سنڌ سلامت فورم کي هلائڻ لاءِ هڪ سال جي خرچ ۾ سهائتا اپيل

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2017۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    سنڌ سلامت فورم جو آغاز اپريل 2009 ۾ ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي اڄ تائين فورم رضاڪاري جذبي تحت هلندو رهيو آهي ۽ ان ۾ لکندڙن کي لکڻ، پڙهندڙ کي پڙهي راءِ ڏيڻ لاءِ همٿائڻ توڙي فورم کي ٽيڪنيڪل طور اپڊيٽ ڪرڻ جهڙا ڪم شامل آهن. گڏوگڏ ڪيترن ئي پروجيڪٽس تي پڻ ڪم هلندو رهيو آهي جِن ۾ آنلائن سنڌي ڪي بورڊ، قران ڳولا، بُڪ مارڪليٽ، سنڌي ڊڪشنريءَ جي پورٽل جي ايڪسٽينشن، سنڌ سلامت ريڊ سان سوشل سائٽ جا فونٽ خوبصورت بنائڻ، سنڌ سلامت ڪتاب گهر (ٽيڪسٽ ۾) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم شامل آهن.

    اسان وٽ لفظ پروفيشنل ٻن معنائن ۾ ڪم ايندو آهي. هڪ اهو ته ماڻهو پيسا ڪمائڻ لاءِ ڪم ڪري ٻيو ان لاءِ ته جيڪو ڪم ڪري ٿو ان ۾ ڀڙ هجي. سلامت سلات ٽيم لاءِ پهرين معنى تہ ڪڏهن به ڪا معنى ناهي رکي پر ٻي اصطلاح ۾ صفا نه ته به ڪافي قدر پاڻ مڃايو آهي. توڙي جو ڪيئي دفعا ساڃاهه وندن ۽ پر خلوص دوستن صلاح ڏني ته هي پروفيشنل دور آهي هاڻي رصاڪاري ڇڏيو. پر اڃان به ٽيم ان تي متفق آهي ته جيڪڏهن نعرو سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو آهي ته پوءِ ٻيون ڳالهيون ڀلي پاس تي هجن. اشتهار وٺڻ جي راءِ پڻ ايندي رهي پر ڪجهه اڻ ٽر مجبورين ان تي فل الحال عمل ڪرڻ ناهي ڏنو.

    پر جيئن ته ڪو به ڪم پنهنجي هڙان وڙان هڪ حد تائين ئي ٿيندو آهي ۽ نيٺ ٻين جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. ايئن ئي فورم هلائڻ لاءِ پوندڙ مالي بار سنڌ سلامت ٽيم (انتظاميه توڙي رُڪنَ) 2009 کان وٺي 2013 تائين پنهنجي سر کنيو پر ان کان پوءِ اهو ضروري ٿي پيو ته هن هيڏي وڏي فورم کي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ هر ڏينهن ايندڙ نواڻ سان مطابقت ۾ رکڻ لاءِ وڌي ويل خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد جي اپيل ڪجي. اهو سلسلو 2013 کان هلندڙ آهي ۽ ان ۾ فورم تي رجسٽرڊ رُڪن توڙي ٻين ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. گذريل سال جي مليل مدد ۽ آيل خرچ جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:

    2016 ۾ مليل رقم، خرچ جا تفصيل ۽ 2017 لاءِ گهربل رقم ۽ خرچ جا تفصيل

    2016 ۾ ٽوٽل گڏ ڪيل رقم : 36500

    اپريل 2017 تائين خرچ : 38100

    گذريل سال مليل رقم کان اضافي خرچ : 1600


    گذريل سال ابتدائي ڪلائوڊ هوسٽنگ جو تجربو شاندار رهيو. جنهن سان سنڌ سلامت جو هڪ گيگا بائيٽ تي مشتمل سڀ کان وڏو يونيڪوڊ بيسڊ ڊيٽابيس سهيڙيل رهيو پر سنڌ سلامت تي فورم سان گڏو گڏ فانٽ سرور ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي اضافي ٽريفڪ، موجوده بينڊوڊٿ جي اضافي استعمال سان پيڪيج جي محدود هجڻ کان علاوه ڪجهه ڏينهن اڳ فورم جي ايرر لاگس اسٽوريج جي گهٽ هجڻ جا به اشارا ڏنا آهن اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سلامت جي موجوده پيڪيج کي هن سال معمولي اپگريڊ ڪرڻ جو پڻ ارادو آهي ته جيئن ٽريفڪ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان گڏوگڏ سنڌ سلامت جي اسڪرپٽ زين فورو جي ايندڙ جديد ورجن 2.0 ۽ سنڌ سلامت جي ايندڙ پروجيڪٽس جهڙوڪ سنڌ سلامت اميج سرور ۽ سنڌ سلامت ٽيوب جي لاءِ به بهتر راهن جي بنياد پيدا ڪري سگهجي. ان طرح ايندڙ سال خرچ جو تخمينو ڪجهه هن طرح آهي

    ڊومين اپڊيٽنگ: 2000

    ايڊوانس ڪلائوڊ هوسٽنگ: 25000

    لائيسنس اپڊيٽنگ: 6500

    سنڌ سلامت اميج سرور: 5000

    سنڌ سلامت ٽيوب: 5000

    ٽوٽل: 45000

    فورم کي ايندڙ سال وڌيڪ بهتر انداز سان هلائڻ ۽ ايندڙ پروجيڪٽس تي گهربل خرچ لاءِ هن دفعي پڻ اپيل ڪجي ٿي. سڀني کان پهرين آءُ پنهنجي طرفان 2000 جو اعلان ڪندي عرض رکان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم کي هلائڻ ۾ پنهنجو حصو ملائيندا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ هن سٿ کي سهائتا ملي سگهي.

    سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت

    حبيب بينڪ لاءِ RAHIM BUX DAHRIAccount No.
    1093-0071-000927-01-2 Bank Al Habib Liminted Moro Br. Distt. Naushahro Feorze Sindh.

    مسلم ڪمرشل بينڪABDUL RASHEED SAMO

    0519920601003888 Muslim Commercial Bank Limited PIDC House Branch Karachi


    ايزي پيسا اڪائونٽ
    030636000074


    جيڪي دوست ايزي پئسا ذريعي پنهنجي رقم موڪلڻ چاهين اهي سنڌ سلامت فنانس انچارج محترم رحيم بخش ڏاهري جي هيٺين سيل نمبر ۽ شناختي نمبر تي موڪلين
    شناختي ڪارڊ نمبر
    4530306971937
    فون نمبر
    03003040725

    نوٽ: پنهنجي رقم موڪلڻ کان پوءِ سيل نمبر 03003040725 يا 03007065130 تي هڪ ميسيج يا ننڍي ڪال ڪري اطلاع ڏيڻ نه وساريندا...
    اڃان به ڪنهن به ڏکيائي جي صورت ۾ هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.

    hafeezlaghari58@yahoo.com

     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ رڪن پاران نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي 1000 پنهنجي طرفان ۽ 500 سندنس ڪنهن دوست پاران ملائي 1500 ڏيڻ جي خاطري ڪئي آهي.
     
  3. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    ادا وس آهر ڪجهه نه ڪجهه ڏينداسون جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان
     
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڦُڙِي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو..
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فورم جي لاءِ پاڻ هر وقت حاضر آهيون ....
    اسان پاران 2 هزار روپيا قبول پون ..... باقي ها يار اسان گهاٽي ۽ واڌي ۾ ٻڌل رهنداسين.
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    احسان عرساڻي صاحب جا 2000 به پهتا آهن عبيد ٿهيم وٽ
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هميشه جيئان پنهنجو حصو به شامل حال آهي...
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم امرفياض جا قرب ... سندن 2000 روپيه پهتا ٿيا..!!
     
  9. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    بھترين جستجو.
    بقول مرشد عبيد ٿھيم جي ڦُڙِي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو..
    مون پاران 2000 ھزار قبول پون.
    رقم سڀاڻي بذريعه ايم سي بي بينڪ واري اڪائونٽ ۾ موڪلي ڏيندس.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    بوزدار مصطفى، ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ھڪ دوست نالي احمر نديم جا 3500 پھتا آھن.
    مھرباني سائين جي.
     
    بوزدار مصطفى، ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    هميشه جيئان پنهنجو حصو به شامل سمجهيو وڄي
     
    بوزدار مصطفى هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دبئي مان سنڌ سلامت جي مهربان دوست عمر فاروق مهر 5000 موڪليا آهن، جيڪي سائين رحيم بخش جي اڪائونٽ ۾ پهتا آهن.
     
    بوزدار مصطفى ۽ شاهنواز ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي
  13. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    سائين عرض ته ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي دوست واقعي وطن کان ڏور جڏهن هن سائيٽ تي ايندا هوندا ته پاڻ کي سنڌ ۾ محسوس ڪندا هوندا.
    دلي خوشي ٿيندي جي هي دوست پنهنجو نالو ظاهر ڪري ته ٻين دوستن جو به من جذبو جاڳي ته جيئن امڙ ٻولي لاءِ پنهنجي طرفان ڪجهه ڪري سگهن...
    شهر وڃڻ ٿيو ته آئون به ايزي پيسا ذريعي رقم موڪليندس.....
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻن پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين طرفان نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بقايا رقم موڪلي جنهن کان پوءِ رکيل ٽارگيٽ مڪمل ٿي چڪو..
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت هر دفعي وانگر هن دفعي به پنهنجي سمورن محسنن جو شڪر گذار آهي جن پنهنجو حصو اٽڪائي سنڌي ٻوليءَ لاءِ جستجو ڪندڙ سٿ سان سهڪار ڏنو .. سندن اهڙي ساٿ جو دل سان قدر ڪجي ٿو .. ۽ کين ان ڳالهه جو يقين ڏيارجي ٿو ته سندن طرفان امدادي رقم کي مٿي ٻڌايل تفصيلن تي ئي خرچ ڪيو ويندو.. گڏوگڏ پنهنجي مٿان ايندڙ اضافي ذميدارين کي پڻ نڀائڻ جو وچن ڪجي ٿو...
    دوستن جا لک لائق
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو