• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو...!

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو...!


ضراب حيدر




ماڻهن جا چهرا، مرتبا بدلجي ويا...! ڪالهه جيڪي ڳڀرو هئا، اڄ اُهي پوڙها يا اڌڙوٽ آهن، ڪالهه جيڪي شاگرد هئا، عاشق هئا، اڄ سي آفيسر آهن يا وري ناڪام آهن پر ڄامشورو، اڄ به اُهو ئي ساڳيو آهي. هڪڙي ٽائيٽينڪ لمحي جيان، جنهن جي وجود ۾ خبرناهي ڪيترا منظر، ڪيتريون ڪهاڻيون لِڪيل آهن.

ڄامشورو جيڪي ورهين کان پوڙهو ناهي ٿيو، تنهن خبرناهي ڪيڏن زمانن کي پوڙهو ڪري ڇڏيو، بس صرف اُهي تصويرون ئي جوان رهجي ويون جيڪي اسين هاسٽلن جي خالي ڪمرن ۽ فئڪلٽين جي ڪاري ڊورس ۾ ڇڏي آياسين.

ڄامشورو جتان نواز چانڊيو پنهنجي ميري ڳوٿريءَ ۾ پنهنجا ميرا ڪپڙا ۽ جوان حسرتون کڻي ڪي ورهيه اڳ هيلو ويو هو...

سُر ڏهر جهڙيون جهڙاليون اکيون رکندڙ نواز چانڊيو جيڪو ماروي هاسٽل ۾ بورچي هو، اُن جڏهن يونيورسٽيءَ کي خيرباد چيو هو ته ماروي هاسٽل جي ڪاري شاهي دروازي جو ڪَڙو ڪيترن ورهين تائين سندس شڪستا ۽ ٿڪل وِکن کي ڏسندو رهيو هو. هي اُهو چرياڻ عاشق هو جيڪو هڪڙي اهڙي شاگردياڻيءَ جي پريت ۾ پاڻ وڃائي ويٺو هو جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ هماليه جيڏا سپنا کڻي آئي هئي، هُو روزانو مانجهاندي مهل اُن ڇوڪريءَ لاءِ ساهه ڀريو سلاد ۽ چاهت وارو چڪِن پيس الڳ سان ڪڍي رکندو هو ۽ هوءَ بکايل ڇوڪري مانيءَ مان سدائين ڪو نه ڪو نقص ڪڍي، نواز جي چاهت جا نقشا ئي ڊاهي رکندي هئي... ۽ نواز جا سمورا سپنا ڪنهن ترو لڳي ويل داغ جيان سڙي رک ٿي ويندا هئا... نواز چانڊيو اُن ڇوڪريءَ لاءِ روز صبح جو بسڪيٽ ۽ چانهه ٽري ۾ رکي، سندس ڪمري جو دروازو کڙڪائي هليو ويندو هو، هوءَ ڇوڪري جڏهن در کولي ٽري کڻندي هئي ۽ چانهه بسڪيٽ سان گڏ هڪڙو تازو گلاب به ٽري ۾ رکيل هوندو هو اُها ڇوڪري اُهو ساڳيو گلاب پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجي هڪ پروفيسر کي ارپي مارڪون وٺندي هئي ۽ پوءِ اُنهي پروفيسر پنهنجي زندگيءَ جي سفر لاءِ ڪو ٻيو نالو مارڪ ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ هوءَ ڇوڪري زندگي ۾ تمام گھڻو ايبنارمل بڻجي وئي. هُن جڏهن هڪ لمحي لاءِ پوئتي نهاريو ته ڪجهه ڪونه هو ۽ اڳتي جا سمورا رستا کيس تاريڪ نظر آيا.

نواز چانڊيو ته گھڻو اڳ زندگيءَ جي رڻ ۾ بنا ڪنهن مارڪ جي خبر ناهي ڪيڏانهن گُم ٿي ويو هو، سو کيس ڪنهن به هجوم ۽ ويراني ۾ نظر ڪونه آيو. اهڙيون ڪيئي ڪهاڻيون ڄامشورو جي هوائن ۾ آتمائن جيان اڄ به ڀٽڪنديون رهن ٿيون، جن کي اڄ تائين مُڪتي ملي نه سگھي آهي.

ڄامشوري جون اُهي خاموش ۽ دل جي رستن جهڙيون وسيع شاهراهون اڄ به گواهه آهن. اُنهن دلوارن ۽ عاشق شاگردن جون جيڪي رات جي آخري پهرن ۾ ٽِيڪمن سان سندن سينو چيري کوٽي پنهنجي محبوبائن لاءِ تعويذ پوريندا هئا، ڄامشوري جي پهاڙين تي ڪَر کڻي بيٺل پاڻيءَ جون اُهي ٽانڪيون به اڄ تائين اُنهن تعويذن جي سُڳنڌ سان مهڪن ٿيون جيڪي ماضيءَ ۾ سندن پيٽ ۾ ڪنهن سُتيءَ جيان وڌا ويا هئا. اُهي چرياڻ عاشق ۽ مجنون ديوانا، جيڪي فيض احمد فيض جي هنن سٽن جهڙا لڳندا هئا ته:

”نه رها جنونِ وفا، يه رَسن يه دار ڪروگي کيا؟

جِنهين جُرمِ عشق پي ناز ٿا، وه گناهگار چلي گئي.“

ها بلڪل اُهي سڀ گناهگار عاشق هليا ويا، وڃڻ وقت جن جي دامن ۾ رڳو خار هئا ۽ هٿن ۾ يونيورسٽي جون سپلِيون لڳل اڌوريون ڊگريون هُيون، جن اهي ڊگريون ۽ سَندون آخرڪار ڪو تعويذ ڪري/ ناڪاميءَ جو طوق سمجهي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيون.

عشق ۽ اپسرائن جي هيءَ سر زمين جيڪا سدائين ڪاڪ مثل رهي آهي، اُتي خبر ناهي ڪيترا راڻا رُلي ويا ۽ءٌ ڪيڏيون مُومَلُون اکين ۾ اوسيئڙا کڻي پوڙهيون ٿي ويون پر ڪاڪ جو مجاز اڄ به ساڳيو آهي، جتي اڄ به ڪروڙين دوڳ ڪڙهن ٿا ۽ مجاز جون ديڳيون چڙهن ٿيون ۽ بي انت انوکا رنگ رچن ٿا.

”هلو هلو ڪاڪ تڙين، چڙو جت چڙهن

ڪوڙين رنگ رَچن، پانوڙي پِڪ سين. ”شاهه رحه“

ڄامشورو جتي عشق ڪنهن مست قلندر جيان ڌمالون هڻندو رهيو آهي، اُتي مجاز مُهين جي ناچڻيءَ جيان ڇيرون ٻڌي نچندو رهي ٿو، هر اک طِلسم ۽ هر دل دَوارڪا جيان پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ رهي ٿي. ڄامشوري جون بي چيون هوائون ۽ صوفي فضا ۾ جيڪو به رهيو، سو ڪوري ڪاغذ، ڪوري دل ۽ ڪوري ذهن مان رنگجي سونهن، ڏاهپ، ڏات ۽ ساڃاهه جي پيڪر ۾ لهي ايئن بڻجي ويو، جيئن کنڀات ۽ ديسيءَ جي ڀوري ميٽوڻي ميٽ جهڙي رنگ ۾ ڪو جوڳي بڻجي پوندو آهي... ها نسوري نينهن سان ڀريل عشق جي دز ۾ ڀڀوت ٿيل عاشق!! اُن جَڙاءُ جهڙو ڀاسندو آهي، جنهن جو ذڪر لطيف سرڪار ڪو ورهيه اڳ ڪيو هو.

”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو نينهن جو“

ڄامشورو جتي ’امداد آهي رول‘ جهڙي شاعريءَ جا رنگ وکريا، جتي طارق عالم ابڙي خبرناهي ڪيترا ’رهجي ويل منطر‘ ڇڏيا، اياز عالم پنهنجي اکين ۾ الائي ته ڪهڙيون رمزون لِڪائي وقت جو گوتم بڻجي ويو. ظفر حسن ۽ ظفر ڪاظميءَ آرٽ جا ڪيئي رنگ وائکا ڪندي ڄڻ اڌورا ڇڏي ڏنا. حليم بروهي ڳالهيون سمجهي، اڻ سمجهيون ڪري طنزيا مُرڪندو هليو ويو. خيرالنساءِ جعفريءَ هاسٽل کان حويليءَ تائين جو اڙانگو سفر خبرناهي ڪيئن پورو ڪيو، ماٺيڻو ’هيلو ڪو وري آ‘ جون صدائون هڻندي هڻندي پاڻ به ماٺ ٿي ويو، عرفان مهديءَ پاڻ کي سنڌوءَ جي ڪُنن ۾ اُڇلائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ماڻِڪ ’لڙهندڙ نسل‘ جي ڳالهه ڪري پاڻ وقت جي وهڪرن ۾ لڙهي ويو. حليم باغي پنج بهارون گُذاري پيلين ديوارن جي ڳالهه ڪري، ڄامشوري کي مجاز جي ڪهڪشان ڪوٺي ويو،

”اسان لاءِ سُهائي جو سَر ڄامشورو،

وَڃي سو وڃِي، اڏي گھر ڪهڪشان ۾.“

ڄامشوري ۾ جتي ڪيترائي ڪردار پنهنجي انفراديت سان گُم ٿي ويا، اُتي منهنجو پيارو ”ارشاد ڀٽي“ جنهن کي سنگت پيار ۾ ”پپي“ ۽ آئون ”چاچا“ ڪوٺيندو آهيان، پڻ اکين جو نور وڃائي نڪتو. ارشاد ڀٽي جنهن کي سردار شاهه سدائين مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ”ساحر لوڌيانوي“ چوندو هو، سو پڻ ڄامشوري جي ڪاڪ ۾ رنڱجي جوڳيءَ تي جڙاءُ جهڙو ٿي پيو هو، هُو مون جيان سدائين مُرشد لطيف جي آڳنڌ ۾ اُداسيون ميڙيندو هو ۽ ڀٽ شاهه تي ڏاڏي سومار قمبراڻيءَ جي اوطاق تي جڏهن چشمي جون ڪمانيون ٺاهي، اُٿاهه ساگر جهڙيون ڀنل اکيون کڻي، ڪُوڙا ۽ کوکلا ٽهڪ ڏيندو آهي ته سندس ٽهڪن ۾ ڄامشوري جون ڪهاڻيون ليئا پائينديون آهن.

هو جڏهن ترنم ۾ پنهنجون هي سٽون جهونگاريندو آهي،

”اکين جو نور ويو گھٽجي، اڇا ٿيا وار حد ٿي وئي،

ورهين کانپوءِ سڄڻ کي آئي اسانجي سار حد ٿي وئي.“

تڏهن ايئن لڳندو آهي ته اُهو ارشاد نه پر ڄامشورو پنهنجي اُنهن پِرين ۽ پَروانن کي سڏي رهيو آهي، جيڪي ڪرسين، مَرتبن ۽ نفسا نفسين پويان گم ٿي ويا آهن ۽ پڻ اُنهن ديوانن کي ياد ڪري روئي رهيو آهي، جيڪي پنهنجا وجُود ۽ هَستيون وڃائي وساري سندس دامن ۾ نواز چانڊئي جيان اُڇلائي هليا ويا. ڄڻ ته ڪو دان ڏئي ويا يا وري ڪو دان وٺي ويا. ارشاد جي چواڻيءَ ته:

ايندو ياد توکي نه ڀُلجان ڪڏهن تون،

هي سنڌوءَ جي ڀر ۾ ڄامشورو،

پِرين ڪنهن شاعر لکيا گيت توتي،

وسارين متان تون ڇڏيل ڄامشورو.

سو ڀلا اُن ڄامشوري کي ڪيئن ٿو ڀلائي سگھجي، جيڪو سدائين شيخ اياز جي هنن سِٽن جيان پيارو لڳو ته:

سؤ درد هئا، سؤ دک هئا پر زندگي پياري هئي،

اڌ رات جو پيرن مٿان ڇا چاندني پياري هئي.

ڄامشوري جي پٿريلي تپندڙ سر زمين تي جڏهن اڪيلائين کي پنهنجي جُوتن جيان لاهي ڪُلهن تي رکبو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ ته نراسائين جو هي سفر صدين کان جاري آهي ۽ پوءِ جڏهن رات جي ڪنهن پهر ۾ پيرن جي اوٽ مان چنڊ جي چانڊوڪيءَ کي ليئا پائيندي ڏسبو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ اِجهو هاڻ پرينءَ مُرڪي نهاريو آهي ۽ پوءِ دل ۾ اهڙو به گھر ڪري ويو هو جو دل جا عارضا (بيماريون) به ڄامشوري کي دل مان ڪڍي نه سگھيون.

ممتاز هُليو جيڪو پاڻ کي سنڌ جو گوريلو سڏائيندو هو، گُهنڊيدار وارن وارو دلبر ماڻهو جيڪو ڊگري اڌ ۾ ڇڏي ايئن هليو ويو جيئن هو وڏي آلاپ سان ڳايل سنڌ جا ترانا ڄامشوري ۾ ڇڏي ويو. ايئن ئي اعجاز منگي، حفيظ ڪنڀر سان سي سي (سنٽرل ڪينٽين) تي شام جا جيڪي پاڇولا چانهه جي سُرڪين ۾ اوتي پيتا هئاسين سي سنڌي لِپي جي شفق تي اڄ به ڪي آواز ڪي نياپا بڻجي ڳاڙسِرا آهن. پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان زندگي جي چؤواٽن تي وکري ويل اهڙا دوست به ڏاڍو ياد پون ٿا. مسعود لوهار جي عبرت مئگزين ۽ اياز بخاري جو سيڄ مخزن به ڪٿي وسريو آهي.

امداد قريشي، رحيم کوکر ۽ محمد علي ٿَلهو ڄامشورو جا اهڙا ته ڪردار آهن. جن جون محبتون ۽ بادشاهيون اڄ به اُنهي عروج سان وسن ٿيون جهڙي عروج سان ڄامشوري ۾ وسنديون هيون پر جڏهن به اڄ سندن دلين جا دروازا کولبا ته اُهو ساڳيو درد پنهنجي شناخت ڪرائيندو جيڪو هڪ عشق کان ورثي ۾ ملندو آهي. امداد قريشي جيڪو، فيض جي هنن سٽن جيان پيار، درد ۽ خوشيون ونڊيندو ورهائيندو هو.

چلو اب ايسا ڪرتي هين ستاري بانٽ ليتي هين،

ضرورت ڪه مطابق هم سهاري بانٽ ليتي هين.

محبت ڪرني والون ڪي تجارت بهي انوکي هي،

مُنافعه ڇوڙ ديتي هين خساري بانٽ ليتي هين.

اُهو اڄ به وڏن ٽهڪن ۽ کليل سخاوتن پُٺيان اُنهي عشق، اُنهي درد کي ڪُلهي تي کڻي هلي رهيو آهي، جيڪو سمجهه کان بنهه ٻاهر آهي. ڄامشورو جتي خالد چني، اصغر قريشيءَ، رفيق ميمڻ، سعيد ميمڻ، يوسف جاويد، مقصود بُلي، علي دوست عاجز، اجمل هدى ڀٽو، اياز بخاري جهڙا راڻا رُسائي خبرناهي ڪهڙي دنيا ۾ گُم ڪري ڇڏيا، اُتي ڪيتريون ئي اهڙيون موملُون ۽ سَسيون ملنگياڻيون به هيون جيڪي پنهنجي ڳولها جي رُڃ ۾ اڌوريون جون اڌوريون رهجي ويون. بس اُنهن جا نالا اِن لاءِ به نٿو کڻان جو اُهي ستن سمونڊن جهڙيون گھريون، ستن رنگن جهڙيون رنگين، ستن آسمانن جهڙيون وسيع ڇوڪريون، جڏهن يونيورسٽيءَ کي خيرآباد چئي گُم سُم ٿي نڪتيون ته نياڻيون ست قرآن بڻجي پيون، جن کي وقت ۽ حالاتن بس ويڙهي سيڙهي ڪنهن ڪُنڊ ۾ رکي هميشه لاءِ گم ڪري ڇڏيو جن جي پڻ اڄ سوڌو ڪا خبر ڪونهي.
 
Back
Top