• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق جو شهر، روح جو مرڪز

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
عشق جو شهر، روح جو مرڪز

ضراب حيدر


هيلوڪو جيتوڻيڪ ڊسمبر ۾ به سياندي پنهنجي جوت نه جلائي آهي پر ڪراڙ جي اُجري جَر تي جڏهن ڀِٽ جون رنگ برنگي بتيون تجلا ڏين ٿيون ۽ تنبوري جي تار جا نظر نه ايندڙ احساس پيهندا وڃن اُن لمحي هڪ عجيب سياندي ۽ سِسِراٽين جا احساس اندر ۾ برقي وهڪري جيان داخل ٿي گُم ٿيو وڃن. جڏهن سِسِراٽين ۽ سياندي جو اهڙو احساس جيڪو وجود جي سمورن آڳنڌن ۽ احاطن کي ويڙهڻ لڳندو آهي، ماڻهو ڪنهن به مصنوعي ڍَڪ بدران پنهنجي ئي احساسن جي چادر ۾ ويڙهبو ويندو آهي تڏهن انوکين رمزن جا تاڪيا کُلڻ لڳندا آهن.

بظاهر ته لطيف سائين جي آڳنڌ، ڀِٽ جي پِڙ تي هرروز وڏا ميلا متل هوندا آهن پر ميڙي (ميلي) واري سمئي رنگ ئي نِرالا هوندا آهن جن کي سمجھڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ساميءَ واري ساڃاھ، جوڳيءَ وارو جگر ۽ فقيرن وارو حوصلو گهرجي.

مُرشِد لطيف سرڪار جو ٻـ سؤايڪهترئون عرس شروع ٿي پُڄاڻيءِ تي آهي،

لطيف سائين جي نگريءَ ۾ سدائين متل ميلن جيان هيل به وڏو انگ وڏو ميڙاڪو ڀِت تي ڀؤنرن جيان ڀِنڀلائي پيو ۽ مومل جي مجاز کي ڳولهي پيو، هرڪوئي بس عجيب مستيءَ ۾ مست آهي

الائي ڇو ميلي جو سمورو منظر،

”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو“

لڳندو آهي، هر طرف نظارو نِروار هوندو آهي جنهن ۾ پيو روپ وسندو آهي اهڙو روپ جنهن کي ڊِفائِن (define)ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، ميلا جِن لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته،

’ميلن ۾ ماڻهووڃائجي ويندا آهن‘يا وري ايئن چيو ويندو آهي ته،

’ميلن ۾ به ماڻهو هيڪلا ۽ اڪيلا هوندا آهن‘

اِهو احساس ڀِٽ ڌڻي جي ڀلاري ڀؤن ۾ ٿيندو آهي ته ايئن ڪونهي، هي ئي اهڙو ڀلارو ميلو آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڳولهي لهي ٿو، اندر جون سموريون اڪيلايون ۽ هيڪلايون پنهنجو پاڻ ختم ٿيو وڃن يا وري وِسريو وڃن، هتي اچي ئي اندر اِها گواهي ڏي ٿو ته،

“ڪهڙي منجھ حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ”

اِن حساب اِن ڳالھ کي سمجھڻ به هرون ڀرون ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونهي، پنهنجي هئڻ ۽ نه هئڻ واري حساب کي جڏهن ماڻهو ڪنهن نِسبت ۾ سمجھي وٺي ٿو ته پوءِ ڇو نه کڻي ميلا هُجن، جَھميلا هُجن، وڃائڻ يا وڃائجڻ واري ڳالھ بنھ ڪُوڙِي ٿيو پوي

هيڪلائپ يا اڪيلائپ يا وري وڃائجڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ماڻهوءَ وٽ ساڃاھ سُڃاڻپ نه هُجي، جڏهن پنهنجي هجڻ ۽ نه هُجڻ واري حساب جي ڪَلَ ماڻهوءَ کي نه پئجي سگھي، جڏهن اِها ڪلَ پئجيو وڃي تڏهن اِها ڳالھ هڪ نُقطي ۾ ئي چُڪتُو ٿيو وڃي، پوءِ ڪو به اهڙو جواز يا اٽڪ ڪونهي جيڪا ماڻهوءَ کي مُنجھائي بيهاري ڇڏي، يا اِهو گمان ٿيئي ته مان هيڪلو آهيان، اڪيلو رهجي ويو آهيان يا وري آئون ڪٿي کوئجي ڪٿي وِڃائجي ويو آهيان

مطلب ته ماڻهوءَ جو جيئڻ جڏهن ڪنهن حساب ڪتاب سان جڙي وڃي ٿو ته سموريون اڪيلايون ۽ گمنامِيون ختم ٿيو وڃن، منهنجي ڳالھ جو مقصد دنياداري وارو حساب ڪتاب ڪونهي جنهن ويتر ماڻهوءَ کي منجھائي رکيو آهي

سو ڳالھ کي اڃان به جيڪڏهن وائکو ڪجي ته ايئن چئي سگھجي ٿو ته اُهو حساب جنهن جي ڳالھ مُرشِد لطيف سرڪار ڪئي آهي اُهو حساب خالِق ۽ خلق جي وچ واري وِٿي آهي جنهن جي آروپار نِهاري ڏسي سگھجي جنهن ۾

”نائي نيڻ نِهار تون ۾ ديرو دوست جو“

وارو تصور پِنهان هُجي يا وري اِها ڳالھ سمايل هُجي ته

’مِن عرف نفسه فقد عرف ربه‘

ڀٽ شاهه ۾ سنڌ جي اُن شهزادي فقير جو ميلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو پنهنجي ڏاهپ ۽ فقيري طبيعت ڪارڻ، هڪ عالمگير شخصيت بڻجي ويو. عشق جي آڙاهه ۾ ڪِرڻ کانپوءِ هُن شهزادي جا سمورا طبق روشن ٿي ويا ۽ عشق کيس اهڙو ته اِدراڪ ڏنو جو ڪائنات سندس آڏو هڪ ڪتاب جيان بڻجي پئي ۽ اُهو شهزادو اُن ڪتاب جي صفحن ۽ بابن تي آڱريون رکندو، اهڙا ته اُچار چوندو ويو جيڪي هڪڙي تهذيب جي دستاويزي تاريخ بڻجي پيا، جن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ اڃان ڪي زمانا لڳندا.

دنيا ۾ لکين هزارين ماڻهو عشق ڪندا آهن پر اُهي چند ئي ماڻهو هوندا آهن جن کي عشق دعائن جيان ميڙيندو آهي، نه صرف ايترو پر کين عشق جي آڌار اهڙي ته ساڃاهه ملي ويندي آهي، جنهن جو ڇيهه هِن ڪائنات جي ڪنهن به حد ۾ ٿيڻ ممڪن نه هوندو آهي. آئون هڪ اهڙي شهزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن تي عشق جون اهڙيون ته ڪيفيتون طاري ٿيون جو الوهيت جا رنگ ئي رنگ ئي نرالا ٿي پيا، هي شهزادو جيڪو الائي ته ڪهڙن رنگن ۾ عشق جا اعلان ۽ نعرا هڻندي نظر اچي ٿو. عشق ۽ اُنسيت هُن جي شعور ۾ ائين سمايل آهي، جيئن ڪائنات جي رنگ ۾ تنبوري جي تند جهڙو رِڌم سمايل آهي. آئون جڏهن به سنڌ جي اُن شهزادي فقير جي آڳنڌ ۾ پنهنجو پاڻ ڳولهڻ نڪرندو آهيان ته مونکي دعائون ۽ مُرادون پتنگن جيان ڪِرندي نظر اينديون آهن، پر ايترو سو ضرور ڄاڻان ٿو ته عشق ! انسان ۽ عرفان جي وچ ۾ وڏي وِٿ آهي. الائي ڇو مونکي اُن شهزادي فقير، شاهه لطيف جو سُر کنڀات ان حوالي سان عشق جي وڏي منزل لڳندو آهي ۽ عشق جي منزل جو اهڙو ڏسُ ڏيندو آهي جنهن کي اسين لالچي مڪار ۽ طلبگار ماڻهو سمجھي نٿا سگھون.

آئون هڪڙو ناچيز ۽ ننڍڙو ماڻهو آهيان آئون نه ته ڪو دانشور آهيان ۽ نه ئي وري ڪو محقق، نه ئي وري ڪنهن وڏي سرڪاري عهدي تي فائز آهيان جو اُن شهزادي فقير جي ڪنهن به ڳالهه جو ٺيڪيدار بڻجڻ جو دعوى ڪريان. آئون ته ڀٽ شاهه جي تنبوري چؤنڪ کان وٺي اُن شهزادي جي پيرانديءَ تائين ويندي ڏڪندو ۽ ڪنبندو رهندو آهيان. منهنجي هٿن ۾ ايتري به سگھه، همٿ يا مجال نه هوندي آهي ته آئون اُن لالئون لال لطيف جي ضريح کي ڇُهي سگھان. باوجود اُن جي مونکي منهنجي سهڻي مرشد، سنڌ جي فقير شهزادي ڏاڍو ميڙيو آهي، مونکي منهنجي عقيدت جا وڏا دان ڏنا اٿائين.

هِن لمحي به آئون پنهنجي مرشد لطيف سرڪار لاءِ پنهنجي عقيدت جا گل صرف ان نيت سان پيش ڪري رهيو آهيان ته

”ڌڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏينين رُڪَ سين“.

وانگي متان ڪٿان ڪا رمز ڪٿان ڪو رنگ مونکي به مِلي پوي ۽ آئون به عشق ۽ عرفان جي اُها وِٿ لهي سگھان جيڪا ملڻ مهانگي آهي. ڀٽ شاهه موريءَ کان جڏهن رات جي اوندهي پهر ۾ ٽانگن جون ٽاپون، اُڀ طرف منهن ڪري الوهيت ۾ مست اڇي گنبذ طرف وڌنديون آهن ۽ کنڀاتي طرف کان ٽيڙو اُسري سوا نيزي جو سفر شروع ڪندا آهن ته: ’سهڻي دعا‘ هن ڪائنات کي عجيب طلسمي رنگ ڏئي ڇڏيندي آهي، مونکي نٿو لڳي ته ڪو آئون اُنهن رنگن جي عڪاسي ڪري سگھان ٿو. بس اهڙن رنگن کي صرف اندر جي ايوانن ۾ ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو. خبرناهي ڇو اڪثريتي ماڻهو جن ٻه چار اُٺ ڪتابن جا پڙهي ورتا آهن، تن کي ان ڳالهه کان چڙ لڳي ٿي ته: ”مون جھڙا ماڻهو اُن شهزادي فقير کي مُرشد ڇو ٿا ڪوٺين“. ٿي سگھي ٿو اُهي ماڻهو پنهنجي جڳهه تي درست هجن بظاهر ته کين هن زندگيءَ ۾ وڏا عهدا ۽ مرتبا ملندا رهندا آهن پر ڇا ڪوئي به مُرشد لطيف سرڪار جي هڪڙي سِٽ جي حقيقي تصوير پيش ڪري سگھيو آهي ته:

”ڪوڙين ڪَن سلام، اچي آڳهه اُن جي“

اڄ به اُن سفيد گنبذ هيٺان سُتل اُهو شهزادو فقير لولاڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ راڄ آهن جيڪي ڏينهن رات پيا سندس آڳنڌ مان دعائون ۽ مُرادون ميڙين. جيڪڏهن علم ۽ دانائي اهڙن مرتبن جي ساکي هجي ها ته پوءِ هر ڪو ٻه چار ڪتاب پڙهي، ٻه چار اکر لکي وڃي اُنهن مرتبن کي رسي ها. دنيا جا عهدا ۽ اختيار ٻي ڳالهه آهن ۽ ڪائنات جا اسرار ۽ اختيار حاصل ڪرڻ هڪ ٻي ڳالهه آهي جيڪي بهرحال ڏکيون ۽ انوکيون رمزون آهن بس ڳالهه صرف ايتري آهي ته دنيا جهان ۽ ڪائنات جون رمزون ڄاڻيندي به اُن جو اظهار نه ڪرڻ ۽ سدائين پنهنجي رنگ ۽ عاجزيءَ ۾ رهڻ فقيري آهي. جڏهن ته ڪجھه به نه ڄاڻيندي وڏيون دعوائون ڪرڻ بخيلي ۽ اميري آهي. الف جي ڄاڻ به نه هوندي ڪتاب ڪُلهن تي کڻڻ هڪڙي ٻي ڳالهه آهي ۽ ڪيئي ڪتاب اندر ۾ اوتيل هجڻ باوجود الف به نه ڪُڇڻ هڪڙي ٻي ڳالهه آهي. سو اهڙي شخصيت اهڙي شهزادي عاشق فقير تي لکڻ ڏاڍو محال آهي جيڪو پنهنجي جُز ۾ ڪُل ڪائنات جا رنگ سمائي ويٺو آهي جيڪو پنهنجي تند ۾ سارو جهان تپائي ويٺو آهي هُن زندگي ۽ ڏانءُ کي جيئن پيش ڪيو آهي سو اسان جي سوچ ۽ پهچ کان مٿانهون آهي اسين ته سندس ڪلام جي اکرن ۽ ورقن تي ماڪوڙين جيان سُري ۽ چُري رهيا آهيون انهن لفظن جملن ۽ سٽن جو پڙلاءُ تمام وشال آهي. اسين اُن پڙاڏي اُن سڏ کي سمجھي ان لاءِ به نه ٿا سگھون جو اسان جون اکيون صرف ڪارِ جهان تي کٿل آهن. اسان جون محبتون ۽ عبادتون صرف ڀرم آهن اسان ته رياضتن کان اڃان ڪوهين ڏور آهيون. سچ ۽ حق جي تلاش اسان جي لاءِ ان ڪري به ممڪن ڪونهي جو اسين پنهنجي ذات جي ڪوڙ مان نڪري نه سگھيا آهيون. شيخ اياز جون هي سٽون مونکي ياد پئجي رهيون آهن ته:

”اي عشق! ڪري ثابت ڏيکار، مڃون ٿا ته تون،

ڪري آباد دل جا ويرانا ڄاڻين“

ها بلڪل عشق، دل جا ويرانا آباد ته ڪندو آهي پر گڏوگڏ آباد دليون به ويران ڪري رکندو آهي پر آئون جنهن ويراني آباد ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو سي ويرانا هن ڪائنات جا تاريڪ گوشا آهن، هن ڌرتي، هن سرزمين جا گمنام حصا آهن جن کي عشق ائين آباد ڪيو آهي. جو اُهي ڪڏهن مدينا بڻجي پيا آهن ته ڪڏهن وري ڪربلائون ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اُهي وارياسون ڀٽون جن کي عشق ۽ رياضت ڀٽ شاهه جو نالو ڏئي هميشه لاءِ امر ۽ زندهه ڪري ڇڏيو آهي.

سو ڳالھ بس اُن فيض، علم ۽ روشني جي آهي جيڪا اسان جهڙن لکن ڪروڙن ماڻهن جي فطرت مان نڪري اسانجي طلب جو ذريعو بڻجي پئي آهي. بظاهر اسين اُٺ ڪتابن جا پڙهي ويٺا آهيو ۽ کُڏَ جيڏين مسندن (ڪُرسين) تي ويٺا آهيون پر نه ڪَڙهي سگهيا آهيون نه وري ڪجھ ونڊي سگهئون ٿا. اسان پنهنجي مان واري محل جا سمورا در ۽ دريون بند ڪري ڇڏيون آهن.

جڏهن ته مدينا علم جا هُجن، ڪربلائون عشق جون هجن يا ڀِٽون لطيف جون هجن تِن جا آڳنڌ آسڻ سدائين کُليا ۽ ڦهليا پيا آهن جنهن کي جيڪو کَپي گُهري وٺي ۽ دامن ڀري وڃي، مطلب

نه ڪا جلھ نه پل، سڀڪا پَسي پرينءَ کي.
 
Br4mL5X.jpg


Br4mL5X.jpg
 
Back
Top