت، خاصيت، رشتي ۽ آواز جي نالي کي اسم چئبو آهي.“ (واحد، 1986: 48)
    اسم جي قسمن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي:
    وضع يا بناوت جي لحاظ کان اسم جا (33) قسم: جامد، مشتق ۽ مصدر. (واحد، 1986: 48)
    معنى جي لحاظ کان اسم جا (211) قسم: اسم معرفه يا خاص، اسم نڪره يا عام، اسم ذات، اسم جنس، اسم آله، اسم ظرف، اسم صوت، اسم عدد، اسم ڪيفيت، اسم منسوب، اسم ڪنايه، اسم تصغير، اسم تڪبير، اسم جمع، اسم مرڪب، اسم فعلي، اسم حاصل مصدر، اسم فاعل، اسم مفعول، اسم حاليه ۽ اسم استقبال. (واحد، 1986: 52 کان 142)
    محترم واحد بخش شيخ جو ڪم ڪافي نرالو ۽ نور نچوئيل آهي، ان سببان ان ڪيل ڪم جي پنهنجي هڪ جدا حيثيت آهي؛ ليڪن هت معاملو آسان ۽ تز وصف ۽ ان جي مختصر قسمن جو آهي، جيڪو بنياد کان پڙهايو ويندو آهي ۽ بعد ۾ انهن بنيادن تي مٿي/ اڳتي شاخون وڌايون وينديون آهن. ان حساب سان صاحب موصوف جو ڪم عام اڳيان سڦلو نه ٿو رهي سگھي! صاحب موصوف جو ڪم عربي صرف و نحوَ تي ٻڌل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ سان اڻ- ٺهڪندڙ ۽ بنيادي توڙي ثانوي پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ لاءِ ڪارگر ناهي. ان جي سببن مان اهم سبب اهو ئي ڄاڻائي سگھجي ٿو ته هر ٻوليءَ جو مزاج ۽ ان جو وياڪرڻي جڙاءُ پنهنجو پنهنجو ٿئي ٿو، جنهن لاءِ عربي صرف و نحوَ جي طرز جو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ لاءِ ڪارگر ناهي. البته هن بزرگ جي عربي طرز واري ڪم جي تعريف جيڪا ڪجي اها گھٽ آهي!
    محترم شيخ صاحب جيڪا اسم جي وصف ڄاڻائي آهي تَنهن جي جزن ۾ ڪافي وڌاءُ آهي، مثلاً:
    ساهواري ۾: ماڻهو، جانور، پکي، جيت.
    جاءِ ۾: ملڪ يا شهر، هنڌ يا مڪان. (ڪوبه هڪڙو لفظ جاءِ يا هنڌ يا مڪان ڄاڻائڻ کپندو هيس)
    شيءِ ۾: جنس، شيءِ، ڌاتو. (شيءِ ۾ هر جنس، نهري، پٽڙي يا گئس اچي وڃي ٿي)
    ڪم ۾: ڪم.
    حالت ۽ خاصيت ۾: حالت، خاصيت.
    اجايو وڌاءُ: وقت، رشتو ۽ آواز.
    صاحب موصوف اسم جي وضاحتن ۾ ڪنهن به جز جي ڪا کوٽ ڪانه ڪئي آهي، البته چند جزن جو فضول واڌاءُ به ڪيو ويو آهي؛ سندس وصف ۾ لفظ ’وقت‘ جو وڌاءُ ساڳيو ڪيل آهي جيڪو ابڙي عبدالرحيم پنهنجي وصف ۾ ڪيو آهي.
    شيخ صاحب ۽ ابڙي صاحب جن جي ڏنل اسم جي جزن ۾ ’وقت‘ جو وڌاءُ ڪنهن به عالم/ استاد نه ڏنو آهي. هت اهو مونجھارو ٿئي ٿو ته واقعي اسم جي جزن ۾ ’وقت‘ جو اضافو ڪري سگھجي ٿو يا نه! عام طور تي وقت جو شمار اسان وياڪرڻ جي لفظ ’ظرف‘ ۾ ڪندا آهيون. هت اهو نڪتو پنهنجي جڳهه تي تحقيق طلب آهي ته جيڪڏهن هن جزي کي شامل ڪجي ته ان جا ڪهڙا بنياد هجن، يا جيڪڏهن رد ڪجي ته پوءِ ڪهڙو اصول سامهون رکجي؟
    اسم جي وصف ۽ ان جي قسمن بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب لکي ٿو ته: ”اسم عربي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي: ’نالو‘. دنيا ۾ سڀ ڪنهن ساهواريءَ يا بيجان شيءِ ۽ ڪمن تي نالا رکيل آهن، جهڙوڪ: ماڻهو، ڇوڪر، نجم الدين، گھر، ميز، گرمي، ساوڪ وغيره. انهن نالن کي ’اسم‘ چئبو آهي. مطلب ٿيو:
    ’ڪنهن ساه واري يا بيجان شيءِ يا ڪم يا جاءِ يا خاصيت جي نالي کي اسم چئجي ٿو.‘ (ميمڻ، 1987: 1)
    ڊاڪٽر سنڌي صاحب به ٿلهي ليکي اسم جا ٻه قسم: اسم ذاتي ۽ اسم صفاتي ڄاڻايا آهن؛ صفاتي ۽ ذاتيءَ جي قسمن کي ملائيندي اسم جا ٽي قسم هن ترتيب سان ٻڌايا آهن: (1) اسم ذات (2) اسم خاص (3) اسم عام.

    تازو هڪ گرامر سرڪاري طور تي اسڪولن ڏانهن موڪلي وئي آهي، جيڪا منظور علي پٺاڻ صاحب لکي آهي، ڀلو ٿئي گنج بخش ڪتاب گھر حيدرآباد جو، جن ڪتاب تي ڪوبه سن نه ڄاڻايو آهي، ان ۾ وصف جو انداز/ ڀير اهو ساڳيو آهي جيڪو ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ڄاڻايو آهي. هيٺ ٻئي وصفون تقابل لاءِ رکجن ٿيون:
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي : اسم عربي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي: ’نالو‘. دنيا ۾ سڀ ڪنهن ساهواريءَ يا بيجان شيءِ ۽ ڪمن تي نالا رکيل آهن، جهڙوڪ: ماڻهو، ڇوڪر، نجم الدين، گھر، ميز، گرمي، ساوڪ وغيره. انهن نالن کي ’اسم‘ چئبو آهي. مطلب ٿيو:
    ’ڪنهن ساه واري يا بيجان شيءِ يا ڪم يا جاءِ يا خاصيت جي نالي کي اسم چئجي ٿو.‘
    منظور علي پٺاڻ: اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’نالو‘. دنيا ۾ سڀ ڪنهن ساهواريءَ يا بيجان شيءِ ۽ ڪمن تي نالا رکيل آهن، جيئن: ڇوڪر، گھر، ڪتاب، ماڻهو، مسرور احمد، سردي، ساوڪ وغيره. انهن نالن کي اسم چئبو آهي. مطلب ٿيو:
    ’ڪنهن ساه واري، بيجان شيءِ، ڪم، حالت يا خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.‘

    ٻنهي جي وصفن مان اهو ئي خيال ٿئي ٿو ته مسٽر منظور علي صاحب ساڳئي ڀير سان هوبهو ساڳي وصف اتاري آهي جيڪا ميمڻ عبدالمجيد صاحب لکي آهي، فرق صرف بياني چند لفظن جو ڪيو اٿائين؛ ان کان علاوه ميمڻ صاحب جي ڄاڻايل جزن ۾ ’جاءِ‘ جي جڳهه تي ’حالت‘ جو جز ڪم آندو اٿائين. شايد سندس ذهن تي اهو ئي هجي ته اسم ۾ ’جاءِ‘ جو جز ڪم آڻڻ نه کپي!
    اهڙي قسم جون گاسليٽي گائيڊون ۽ ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڪافي عام آهن، سرڪار نامدار يا اختياري ادارن وٽ اهڙي عمل لاءِ ڪوبه ضابطو يا دائرو مقرر ڪونهي، جنهن ذريعي اهڙن ڪتابن جي ڪا چڪاس ٿئي!
    وري جڏهن ڪاڪي ڀيرومل۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڏنل وصف جو ڀير/ انداز ڏسجي ٿو ته ان جو حال به اهو ئي آهي جيڪو ميمڻ سنڌيءَ ۽ مسٽر منظور علي پٺاڻ جو آهي؛ هيٺ اهڙو تقابل وري ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر سنڌيءَ جو ڏجي ٿو:
    ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي: ”اسم معنى نالو. دنيا ۾ سڀڪنهن ماڻهوءَ، جاءِ، شيءِ ۽ ڪم وغيره تي نالا رکيل آهن؛ جيئن: اڪبر، محمد، ڪراچي، ڇوڪرو، گھوڙو، انب، ويڙه، ساوڪ ۽ ٻيا؛ انهن نالن کي چئبو آهي اسم! مطلب ته: ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان شيءِ يا ڪم يا خاصيت جي نالي کي ’اسم‘ چئجي ٿو. (آخري حصي ۾ لفظ ’جاءِ‘ لکڻ رهجي ويس، جڏهن ته اڳئين حصي ۾ ڄاڻايل اٿس)
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: اسم عربي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي: ’نالو‘. دنيا ۾ سڀ ڪنهن ساهواريءَ يا بيجان شيءِ ۽ ڪمن تي نالا رکيل آهن، جهڙوڪ: ماڻهو، ڇوڪر، نجم الدين، گھر، ميز، گرمي، ساوڪ وغيره. انهن نالن کي ’اسم‘ چئبو آهي. مطلب ٿيو:
    ’ڪنهن ساه واري يا بي جان شيءِ يا ڪم يا جاءِ يا خاصيت جي نالي کي اسم چئجي ٿو.‘

    ههڙي اُتارَ واري طريقه ڪار مان اهو اندازو ٿيندو آهي ته ليکڪ/ استاد ڪنهن لفظ جي وصف کي چڱيان نه سمجھي سگھيو آهي، جنهن سبب ڪنهن ٻئي جي لفظن ۽ اسلوب/ ڍنگ کي- چند بياني لفظن جي وڌائڻ يا گھٽائڻ سان- اتارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. حقيقت اها ئي آهي ته جيڪي نڪتا ڏاها ڄاڻائيندا آهن انهن تي غور و فڪر ڪري پنهنجن لفظن ۾ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري آسان لفظن ۾ بيان ڪبو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڏنل وصف مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر سنڌي صاحب هوبهو اتارَ کي ڍڪڻ لاءِ چند لفظ مٽائي ساڳيو ڀير رکيو آهي؛ جيڪڏهن اسم جو مطالعو ڪنهن ٻئي هنڌان ڪري ها ته اسم جي جز ’حالت‘ جو اضافو ڪري ڇڏي ها، جيڪو اسان پرائمريءَ کان وٺي پڙهندا پيا اچون!

    پروفيسر سيد محسن علي شاه صاحب ٻارهين ڪلاس لاءِ لکيل هڪ گائيڊ ۾ اسم جي وصف ۽ ان جي قسمن بابت هن ريت لکيو آهي: ”اسم اصل عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’نالو‘. ڪنهن به ماڻهوءَ ساهواري شيءِ يا بي ساه شيءِ يا ڪنهن ڪم يا خاصيت جي نالي کي ئي ’اسم‘ چئبو آهي.
    ’اسم‘ سڀ کان پهريائين ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايل آهن، هڪڙا ذاتي ٻيا صفاتي. ذاتي اسم جو اهو قسم آهي، جو ڪنهن شيءِ جي ذاتي يا باطني حالت، خاصيت يا ڪم ڏيکاري. اسم صفاتيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪ اسم خاص، ٻيو اسم عام.“ (محسن، 1995: 221)
    شاه صاحب جي ڏسيل اسم جي جزن ۾ ’حالت‘ جو ذڪر ڪونهي، جڏهن ته اسم جي قسمن ڄاڻائڻ ۾ حالت جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي انداز سان اهو خيال اڀري ٿو ته شاه صاحب وٽ اسم جي جزن ۾ ’حالت‘ جي جزي جي اهميت ڪونهي، جيڪڏهن اهميت هجي ها ته يقيناً وصف ۾ ڄاڻائي ها!
    سيد محسن علي شاه صاحب جي ڏسيل جزن ۾ ’ماڻهوءَ ساهواري شيءِ‘ هڪ گڏيل لفظ لکيل آهي، مبادا شاه صاحب اهو ئي خيال ڪيو هجي ته جڏهن ماڻهو ساهوارو آهي ته پوءِ ساهواري ۾ سڀ جسم شامل ڪجن! البته اسين عام طور شيءِ لفظ ’بي جان‘ جسم لاءِ ڪم آڻيندا آهيون، جڏهن ته شاه صاحب ڪنهن ماڻهوءَ کان علاوه ٻئي ڪنهن ساهواري لاءِ ’ساهواري شيءِ‘ ڪم آندي آهي. عام ٻوليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ساهواري لاءِ ’ساهواري شيءِ‘ جو استعمال ٿيندو آهي، ليڪن ڪتابي ٻوليءَ/ سنڌي صورتخطيءَ ۾ گھڻي قدر ’شيءِ‘ جو لفظ ’بي جان‘ جسم لاءِ ڪم آندو ويندو آهي.

    محترم غلام محمد سومري پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا‘ ۾ اسم جي وصف ۽ ان جا قسم ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:
    ” اسم (Nounn): اهو لفظ آهي جو ڪنهن به ماڻهوءَ، ساهواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو نالو هجي.
    جيئن ته: غلام محمد، مير محمد، ميز، ٿاڻو، غريبي، اميري وغيره.
    نوٽ: ماڻهو خود ساهوارو آهي تنهن ڪري اسم جي وصف ۾ ماڻهو ۽ ساهواري جي بجاءِ صرف ساهوارو لکڻ ئي ڪافي آهي.“ (سومرو، 1997: 84)
    اسم جي وضاحت ۾ غلام محمد صاحب جو نوٽ پنهنجي جڳهه تي اهم آهي ته: ’ماڻهو خود ساهوارو آهي‘ ان لاءِ اسم جي جزن ۾ ’ماڻهوءَ‘ کي لکڻ ضروري ناهي. ان وضاحت مان اهو لڳي ٿو ته سومري صاحب جيڪا وصف لکي آهي تنهن ۾ مجبوري اها اٿس ته عام گرامر/ وياڪرڻ جي ڪتابن ۾ ساهواري سان گڏ ماڻهوءَ جو الڳ سان ذڪر ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب سومري صاحب به رواج کي اهميت ڏيندي اهڙو انداز اپنايو آهي.
    محترم غلام محمد صاحب ’اسم جا قسم‘ ڄاڻائيندي ان جي حصن جو انگريزي وارو انداز رکيو آهي: ”اسم جا ٻه قسم آهن 1. اسم ذاتي 2. اسم صفاتي. اسم صفاتيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: اسم عام، اسم خاص، اسم جنس ۽ اسم جمع، وغيره.“ (سومرو، 1997: 85)
    سومري صاحب اسم صفاتيءَ جا جيڪي انگريزي انداز سان قسم ڄاڻايا آهن، تنهن ۾ به ’وغيره‘ جو لفظ ڪم آندو آهي. ’وغيره‘ جو لفظ ظاهر آهي ته ان لاءِ ڪم آڻبو آهي ته ان جا قسم اڃا به آهن، جڏهن ته هن بزرگ جيڪي قسم ترتيب سان ڄاڻايا آهن، تن جو وچور هن ريت آهي:
    ’1. اسم خاص (Proper noun)، 2. اسم عام((Common noun)، 3. اسم جنس(Material noun) ، 4. اسم جمع(Collective noun) ، 5. اسم ذات(Abstract noun) ، 6. اسم تصغير(Diminutive noun) ‘

    جناب نور محمد کوسي صاحب ’سنڌي گرامر‘۾اسم بابت هيٺين وصف رکي آهي:
    ”اسم = نالو. اهو نالو هجي ڪنهن ماڻهوءَ، ساهواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت يا خاصيت جو.“ (کوسو،2005: 20)
    اسم جي قسمن بابت مسٽر کوسو صاحب ٻڌائي ٿو ته: ”اسم جا مکيه ٻه قسم آهن: اسم ذاتي ۽ اسم صفاتي.
    اسم ذاتي جا ٻه قسم آهن: 1. اسم پاڪ ۽ 2. اسم ذات
    اسم صفاتي جا ٻه قسم آهن: 11. اسم خاص ۽ اسم عام.“ (کوسو، 2005: 21)
    جناب کوسي صاحب جي وضاحت ۾ هڪ ڳالهه نرالي اها آئي ته هن صاحب ’اسم ذاتيءَ‘ جا ٻه قسم ڏسيا آهن، 1، اسم پاڪ ۾ الله تعالى جو نالو ۽ سندس صفاتي نالن کي الڳ عنوان ڏنو اٿائين، جڏهن ته 2، اسم ذات ۾ ڪم، حالت ۽ خاصيت جا نالا شمار ڪيا اٿائين.
    اسم ذاتيءَ ۾ ٻه قسم ڏسڻ مان مراد اها ئي ڏَسي اٿائين ته: ”اصل ۾ صرف هڪ نالو ’الله‘ ذاتي نالو آهي ۽ رب پاڪ جا ٻيا نالا صفاتي آهن، پر جيئن ته سندن (اصل ۾ الله سائينءَ جي هيڪڙائيءَ سبب ’سندن‘ بدران ’سندس‘ لفظ آڻڻ کپندو هو) پاڪائي هرهڪ نالي ۾ موجود آهي، ان ڪري اهي سڀ پاڪ نالا آهن.“ (کوسو، 2005: 21)
    اسم ذاتيءَ جي ٻن قسمن بابت جناب کوسي صاحب جي وضاحت ايتري مضبوط ناهي، ڇاڪاڻ ته اسم ذات مان مراد ئي اها آهي ته اهڙو احساس جيڪو ڏسي، ٻڌي يا ڇهي نه سگھجي؛ جڏهن ته الله سائينءَ جو نالو يا سندس صفاتي نالا اسم ذات ۾ ئي شمار ٿين ٿا/ ڪيا وڃن ٿا. مبادا صاحب موصوف جي خيال ۾ لفظ ’ذاتي‘ مان مراد ’نجي يا personal هجي، يا اهو خيال ڪيو هجيس ته جڏهن اسم صفاتيءَ جا ٻه قسم آهن ته ان صورت ۾ اسم ذاتيءَ جا به ٻه قسم هجڻ کپن! اهڙو خيال سندس ذاتي سمجهڻ گھرجي، ڇو ته ان جي ورڇ جي ڪا گھرج پيش نه ٿي اچي؛ البته سندس خيال کي چڱو چئي سگھجي ٿو.
    اسم جي ورڇ جو جيڪو چارٽ ڏنو اٿائين، تنهن کي هيٺين ريت رکجي ٿو:
    اسم = نالو
    اسم ذاتي نه ڏسي سگھڻ وارا
    اسم ذات: حالت، خاصيت ۽ ڪم جا نالا جيڪي ڪم جي ترتيب سان واسطيدار هجن.
    اسم پاڪ: الله پاڪ جا نالا
    اسم صفاتي
    گڻ ۽ او گڻ ڏيکاريل اسم
    اسم خاص = خاص
    اسم عام = عام جو نالو
    اسم مجموعي: ميڙ جو نالو،
    اسم جنس: جنس جي قسمن جا نالا
    اسم تصغير: ننڍڙائي ڏيکاريندڙ اسم
    اسم مصدر: ڪمن جا نالا لکڻ، پڙهڻ

    عام طور استادن جي خيال ۾ هوندو آهي ته ڪنهن ڪم جو نالو ’اسم‘ آهي، مثلاً: ’پڙهڻ‘ ڪم جو نالو آهي. جيڪڏهن اهو خيال رکبو ته لفظ ’سهڻو‘ به هڪ ’صفت‘ جو نالو آهي، ته ڇا ان کي به ‘اسم‘ چئبو؟ اهي اهڙا جواب مون به ڪافي استادن کان حاصل ڪيا آهن. سوال آهي ته جيڪڏهن ’پڙهڻ‘ کي اسم چئجي ته پوءِ ’پڙهڻ‘ کي ’فعل‘ ۽ ’مصدر‘ ۾ الڳ سان ڇو پڙهائيندا آهيون؟ اصل ۾ اسم ڄاڻڻ لاءِ جملي ۾ لفظن جي نوعيت کي سمجھبو ۽ سمجھائبو آهي؛ ٻي صورت ۾ بنيادي طالب علم لاءِ مونجھارو ٿئي ٿو!
    سڌي سنئين ڳالهه آهي هڪ ته: جنهن فعل يا ڪم کي نالو ڏيندا آهيون، جيڪو نه ته فعل هجي ۽ نه وري مصدر جي حيثيت رکي ان فعل يا ڪم کي اسم چئجي؛ ٻيو ته: لفظ مصدري صورت ۾ به اسم طور ڪم آڻبو آهي! ان ڳالهه جو پتو جملي جي نوعيت مان پوندو، ان لاءِ اسم جي جزن پڙهائڻ لاءِ بهتر طريقو اهو آهي ته پهريائين مستعمل جملا پڙهائجن پوءِ ان کي سمجھڻ بعد اسم جي حيثيت سمجھائجي. ان سان بنيادي طالب علم ڪنهن لفظ جي دائري کي چڱيان سمجھي سگھي ٿو.
    سومري صاحب ۽ کوسي صاحب جي اسم جا قسم ڄاڻائڻ جو انداز انگريزي آهي، تن جي انداز ۾ به ٿورو فرق آهي؛ هت هيٺ ٻنهي جي نمونن جو تقابل ڏجي ٿو:
    سومرو صاحب: ’1. اسم خاص، 2. اسم عام، 3. اسم جنس 44. اسم جمع، 5. اسم ذات، 6. اسم تصغير.‘
    کوسو صاحب: ’1. اسم خاص، 2. اسم عام، 3. اسم جنس 44. اسم جمع، 5. اسم ذات، 6. اسم پاڪ، 7. اسم تصغير، 7. اسم مصدر‘.
    کوسي صاحب جي ڄاڻايل اسم جي جزن ۾ سومري صاحب جي نسبت ’اسم پاڪ‘ ۽ ’اسم مصدر‘ اضافي ڏنل آهي. کوسي صاحب جي ڏنل اسم ذاتي جي جزن ۾ ’اسم پاڪ‘ جو جزو اهڙو آهي جيڪو ڪنهن به عالم يا استاد ڪم نه آندو آهي.
    مٿئين سڄي اڀياس مان هڪ ڳالهه اها نروار ٿي ته اسم جي جزن يا قسمن ڄاڻائڻ لاءِ عالمن يا استادن ٽي نمونا رکيا آهن: 1. سنڌي سليمي 2. عربي نمونو 3. انگريزي نمونو.
    (الف) جن عالمن/ استادن سنڌي سليمي نموني کي اڳتي ڪيو تن ۾ هي نالا وٺي سگھجن ٿا: آنجـﻫـاني ڀيرومل آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، ابڙو عبدالرحيم، محبوب علي جوکيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سيد محسن علي شاه، منظور علي پٺاڻ.
    (ب) جن عالمن/ استادن عربي- فارسي نموني سان اسم جا جزا ڏسيا آهن تن ۾ هي نالا آهن: حافظ گل محمد ’گلڻ‘، واحد بخش شيخ،
    (ج) جن عالمن/ استادن انگريزي نموني سان اسم جا جزا ڏسيا آهن سي هي آهن: غلام محمد سومرو، نور محمد کوسو.
    ٽنهي نمونن مان پهريون سنڌي سليمي قسم عام آهي ۽ ڄاتل سڃاتل آهي، سنڌ جي عالمن ۽ استادن اهو نمونو سادو سودو ۽ بنيادي طالب علم لاءِ سولو ڀانيو آهي. هت اسان جو مقصد به سولي ۽ سهنجي وصف بيهارڻ آهي، جنهن تي اڪثريت اڪتفا ڪندي هجي!

    سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي پرائمري يا ثانوي اسڪولن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ اڄڪلهه جيڪا وصف پڙهائي وڃي ٿي سا هيٺين ريت آهي:
    ‘‘Noun: noun is a naming word of person, place or thing.’
    Wren and Martinn جي ’انگلش گرامر اينڊ ڪمپوزيشن‘۾ جيڪا وصف ڏنل آهي سا هيٺ ڏجي ٿي:
    Noun: A Noun is a word used as the name of a person, place or thing; as,
    Akbar was a great King.
    Kolkata is on the hooghly.
    The rose smells sweet.
    The sun shines bright.
    His courage won him honour.
    Note: The word thing includes (i) all objects that can see, hear, taste, touch or smell; and (ii) something that we can think of, but cannot perceive by the sences.
    ڏسيل وصف ۽ مثالن بعد اهم نوٽ مان اهو ئي خيال اڀري ٿو ته Wren and Martin ۾ ڄاڻايل وصف اڻپوري آهي، مثالن کي ڏسڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو ته Noun جا ٻه گروه آهن هڪڙو اهو آهي جيڪو ظاهري حس سان محسوس ٿئي ٿو، ٻيو اهو جيڪو ظاهري حس سان محسوس نه ٿو ٿئي. ان صورت ۾ ٿيڻ ائين کپندو هو ته پهريان مثال ڏئي پوءِ ڪا مختصر پر جامع وصف متعين ٿئي ها!
    ان سان مصيبت اها ٿي ٿئي ته اسان جو عام استاد محدود وصف کي پڪڙي ٻارن کي رٽو ڪرائن ٿا، جنهن کان پوءِ اهي ٻار ٻِئي حصي کي وصف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ٿيندا آهن. عام طور تي اسان وٽ ڪنهن به ڪتاب تان انگريزيءَ ۾ اسم ائين ئي پڙهايو ۽ رٽرايو ويندو آهي.
    انگريزيءَ ۾ وصف به علامه اوپن يونيورسٽيءَ جي بي. ايڊ جي شاگردن لاءِ ‘English compulsory’ جي ڪتاب ۾ بلڪل مناسب ڏنل آهي، جيڪا عام شاگردن کي پڙهائڻ گھرجي، ان ۾ مثالن ڏيڻ بعد استخراجي طريقي سان نتيجةً وصف متعين ڪيل آهي:
    Noun: ‘A noun names a person, place, thing or an idea.’ (Eng.comp: 2)
    بي. ايڊ جي ڪتاب ۾ ڄاڻايل وصف ۾ هڪ جزو ‘an ideaa’ وڌيڪ ڄاڻايل آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ڪم ايندڙ ٻئي گروه جي جزن: ’ڪم، حالت ۽ خاصيت‘ تي مبني آهي، يعني اهي جزا جيڪي تصور ڪري سگھجن ٿا سي ان لفظ ۾ اچي ٿا وڃن.
    انٽر نيٽ تي Heather MacFadyenn جي اسم بابت لکيل وصف هيٺين ريت ڏنل آهي:
    A noun is a word used to name a person, animal, place, thing, and abstract idea. Nouns are usually the first words which small children learn.
    بي. ايڊ جي ڪتاب ۽ انٽرنيٽ تي جيڪا وصف ڏنل آهي سا مناسب آهي ۽ ائين ئي ابتدائي طالب علمن کي پڙهائڻ گھرجي، جنهن سان انهن جي اڳيان ’اسم‘ جو دائرو واضح ٿي بيهندو.

    نچوڙ:
    مختلف وصفن جي نتيجن مان مختصر طور تي جيڪو نچوڙ سامهون اچي ٿو، تَنهن جي هيٺين ريت ورڇ بندي ڪري سگهجي ٿي:
    ’دنيا ۾ جو ڪجھ ظاهري ڏسڻ ۾ اچي ٿو يا محسوس ڪيو وڃي ٿو، تَنهن کي هر ٻوليءَ وارن پنهنجي سماجي گھرجن پٽاندر، سڃاڻپ ۽ سَهي ڪرڻ لاءِ ڪي لفظ مقرر ڪيا آهن؛ انهن سڃاڻپ ۽ سَهي ڪرڻ وارن لفظن کي ٻن گروهن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
    هڪ گروه ۾ اهڙا ٽي جز اچي وڃن ٿا جيڪي ظاهري حس سان محسوس ڪري سگھجن ٿا: ساهوارو، شيءِ ۽ جاءِ.
    ٻئي گروه ۾ اهڙا ٽي جز اچي وڃن ٿا جيڪي ظاهري حس سان محسوس نٿا ڪري سگھجن:
    ڪم، حالت ۽ خاصيت.
    ماهرن يا استادن پاران عام طور ڏسيل وصف هيئن ئي بيهندي:
    اسم معنى نالو. نالو هجي ڪنهن به ساهواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو، ان کي اسم چئجي ٿو.‘
    اسم جي آخري گروه ۾ اسم جي جزي ’حالت‘ ۾ ڄاڻائڻ ۾ ڄڻڪ اختلاف آهي، ڇاڪاڻ ته چند عالمن/ استادن ان جزي کي فضول سمجھي پنهنجي وصف ۾ شمار نه ڪيو آهي؛ انهن ۾: ڪاڪو ڀيرومل، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيد محسن علي شاه جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا.
    حقيقت ۾ حالت ۽ خاصيت ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، پر جيئن ته ڪافي عالمن جزي ’حالت‘ کي الڳ سان رکيو آهي، تنهن ۾ ڪا هروڀرو ڏکيائي به ڪانهي.
    مذڪوره ٻن گروهن مان پهرين جا جز ته سمجھڻ يا سمجھائڻ آسان آهن، ليڪن ٻئي گروه جا جز سمجھڻ يا سمجھائڻ ڪجھ ڏکيرڙا آهن؛ ڇو ته جڏهن اٺن لفظن ۾ ’فعل‘ يعني ’ڪم‘ الڳ سان هڪ وياڪرڻي لفظ آهي ۽ ان جي الڳ هڪ حيثيت آهي، ته پوءِ اسم وارو ’ڪم‘ يا ’فعل‘ ڇا کي چئجي؟ يا ’صفت‘ معنى ’ساراه‘ يا ’خوبي‘ جڏهن ته ’خاصيت‘ معنى به ساڳي آهي ته پوءِ ’صفت‘ وارو لفظ ’اسم‘ ۾ ڪيئن آيو؟ هڪ پڙهائيندڙ استاد جي حيثيت ۾ ڪافي شاگردن ۾ مونجھارا محسوس ڪيا ويا، بنيادي ٻار کي ته رٽي سان ياد ڪرايو ويو ليڪن اڳتي وارن ڪلاسن ۾ استادن ان ٻار کي چڱيان ڪونه سمجھايو، نتيجو اهو نڪتو جو ڪافي ٻار ڪاليج سطح تائين اسم جي وصف ۽ ان جي جزن جي وضاحت کان واقف ناهن.
    بنيادي شاگرد لاءِ مونجھارو اهو به ٿئي ٿو ته ساڳيو لفظ جڏهن هڪڙي وياڪرڻي لفظ (TERM) ۾ موجود آهي ته پوءِ اهو ساڳيو لفظ ٻئي وياڪرڻي لفظ (TERM) ۾ ڪيئن ٿو سمائجي؟ ان مسئلي ۽ مونجھاري کي ڏسڻ کان پوءِ چئجي ٿو ته اسان استاد جيڪو ڪنهن ڪتاب يا سنڀاليل ڪاپيءَ تان بنيادي شاگرد کي وصف رٽي ڪرڻ لاءِ لکرائيندا آهيون يا ياد ڪرائيندا آهيون، سو طريقو درست ناهي!
    گرامر خاص طور تي ٻن طريقن سان پڙهائي ويندي آهي، هڪ: استقرائي طريقو (Conductive Method)، ٻيو: استخراجي طريقو.(Deductive Method) استقرائي طريقي ۾ پهرين ڪا جوڙيل يا ترتيبيل وصف ٻڌائي ويندي آهي ۽ پوءِ ان جي مثالن کي ذهن ۾ رکرايو ويندو آهي؛ استخراجي طريقي ۾ پهرين مثال سامهون رکي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نتيجي طور ڪا وصف يا دائرو مقرر ڪبو آهي.
    ڀيرومل صاحب پنهنجي ڪتاب ’وڏي سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ گھڻي قدر وياڪرڻ جي لفظن کي واضح ڪرڻ لاءِ استخراجي طريقي موجب پهرين مثال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پوءِ نتيجي طور ڪا وصف بيهاري آهي. اهو انداز اڄ جو استاد ڪونه ٿو اپنائي، بلڪه اسان جي گھڻن استادن کي ان طريقي کان به آگاهي ڪانهي. هن طريقي ۾ استاد جي حيثيت هڪ facilitator جي هوندي آهي، جيڪا اڳيان استاد اپنائيندا هئا؛ جڏهن ته جديد تربيتي مهارتن جي پارکن ۽ رکوالن پاران ’استاد کي بحيثيت facilitatorهجڻ کپي‘ وارو دهل پڻ وڄايو ويندو آهي.
    اسم جي جزن جو انگريزي جزن سان تقابل
    اسم جي ٻئي گروه جي جزن کي آسان ڪري سمجھڻ يا سمجھائڻ لاءِ ان جا مثال سنڌي توڙي انگريزيءَ سان جاچي، پوءِ ڪا وضاحت ذهن ۾ رکي يا ڏئي سگھجي ٿي:
    ڪم (فعل) تي جيڪو نالو رکجي ٿو، اهو به اسم آهي، سنڌيءَ ۾ ٻه ۽ انگريزيءَ ۾ ان جا ٽي نمونا ملن ٿا:
    پهريون مثال: (فعل مان اسم جو جڙڻ)
    صبح جو سوير اٿڻ بعد جسم جي چر پر تمام ضروري آهي.
    ساوڻ کي ڀيڻ جي شاديءَ تي ڪافي ڏيب مليو.
    شام جي وقت گدوءَ وٽ درياه جو ڏيک ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي.
    هميشہ سٺو ۽ سادو کاڌو سٺي صحت جو ضامن آهي.
    هر ڪم ۾ مڙئي پورائو، نظام کي بگاڙڻ برابر آهي.
    فعلي اسم: (فعل مان اسم جوڙڻ وارو انگريزي ۽ سنڌيءَ جو تقابل)
    Move چرڻ - Motion/movement چُرپُر
    Give ڏيڻ – Gift ڏيب
    See ڏسڻ – sight ڏيک
    Feed کارائڻ – food کاڌو
    Complete پورو ڪرڻ – Completion پورائو
    (هن قسم ۾ فعل جي صورت مٽائي اسم لاءِ مروج لفظ ڪم آندو ويندو آهي. سنڌي توڙي انگريزيءَ جي مثالن ۾ جهڙوڪر هڪجهڙائي آهي.)

    ٻيون مثال: (فعل جو مصدر جي صورت ۾ اسم طور ڪم اچڻ)
    چرڻ پرڻ ۾ برڪت آهي.
    ڏيڻ ۽ روئڻ دل جي هيٺان هوندو آهي.
    قرآن شريف ڏسڻ به عام ماڻهوءَ لاءِ سعادت آهي.
    سادو کائڻ، سادو پهرڻ ۽ سادو رهڻ صحت آهي.
    هر ڪم وقت تي پورو ڪرڻ ڏاهپ آهي.
    مصدري اسم:
    Move چرڻ - To move چُرڻ
    Give ڏيڻ – To give ڏيڻ
    See ڏسڻ – To see ڏسڻ
    Feed کارائڻ – To feed کارائڻ
    Complete پورو ڪرڻ – To Completion پورو ڪرڻ
    (هن قسم ۾ لفظ جي ساڳي صورت فعل/ مصدر واري اسم طور ڪم آندي ويندي آهي. انگريزيءَ ۾ ساڳي طرح اسم لاءِ Infinitive يعني مصدر پڻ ڪم آندي ويندي آهي.)

    ٽيون مثال: (انگريزيءَ ۾ Gerund وارو نمونو سنڌيءَ ۾ ڪم ڪونه ٿو اچي)
    Move چرڻ – Moving ساڳيو چرڻ
    Give ڏيڻ – Giving ساڳيو ڏيڻ
    See ڏسڻ – Seeing ساڳيو ڏسڻ
    Feed کارائڻ – Feeding ساڳيو کارائڻ
    Complete پورو ڪرڻ – Completing ساڳيو پورو ڪرڻ
    (انگريزيءَ ۾ اسم جو هي قسم فعل ۾ ‘ing’ وجھڻ سان، Gerund جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، سنڌيءَ ۾ اهڙو نمونو ڪونهي، سنڌيءَ ۾ ان لاءِ به اسين فعل/ ’مصدر‘ وارو لفظ ڪم آڻيندا آهيون؛ جيئن: ‘Telling a lie is a bad habit.’جو سنڌي ترجمو ڪرڻو پوندو ته: ’ڪوڙ ڳالهائڻ خراب عادت آهي‘. ساڳئي وقت To tell a lie is a bad habit جو سنڌي ترجمو ساڳئي نموني ڪرڻو پوندو ته: ’ڪوڙ ڳالهائڻ خراب عادت آهي‘. ان مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ Gerund جو ڪو تز نعم البدل ڪونهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل مان اسم ٺاهڻ جون صرف ٻه صورتون ملن ٿيون. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ ٽي صورتون آهن.)

    حالت ۽ خاصيت (صفت) مان اسم هر ٻوليءَ ۾ ڪم آندو ويندو آهي. هيٺ تقابلي مثال رکجن ٿا:

    صفت مان اسم/ حالت ٺهڻ جا مثال:
    Poor غريب – poorness غريبي/ غربت/ غريبت
    Rich شاهوڪار- Richness شاهوڪاري
    Duke امير/ راجا - Duke ness اميري/ راجائي
    Old پوڙهو/ پِير - Oldness پوڙهائپ/ پِيري
    Weak لانجھو – weakness لُنجھڻ/ لانجھائي
    (اسم جي جز ’حالت‘ جو نمونو سنڌي ٻوليءَ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته انگريزيءَ ۾ ان کي الڳ تصورڪونه ڪيو ويندو آهي. هن اسم جي جز کي Abstract idea ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.)

    صفت مان اسم/ خاصيت ٺهڻ جا مثال:
    Clever چالاڪ – Cleverness چالاڪي، چالاڪپڻو
    Foolish چريو – Foolishness چريائي/ چريائپ
    Able لائق/ قابل – Ability لائقي/ قابليت
    Wise سياڻو– wisdom سياڻپ
    Honest ايماندار/ سپت ڀريو – Honesty ايمانداري/ سُپت
    (سنڌي ٻوليءَ ۾ ’حالت‘ ۽ ’خاصيت‘ اسم جا الڳ الڳ جز ڪري ڄاڻايل آهن، حالانڪ ’حالت‘ ۽ ’خاصيت‘ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، تنهن هوندي به سنڌ جي عالمن استادن ان کي الڳ الڳ ڄاڻايو آهي؛ انگريزيءَ ۾ ان کي الڳ تصور ڪونه ٿو ڪيو وڃي ان لاءِ انگريزيءَ جي ٻنهي مثالن ۾ هڪجهڙائي آهي.)

    اسم مان صفت جو جڙڻ ۽ وري ان مان اسم ٺاهڻ:
    Childhood ٻاراڻو/ ٻاراڻي - Childhood ness ٻاراپڻ/ ٻاراپڻو
    Manish انساني – Manhood انسانيت
    Womanish عورتاڻو/ عورتاڻي – Womanishness عورتپڻو
    Manish مرداڻو/ مرداڻي – Mannishness مردانگي/ مرداڻپڻو
    Boyish ڇوراڻو/ ڇوراڻي/ ڇوڪراڻي – Boyishnesss ڇوراپڻ/ ڇوراپڻو/ ڇوڪراپڻو
    (اسم مان صفت جو جڙڻ ۽ وري ان جڙيل صفت مان اسم ٺاهڻ وارو انداز سنڌي توڙي انگريزيءَ ٻنهي ۾ ملي ٿو.)

    نتيجو/ حاصل مطلب
    دنيا ۾ جو ڪجھ ظاهري ڏسڻ ۾ اچي ٿو يا محسوس ڪيو وڃي ٿو، تَنهن کي هر ٻوليءَ وارن پنهنجي سماجي گھرجن پٽاندر، سڃاڻڻ لاءِ ڪي لفظ مقرر ڪيا آهن؛ انهن سڃاڻپ وارن لفظن کي ٻن گروهن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
    هڪ گروه ۾ اهڙا ٽي جز اچي وڃن ٿا جيڪي ظاهري حس سان محسوس ڪري سگھجن ٿا: ساهوارو، شيءِ ۽ جاءِ.
    ٻئي گروه ۾ اهڙا ٽي جز اچي وڃن ٿا جيڪي ظاهري حس سان محسوس نٿا ڪري سگھجن:
    ڪم، حالت ۽ خاصيت.
    ماهرن يا استادن پاران عام طور ڏسيل وصف هيئن ئي بيهندي:
    اسم معنى نالو. نالو هجي ڪنهن به ساهواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو، ان کي اسم چئجي ٿو.‘

    حوالا/ ذريعا
    آڏواڻي ڀيرومل مهرچند (19855) وڏو سنڌي وياڪرڻ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    مرزا قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    جوکيو محبوب علي (19799) مهراڻ سنڌي گرامر- سنڌي ساهت گھر محراب پور.
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر (19877) سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن- عجائب اسٽورز سکر.
    پٺاڻ منظور علي ( ؟ ) سنڌي گرامر- سنڌي وياڪرڻ- گنج بخش ڪتاب گھر حيدرآباد.
    ابڙو عبدالرحيم ارشد (1986) رفيق گرامر- انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا.
    کوسو نور محمد (2005) سنڌي گرامر- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    گل محمد حافظ (19599) پرشن گرامر- شفي اسٽورس بندر روڊ لاڙڪاڻو.
    سومرو، غلام محمد (1997) سنڌي ٻوليءَ جي سکيا- سڪرنڊ
    واحد بخش شيخ (19866) سنڌي صرف و نحو- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    English compulsory (1989) Allama Iqbal Open University Islamabad.
    Wren & Martin (2006) S. Chand & Company Ltd. New Delhi. (Revised by: N.D.V Prasada Rao)
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو