ويا ڪرڻ جي اهم جز ’فعل‘ جو مختصر اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ويا ڪرڻ جي اهم جز ’فعل‘ جو مختصر اڀياس

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    ڪنـﮬـن به عنوان جو ٻيـﮬـر اڀياس ڪرڻ سان ضرور ڪي نه ڪي نوان خيال ظاهر ٿين ٿا، جن پاسن ڏانـﮬـن عام خيال ويو ئي ناهي هوندو. اهڙو خيال رکي ڪري ڪنـﮬـن به عنوان جو ٻيـﮬـر اڀياس ڪيو ويندو آهي. اڀياس جو مقصد ڇا هئڻ گهرجي؟ اڀياس جو دائرو ڪيترو آهي؟ اڀياس ۾ معيار جاچڻ جو ڪيترو عمل دخل آهي؟ اڀياس جو واسطو ’مسئلي‘ سان ڪيترو آهي؟ يعني مسئلو پنـﮬـنجي طرفان وضع ڪبو آهي يا اڀياس منجهان واضح ڪبو آهي؟ يا جنـﮬـن موضوع/ عنوان تي ڪم ڪجي ٿو سو واقعي به مسئلو/ معاملو آهي يا صرف لکڻ جي طاقت جو مظاهرو ڪرڻو آهي؟ اهڙن سوالن جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪافي کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي.
    ايم. فل/ پي. ايڇ. ڊي سطح تي ڪم ڪندڙ دوستن کي گرامر جي مڙني نڪتن/ موضوعن مان ڪنـﮬـن به هڪ نڪتي/ موضوع تي ٻيـﮬـر اڀياس ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ جي گذارش ڪجي ٿي. وياڪرڻ جي اٺن لفظن مان ’فعل‘ جو جز ايڏو ته ڊيگهارو ۽ وسيع آهي جو ان تي ٻيـﮬـر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ قوَت گهرجي؛ ليڪن مون کي صرف درسي سطح تائين صرف فعل جي وصف جو اڀياس ڪرڻو آهي، سو به ان حالت ۾ جنـﮬـن حالت ۾ طالب علمن کي پڙ ﮭـايو وڃي ٿو. جڏهن ته فعل جي قسمن مان فعل متعدي ۽ لازميءَ جو الڳ سان اڀياس ڪيو ويو آهي. هتي فعل جِي وصف جي اهم اختلافي پاسن کي جاچڻ ۽ ڪي آسان دائرا ڳولهڻ پڻ مقصود آهي. عام طور فعل جي وصف هيٺين ريت پڙﮭـائي ويندي آهي:
    فعل جي وصف: ڪنهن جملي مان ڪم جي ڪرڻ، سهڻ، پوڻ، هئڻ ۽ ٿيڻ جي معنى نڪري ان کي فعل چئجي.
    فعل جي جزن کي فعل جي ٻن ڀاڱن سان سلـﮬـاڙيو ويندو آهي: مکيه فعل ۽ معاون فعل
    (الف) مکيه فعل جا جز: ڪرڻ ۽ سهڻ
    1. باقاعدي فعل: مارڻ- ماريو، پڙهڻ- پڙهيو، پڙهائڻ- پڙهايو؛
    22. بي قاعدي فعل: ڏسڻ- ڏٺو، کائڻ- کاڌو، پيئڻ- پيتو، کيڏائڻ- کيڏاريو؛

    (ب) معاون فعل جا جز: هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ
    1. آزاد معاون فعل: هي .... آهي، ... منـﮬـنجو ٿيو،
    22. پروس معاون فعل: لکندو آهي، پڙهندو آهي،

    (ج) مرڪب فعل: ڏسي اچڻ، لکي وڃڻ وغيره

    (الف) مکيه فعل (ڪرڻ ۽ سـﮬـڻ)
    باقاعدي/ بي قاعدي فعل
    مکيه فعل جا ٻه حصا آهن، باقاعدي (Regularr) ۽ بي قاعدي(Irregular) . هيءَ تفريق مڙني ٻولين ۾ ٿئي ٿي؛ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان چند عالمن اهڙي وضاحت ڪئي آهي:
    مرزا قليچ بيگ صاحب اسم مشتق واري فصل ۾ لکي ٿو ته:
    ”جيئن ته مصدر اسم آهي پر معنى فعل جي ٿو ڏئي ۽ منجهانئس ٻيا فعل ٿا نڪرن، تيئن ’اسم مشتق‘ به اهڙن ڪن اسمن کي چئبو آهي جي مصدر مان نڪرن ٿا يا جڙن ٿا. اهي آهن: اسم فاعل، اسم مفعول ۽ اسم حاليه.“ (قليچ، 2006: 198)
    مرزا صاحب امر مان جڙندڙ جيڪي صورتون ڏنيون آهن تن کي ٻن ڀاڱن ۾ ٻڌايو آهي، هڪ: باقاعدي، ٻيو: بي قاعدي؛ مثال هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿو ته: ”گهڻا اسم مفعول امر وانگي بيقاعدي جڙيل آهن، جيئن ته: … ڀڄڻ ۽ ڀڃڻ مان ڀڳل ۽ ڀڳو، بيـﮬـڻ مان بيٺل ۽ بيٺو، پرچڻ مان پرتل ۽ پرتو … وغيره. (ص: 199)
    ڪاڪو ڀيرومل صاحب لکي ٿو ته:
    ”فعل باقاعدي: مارڻ- ماريو؛ هلڻ- هليو. هن طرح جن فعلن جو اسم مفعول بلڪل قاعدي موجب جڙي ٿو تن کي فعل باقاعدي چئبو آهي.
    فعل بيقاعدي: اچڻ- آيو؛ وڃڻ- ويو. هن طرح جن فعلن جو اسم مفعول سڌيءَ طرح نه ٿو جڙي تن کي فعل بيقاعدي چئبو آهي. (ڀيرومل، 1985: 116- 117)
    ابڙو عبدالرحيم ارشد لکي ٿو ته:
    ”باقاعدي فعل: اهڙا فعل، جن جو اسم مفعول، امر واحد جي پويان ’يو‘ يا ’يل‘ ملائڻ سان جڙي، تن کي باقاعدي فعل چئجي. مثال: لنگهڻ مان لنگهيو، مارڻ مان ماريو، پڙﮭـڻ مان پڙﮭـيو يا پڙﮭـيل.
    بي قاعدي فعل: اهڙا فعل، جن جو اسم مفعول، امر واحد جي پٺيان ’يو‘ يا ’يل‘ ملائڻ سان نه جڙي، تن کي ’بي قاعدي فعل‘ چئجي. مثال: رئڻ مان رنو، کائڻ مان کاڌو، پيئڻ مان پيتو.“ (ابڙو، 1986: 16- 17)

    مکيه فعل جي اٿلاڻي
    هونئن ته فعل جا ٻه مکيه قسم آهن: لازمي ۽ متعدي؛ ليڪن هتي مکيه فعل مان مراد اها آهي، جنـﮬـن ۾ (فعل معاون کان سواءِ) فعل جا جز: ڪرڻ ۽ سـﮬـڻ ڪم ايندا هجن ۽ ان ۾ سڌو سنئون ڪنـﮬـن ’ڪم‘ جو اظـﮬـار هجي. اهڙي مکيه فعل کي عالمن ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي: هڪ: باقاعدي فعل، ٻيو: بيقاعدي فعل.
    باقاعده فعل جون ٻه صورتون سامهون اچن ٿيون:
    باقاعدي فعل ان ڪري ڪوٺيو ويو آهي، جو ان جي ڦيري جي جوڙجڪ عام پڇاڙين (ڻُ، يو ۽ يل) سان ٿئي ٿي؛ جيئن: ٽوڙ- ٽوڙڻ- ٽوڙيو- ٽوڙيل، رکُ- رکڻ- رکيو- رکيَل وغيره.
    باقاعدي فعل جي ڦيري واريون پڇاڙيون (ڻُ، يو ۽ يل)، فعل باالواسطه/ ٻٽو باالواسطه ۾ به ڪم اچن ٿيون؛ پوءِ اهو باقاعدي فعل هجي يا بيقاعدي فعل؛ جيئن:
    فعل باالواسطه: روئاءِ- روئائڻ- روئايو- روئايَل
    فعل ٻٽو باالواسطه: روراءِ- رورائڻ- رورايو- رورايَل
    بيقاعدي فعل جون به ٻه صورتون سامهون اچن ٿيون:
    بيقاعدي فعل جي ڦيري وارين پڇاڙين ۾ سواءِ آخري حرف (ڻ، و ۽ ل) ۽ ماقبل آخري سُر (اَڻ، اَل) جي، باقي آوازن جي تبديلي ٿئي ٿي، جنـﮬـن سبب ان کي بيقاعدي فعل ڪوٺيو ويو آهي: جيئن: ڇڄُ- ڇڄڻ- ڇڳو- ڇڳل.
    بيقاعدي فعل جي ڦيري وارين پڇاڙين ۾ عام ’يو ۽ يل‘ جي بجاءِ ’او ۽ اَل‘ جا آواز ٿين ٿا ۽ وچ وارا آواز تبديل نه ٿا ٿين، جنـﮬـن سبب ان کي به بيقاعدي فعل ڪوٺڻ گهرجي؛ جيئن: ڇنُ- ڇنَڻ- ڇنو- ڇنل.

    معاون فعل (هئڻ، ٿيڻ ۽ پوڻ)
    معاون فعل (auxiliary/ helping/ to be verbb) ٻوليءَ ۾ ڪڏهن اڪيلي سِر ته ڪڏهن زمان جي واضح رهڻ ۾ ٻين فعلن کي ٽيڪ ڪرائيندا آهن، يعني معاون فعل جي حيثيت به ٻن حصن ۾ نوٽ ڪئي وئي آهي. هيٺ معاون فعل بابت عالمن جا دائرا پيش ڪجن ٿا:
    مرزا قليچ بيگ صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”(1) گلاب هتي آهي. (22) گلاب ڪالهه هتي هو. (3) گلاب منـﮬـنجو سؤٽ ٿئي.
    ’آهي‘ ۽ ’هو‘ فعل ’هئڻ‘ مان ٺـﮬـيا آهن ۽ ’ٿئي‘ فعل ’ٿيڻ‘ مان ٺـﮬـيو آهي. هئڻ ۽ ٿيڻ فعل لازمي آهن. اهي فعل مٿين ريت ڪڏهن پاڻمرادو ڪم اچن ٿا ۽ ڪڏهن ٻين فعلن سان گڏ ڪم اچن ٿا. جيئن هيٺ ڄاڻائجي ٿو:
    گلاب خط لکيو. (ڪنـﮬـن گذريل وقت ۾، ڪم پوري ٿيڻ جي ڳالهه)
    گلاب خط لکيو آهي. ( ويجهڙائيءَ ۾ ڪم پوري ٿيڻ جي ڳالهه)
    گلاب خط لکيو هو. ( گهڻو اڳ، گذريل وقت ۾ ڪم پوري ٿيڻ جي ڳالهه)
    گلاب خط لکيو ٿي. (گذريل وقت ۾، ڪم چالو رهڻ جي ڳالهه)
    هنن مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ’هئڻ‘ ۽ ’ٿيڻ‘ جي فعل لازمي آهن، سي ٻيئي فعل ’لکيو‘ سان گڏ ڪم آيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح جدا جدا زمانن (وقتن) جي معنى ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي اٿن. اهڙيءَ مدد ڏيڻ ڪري انهن کي ’فعل معاون‘ سڏبو آهي. معاون معنى مددگار.“ (قليچ، 2006: 33)
    مرزا قليچ بيگ صاحب معاون فعل ۾ ’هئڻ ۽ ٿيڻ‘ کي شامل ڪيو آهي.
    پروفيسر ڀيرومل آڏواڻي صاحب لکي ٿو ته: ”(11) مان خط لکان ٿو. (هلندڙ وقت ۾)؛ (2) مون خط لکيو هو. (گذريل وقت ۾)؛ (3) مون کي خط لکڻو آهي. (ايندڙ وقت ۾). هتي پـﮬـرئين جملي ۾ ’لکان‘ سان گڏ ’ٿو‘ لفظ ڪم آيو آهي جو فعل ’ٿيڻ‘ مان ٺـﮬـيو آهي. ٻئي جملي ۾ لکيو سان گڏ ’هو‘ لفظ ڪم آيو آهي ۽ ٽئين جملي ۾ ’لکڻو‘ سان گڏ ’آهي‘ لفظ ڪم آيو آهي. ’هو‘ ۽ ’آهي‘ لفظ فعل ’هئڻ‘ مان ٺـﮬـيا آهن. اهڙيءَ طرح هئڻ ۽ ٿيڻ جي فعل لازمي آهن سي ٻين فعلن سان گڏ جدا جدا زمانن (وقتن) جي معنى ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا تنـﮬـن ڪري اهن کي فعل معاون سڏبو آهي. معاون معنى مددگار يا واهرو. فعل معاون اهو فعل آهي جو ٻين فعلن جي زمانن جوڙڻ ۾ مدد يا واهر ڪري ٿو.“ (ڀيرومل، 1985: 91- 92)
    اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به فعل ڪم اچن ٿا سي يا لازمي يا متعدي آهن، تنـﮬـنڪري اهي ئي ٻه مکيه فعل آهن. انهن کي بنيادي فعل به چئبو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي معاون ۽ اڪرترڪ فعل آهن سي اصل فعل لازمي آهن، جيڪي بالواسطه فعل آهن سي اصل متعدي فعل آهن ۽ ٻئي لازمي توڙي متعدي فعل معروف ۽ مجـﮬـول صورت وٺن ٿا تنـﮬـنڪري چئبو ته سڀني فعلن جو بنياد اهي ئي ٻه فعل آهن.“ (ڀيرومل، 1985: 97)
    ڀيرومل صاحب پڻ معاون فعل ۾ ’هئڻ ۽ ٿيڻ‘ کي شامل ڪيو آهي.
    آغا تاج محمد خان ۽ قاضي جان محمد لکي ٿو ته: ”هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ فعلن جا ڌار ڌار زمان (لفظ) ڪنـﮬـن به فعل جي پٺيان آڻبا ته اصلوڪي فعل جي معنى ۽ زمان ڦري ويندو. هن مان ثابت آهي ته اهي مٿيان فعل ٻين فعلن جي پٺيان اچي زمان ٺاهين ٿا (زمانن ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا) تنـﮬـنڪري کين سڏبوئي معاون (مددگار) فعل ڪري آهي … اهڙا فعل جن جي فعل جي زمانن جوڙڻ ۾ مدد ڪن تن کي فعل معاون چوندا آهن. معاون فعل اڪثر هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ مصدر جا زمان يا لفظ آهن.“ (آغا، 1951: 124)
    آغا تاج محمد خان وري ’هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ‘ کي معاون فعل ۾ شامل ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته: ”معاون لفظ جي معنى آهي مددگار. انهيءَ ڪري هن قسم واري فعل کي مددگار، مددي ۽ امدادي فعل به چوندا آهن. فعل معاون، ڪن زمانن ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جيئن: زمانن واري باب ۾ معلوم ٿيندو، پر هت هن جي وضاحت ڪرڻ ضرور آهي.
    شيخ واحد بخش شيخ صاحب، پنـﮬـنجي ڪتاب، ’سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحوَ‘ جي ڀاڱي پـﮬـرئين ۾ صفحي 355 تي فعل معاون کي ’فعل ناقص‘ سڏيو آهي. شيخ صاحب ’فعل ناقص‘ جي عنوان هيٺ صفحي 355 تي لکيو آهي ته:
    ’اهو فعل، جو جملي جي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ٻين لفظن جو محتاج رهي، تنـﮬـن کي فعل ناقص يا اڻپورو چئبو آهي، مثلاً: طوبى بـﮬـشت ۾ هڪ وڻ آهي.‘
    شيخ صاحب وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ’انهيءَ جملي ۾ ’آهي‘ فعل‘ جو مدار ’وڻ‘ تي آهي، ڇاڪاڻ ته مذڪور لفظ جيڪڏهن جملي مان ڪڍي ڇڏجي ته فعل اڻپورو رهجي ويندو ۽ جملي جو پورو مطلب نه نڪرندو، تنـﮬـنڪري ’آهي‘ فعل‘ کي ’ناقص فعل‘ سڏجي ٿو.‘
    دراصل، ’آهي‘ فعل کي ’ناقص فعل‘ سڏڻ جي بدران، ’فعل معاون‘ سڏڻ وڌيڪ درست لڳندو، جيئن شيخ واحد بخش صاحب پاڻ به پنـﮬـنجي ساڳئي ڪتاب جي پـﮬـرئين ڀاڱي صفحي 357 تي ’آهي‘ فعل کي ’فعل معاون‘ سڏيندي، ان جي سمجهاڻي ڏئي لکي ٿو ته: ” فعل معاون اهو فعل آهي جو ٻئي فعل جي صيغن يا زمانن ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ۽ اڻپوري فعل جي معنى کي پورو ڪري يا ان کي اضافي معنى ڏئي ٿو.‘ “ (الانا، 2010: 142)
    ڊاڪٽر الانا صاحب جي وضاحت ۾ ڪي جز معلوم نه ٿا ٿين، البته، ’فعل ناقص‘ تي اختلاف رکي ٿو.
    واحد بخش شيخ صاحب لکي ٿو ته: ”فعل معاون اهو فعل آهي جو ٻئي فعل جي صيغن يا زمانن ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ۽ اڻپوري فعل جي معنى کي پورو ڪري يا ان کي اضافي معنى ڏئي. ’معاون‘ لفظ جي معنى آهي ’مددگار‘، انهيءَ ڪري هن فعل کي مددگار، مددي يا امدادي فعل به چئبو آهي.
    عام طرح ’ٿيڻ‘، ’پوڻ‘ هئڻ‘، ’سگهڻ‘، ’رهڻ‘ ۽ ’وتڻ‘ مصدرن جا مختلف صيغا فعل معاون جي معنى ۾ استعمال ٿيندا آهن؛ مثلاً:
    الله وٽ اهو ماڻهو عزيز آهي جو پنـﮬـنجي هٿن جو پورهيو ڪري روزي ڪمائي ٿو.
    گهڻي ڪم ڪرڻ سان ماڻهو ٿڪجي پوندو آهي.
    ننڍڙو ٻار هرڪنـﮬـن کي وڻندو آهي.
    دوست کي خط مليو هوندو.
    موت کي ڪوئي مات نه ٿو ڪري سگهي.
    ٻار کي هڪ دفعو ڪنـﮬـن بري ڪم جي عادت پئي ته هو وڏي هوندي به اهو ڪم ڪندو رهندو.
    فقير انهيءَ کي چئبو جيڪو سدائين ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندو وتي.
    مٿين جملن ۾ ’ٿو‘، ’پوندو‘، ’آهي‘، ’هوندو‘، ’سگهي‘، ’رهندو‘ ۽ ’وتي‘ فعل معاون جا لفظ آهن.
    مکيه فعل اگرچه ذاتي طرح پوري معنى ڏيئي سگهي ٿو، پر انهيءَ کي به فعل معاون جي ضرورت پوندي آهي، نه ته ان جا مختلف زمان يا صيغا نه ٺـﮬـي سگهندا. (شيخ، 1986: 357- 358)
    محترم شيخ صاحب جيڪي فعل معاون جا مثال ڏنا آهن، سي ٻوليءَ جو مزاج ۽ صيغو بيان ڪن ٿا.
    ابڙو عبدالرحيم ارشد صاحب لکي ٿو ته: ”معاون معنى مددگار. هن کي معاون ان ڪري ڪوٺيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته هي فعل خاص ڪري فعلن جي زمانن جوڙڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. فعل معاون ڪو جدا فعل ناهي. فعل لازميءَ مان جڏهن ’هئڻ‘ جي معنى نڪرندي آهي، تڏهن کيس فعل معاون چئبو آهي. ترڪيب وقت اڪيلي حالت ۾ کيس ’فعل لازمي‘ چئبو آهي ۽ ٻي صورت ۾ فعل معاون، مکيه فعل سان ملائي، يڪو فعل ڪري ڳڻبو آهي. (ابڙو، 1986: 15- 16)
    استاد نور محمد کوسو صاحب لکي ٿو ته: ”معاون معنى مددگار. مڪمل فعل جو اهڙو حصو جيڪو فعل جي زمان ٺاهڻ جو ڪم ڏئي، ان کان پوءِ ئي فاعل جي ڪم جو صحيح وقت مقرر ڪري سگهبو. هي ٽن مصدرن مان نڪرندو آهي، اهي آهن: هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ؛ مثال:
    مصدر: هئڻ، پوَڻ، ٿيڻ
    حال: آهي، آهن، آهيون
    ماضي: هو/ هئو، هيون، هئا
    مستقبل: هوندو، هوندا، هونديون (کوسو، 2005: 52)
    کوسي صاحب جيڪي مثال ڏنا آهن سي مڙئي فعل جي جز ’هئڻ‘ جا آهن، پوَڻ يا ٿيڻ جو ڪو ظاهري مثال موجود ڪونهي؛ خبر ناهي ته استاد کوسي صاحب کان ٻين جزن جي مثالن ڏيڻ ۾ نظر چڪ ٿي آهي يا انهن ئي مثالن کي ٽنهي جزن جا مثال سمجهي ٿو!
    محترم دادا سنڌيءَ باقاعدي ۽ معاون فعل جو گڏيل چارٽ ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:
    ’ڪرڻ‘ جي معنى وارا لفظ: ڊوڙيو- ويو- ٽُٽو- اٿيو- ويٺو- گهميو- ڦريو- چڙﮭـيو- سمجهيو- ڊنو وغيره.
    ’پوَڻ ۽ ٿيڻ‘جي معنى وارا لفظ: پيو- پئي- پوندو- ٿئي ٿو- ٿيو ٿي- ٿيندو وغيره.
    ’هئڻ‘ جي معنى وارا لفظ: آهي- هوندو- هيو- هجي- هو وغيره.
    ’سَـﮬـڻ‘ جي معنى وارا لفظ: ڪُٺو- وڍيو- چيريو- ڏاريو- ڦاڙيو- ڪاڙهيو- ماريو- لکيو وغيره.
    (دادا، 2010: 23)
    معاون فعل جي اٿلاڻي
    عالمن جي ڄاڻايل وضاحتن/ دائرن موجب هيٺيان نڪتا سامهون اچن ٿا:
    (11) معاون فعل جا ٻه ڪارج سامهون اچن ٿا، هڪ: اڪيلي سِر ڪم اچڻ؛ ٻيو: فعل کي زمان جي واضح هجڻ ۾ ٽيڪ ڪرائڻ؛ جيئن:
    o آزاد معاون فعل: گلاب هتي آهي.
    o پائبند معاون فعل: گلاب خط لکيو آهي.
    (22) عام طور فعل جا پنج جزا ٻڌايا ويندا آهن ڪرڻ، سـﮨـڻ، هئڻ، ٿيڻ ۽ پوڻ،؛ انهن مان ’هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ‘ جا جزا معاون فعل ۾ ڪم آندا ويندا آهن؛ اختلاف اهو ٿو اچي ته ڪن عالمن ٻه ڄاڻايا آهن ته ڪن ٽي ڄاڻايا آهن.
    (33) شيخ صاحب ’ٿو‘، ’پوندو‘، ’آهي‘، ’هوندو‘، ’سگهي‘، ’رهندو‘ ۽ ’وتي‘ کي فعل معاون جا لفظ قرار ڏئي ٿو.
    (4) ڀيرومل صاحب معاون فعل ۽ اڪرترڪ فعل کي فعل لازميءَ ۾ هجڻ جو اشارو ڏئي ٿو. ابڙو صاحب فعل معاون کي جدا فعل نه ٿو چئي بلڪ فعل لازميءَ ۾ ڪم ايندڙ ڪوٺي ٿو.
    (55) واحد بخش شيخ صاحب معاون فعل کي ’فعل ناقص‘ پڻ ڪوٺي ٿو. ’فعل ناقص‘ جو اصطلاح ڪم آڻي ته سگهجي ٿو، ان صورت ۾ جڏهن ’معاون فعل‘ کان سواءِ ڪنـﻫـن مکيه فعل مان زمان واضح نه بيـﮬـي؛ ليڪن هتي معاون فعل کي ناقص ڪوٺڻ وارو خيال ابتو ڄاڻايل آهي.
    معاون فعل جا ٻه ڪارج
    اصولي طور تي معاون فعل ان کي چوَڻ گهرجي، جيڪي ڪنـﮬـن مکيه فعل سان گڏجي گهربل زمان (وقت) ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڏين؛ اهڙي وضاحت مرزا قليچ بيگ جي حوالي مان ملي ٿي. ٻئي پاسي جن جملن ۾ مکيه فعل کان سواءِ معاون فعل اڪيلي سِر ڪم اچن ٿا تن کي به معاون فعل جي زمري ۾ آندو وڃي ٿو؛ اهڙي وضاحت پڻ مرزا صاحب جي حوالي مان ملي ٿي. واحد بخش شيخ صاحب جي حوالي ۾ پڻ اڪيلي سِر معاون فعل جو جملو ملي ٿو ، جنـﮬـن کي شيخ صاحب ’فعل ناقص‘ ڪوٺي ٿو ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب ان کي ’فعل معاون‘ سڏي ٿو.
    اهڙي جائزي بعد اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته ’معاون فعل‘ جا ٻه رخ آهن، جن جو الڳ الڳ ڪارج آهي: (1)آزاد معاون فعل، (2) پائبند معاون فعل.
    آزاد معاون فعل ان صورت ۾ ٿو چئي سگهجي جو هي صرف اڪيلي سِر ڪم آندو وڃي ٿو ۽ جملي ۾ ڪنـﮬـن به ٻئي فعل يا مددي فعل جي گهرج نه ٿي پوي؛ جيئن: گلاب منـﮬـنجو دوست آهي/ اٿؤ.. مون وٽ سؤ رپيا هئا. منـﮬـنجا توڏي ٻه هزار رپيا ٿيا.
    پائبند معاون فعل ان صورت ۾ ٿو چئي سگهجي جو ڪنـﮬـن جملي ۾ مکيه فعل سان ئي درست مراد ڏئي سگهندو هجي؛ اهڙي جملي ۾ مکيه فعل سواءِ پائبند معاون فعل جي هجڻ سان، غلط مراد واري تصور کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي؛ جيئن:
    مکيه فعل ۽ پائبند معاون فعل: گلاب خط لکيو آهي.
    (هن جملي ۾ مکيه فعل ۽ پائبند معاون فعل سان ئي گهربل زمان ماضي قريب واضح ٿئي ٿو.)
    پائبند معاون فعل کان سواءِ: گلاب خط لکيو.
    (هن جملي ۾ معاون فعل سواءِ جملو زمان ماضي مطلق/ سادو ٿي وڃي ٿو.)
    صرف پائبند معاون فعل: گلاب خط آهي.
    (هن جملي ۾ مکيه فعل کان سواءِ، ڇڙو پائبند معاون فعل ڪم آڻڻ سان جملي جي حيثيت ئي ڦري وڃي ٿي.)
    نوٽ: آزاد ۽ پائبند معاون فعل جا اصطلاح ڪنـﮬـن به عالم/ استاد بيان نه ڪيا آهن؛ انهن جي هجڻ جو احساس اڀياس مان اخذ ٿيو آهي، ان سببان جعلي (هٿرادو) اصطلاح تنقيد خاطر رکيا ويا آهن.
    معاون فعل جا جز
    عام وصف موجب فعل جا پنج جز ڄاڻايا ويندا آهن، انهن مان ڪن ٻن جزن ته ڪن ٽن جزن کي معاون فعل ۾ شامل ڪيو آهي؛ جنـﮬـن مان اختلاف ظاهر ٿئي ٿو:
    اهي عالم جن معاون فعل جا ٻه جز ڄاڻايا آهن: مرزا قليچ بيگ، پروفيسر ڀيرومل آڏواڻي
    اهي عالم جن معاون فعل جا ٽي جز ڄاڻايا آهن: آغا تاج محمد، نور محمد کوسو، شيخ واحد بخش
    اهي عالم جن معاون فعل جو هڪ جزو ڄاڻايو آهي: ابڙو عبدالرحيم
    اهي عالم جن معاون فعل جا جزا الڳ نه ڄاڻايا آهن: ڊاڪٽر الانا صاحب، دادا سنڌي
    حقيقت ۾ شيخ واحد بخش ۽ دادا سنڌيءَ معاون فعل جا جيڪي درست لفظ ڏنا آهن تن مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته فعل جا ٽي جز ’هئڻ، ٿيڻ ۽ پوَڻ‘ آهن؛ ان کان علاوه آغا تاج محمد۽ استاد نور محمد کوسي پڻ اهي ئي ٽئي جز ڄاڻايا آهن.
    شيخ صاحب جي ڄاڻايل معاون فعل جي لفظن جِي ڇنڊڇاڻ
    عام طور تي معاون فعل طو ر جيڪي لفظ استعمال ٿيندا آهن، تن کي وڌ ۾ وڌ ٽن جزن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي؛ ليڪن جڏهن واحد بخش شيخ جا ڄاڻايل لفظ: ’ٿو‘، ’پوندو‘، ’آهي‘، ’هوندو‘، ’سگهي‘، ’رهندو‘ ۽ ’وتي‘ معاون فعل سامهون رکجن ٿا ته ڄڻ ڄاڻايل ٽن جزن کان اضافي پيا محسوس ٿين؛ ان لاءِ اهڙي جائزي لـﮬـڻ بعد ڪو حاصل مطلب ملي سگهي ٿو:
    هئڻ (معاون فعل جو جز): آهي، هوندو
    ٿيڻ (معاون فعل جو جز): ٿو
    پوَڻ (معاون فعل جو جز): پوندو
    چند لفظ ته ڄاڻايل ٽن جزن ۾ سمائجن ٿا، ليڪن ’سگهي‘، ’رهندو‘ ۽ ’وتي‘ وارا معاون فعل مذڪوره جزن کان ٻاهر ٿي بيـﮬـن ٿا. ان مان اهوئي اخذ ٿئي ٿو ته اسين جيڪي ٽي معاون فعل جا جز ڄاڻايون ٿا تن ۾ ٽي معاون فعل جا جز ’سگهڻ‘، ’رهڻ‘ ۽ ’وتڻ‘ به شامل ڪري سگهون ٿا.
    هن نڪتي جي اڀياس مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته: معاون فعل جا جز: هئڻ، ٿيڻ، پوَڻ، سگهڻ، رهڻ ۽ وتڻ آهن؛ پر جيئن ته عام طور وياڪرڻي وصفن ۾ اختصار کي اهميت آهي، ان لاءِ اهو ئي هجڻ گهرجي ته ڄاڻايل ٽن معاون فعل جي جزن ۾ باقي معاون فعل جا جزا سمائي ڄاڻائڻ گهرجن. اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته باقي معاون فعل جي لفظن جي به اوتري ئي اهميت آهي، جيتري مستعمَل معاون فعل جي جزن جي!
    بقايا معاون فعل جي لفظن جي ورهاست:
    هئڻ (معاون فعل جو جز): سگهڻ
    ٿيڻ (معاون فعل جو جز): ---
    پوَڻ (معاون فعل جو جز): رهڻ، وتڻ
    بقايا معاون فعل جا جز نظرانداز ڪرڻ جوڳا ناهن، تن کي هيٺين بنيادن تي مستعمَل جزن ۾ شامل ڪرڻ جي راءِ رکجي ٿي:
    رهڻ ۽ وتڻ: جيئن ته هي لفظ ڪنـﮬـن جملي ۾ لڳاتار عمل جي هجڻ جو اظـﮬـار ڪندا آهن، ان سبب ان کي لڳاتار عمل ڏيکاريندڙ معاون فعل جي جز: ’پوَڻ‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ڪاڪي ڀيرومل صاحب اهڙن لفظن کي ’سانڌپائي ڏيکاريندڙ‘ مرڪب فعل ۾ شمار ڪندي لکي ٿو ته: ”لکندو ڀُڻڻ- جاڳندو رهڻ- رلندو وتڻ- اهڙيءَ طرح اسم حاليه جي پٺيان ڀڻڻ، رهڻ، وتڻ فعل آڻبا آهن ته اهي ڪم جي سانده هلڻ جي معنى ڏيکاريندا آهن، تنـﮬـن ڪري انهن کي ’سانڌپائي ڏيکاريندڙ‘ مرڪب فعل چئبو آهي.“ (ڀيرومل، 1985: 149)
    سگهڻ: جيئن ته هي لفظ سگهه يا وس جي هجڻ يا هئڻ مان جڙيو آهي يعني ’هجڻ يا هئڻ‘ جي ويجهو آهي ۽ ان ڪري ان کي ’هئڻ‘ ۾ شامل ڪجي ٿو.
    معاون فعل ۽ اڪرترڪ فعل ۾ ويجهڙائپ
    پروفيسر ڀيرومل صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ” جيڪي معاون ۽ اڪرترڪ فعل آهن سي اصل فعل لازمي آهن“ هن ڳالهه جو انتـﮬـائي مختصر جائزو وٺڻ ضروري آهي؛ هيٺ چند جملا ڄاڻائجن ٿا:
    معاون فعل جا جملا (مکيه فعل سواءِ): گلاب هتي آهي. گلاب ڪالهه هتي هو. گلاب منـﮬـنجو سؤٽ ٿئي.
    اڪرترڪ فعل جا جملا: پينگهي ۾ لڏجي ٿو. ڪم ڪبو آهي ته ٿڪ ٿيندو آهي. ڊوڙبو ته پگهر ٿيندو.
    هنن مثالن مان پتو پوي ٿو ته فعل معاون جا جيڪي ٻه رخ آهن، انهن مان، مکيه فعل سان گڏ ايندڙ کان سواءِ، جملي ۾ اڪيلي سِر ڪم ايندڙ فعل معاون وارا لفظ فعل لازميءَ ۾ ئي شمار ٿيندا.
    فعل لازميءَ جي حوالي سان ابڙي عبدالرحيم صاحب لکيو آهي ته: ” فعل معاون ڪو جدا فعل ناهي. فعل لازميءَ مان جڏهن ’هئڻ‘ جي معنى نڪرندي آهي، تڏهن کيس فعل معاون چئبو آهي.“ ڏٺو وڃي ته ابڙي صاحب جي ڳالهه محدود ٿي وڃي ٿي. هو بزرگ چوي ٿو ته ’فعل معاون ڪو جدا فعل ناهي‘ ته پوءِ سوال ٿو اڀري ته: معاون فعل جڏهن اڪيلي سِر ڪم اچي ته ان کي ڇا چئجي؟ ظاهر آهي ته ان کي به لاچار فعل ۾ ته شامل ڪبو، ليڪن اها ڳالهه ضرور بيـﮬـي ٿي ته اهو فعل لازمي هوندو.
    فعل معاون يا فعل ناقص ساڳي ڳالهه آهي؟
    ڊاڪٽر الانا صاحب پنـﮬـنجي طرفان ’معاون فعل‘ جو ڪو دائرو ڪونه ڏسيو آهي، بلڪ شيخ صاحب جي ڄاڻايل فعل لازميءَ جي قسمن مان ’فعل ناقص‘ تي تنقيد ڪئي آهي. شيخ صاحب ’فعل ناقص‘ جا جيڪي مثال ڏنا آهن، سي ساڳيائي معاون فعل ۾ به ڄاڻايا اٿس. اصل ۾ شيخ صاحب جي وضاحتن ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته ڪن به مستعمَل قسمن کان هٽي ڪري اضافي قسم ڄاڻايا اٿس، جيڪي ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن حوالي سان ڪنـﮬـن ٻئي جو حصو هوندا آهن. شيخ صاحب، اهڙي ڊيگهه ’صفت‘ جي قسمن ۾ به ڪئي آهي، حالانڪ عام رواجي صفت جا ٽي قسم ڄاڻايا ويندا آهن، پر شيخ صاحب ان جي جڳهه تي ست قسم ڄاڻايا آهن. (شيخ، 1986: 231) ان صورت ۾ شيخ صاحب جي پوري ڪيل ڪم کي سُسائڻ جي حوالي سان ٻيـﮬـر ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي؛ مبادا، ڪو اهڙو به قسم نڪري اچي، جنـﮬـن جي الڳ سان ٻوليءَ ۾ گهرج هجي! ٻي صورت ۾ سندس ڄاڻايل جواز، ڪنـﮬـن حد تي، مناسبت به ضرور رکندا آهن؛ ليڪن سندس ڄاڻايل ’فعل ناقص‘ جو دائرو ۽ مثال اڻ- ٺـﮬـڪندڙ لڳي پيو.
    شيخ صاحب ’فعل ناقص‘ لاءِ لکيو آهي ته: ”اهو فعل جو جملي جي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ٻين لفظن جو محتاج رهي، تنـﮬـن کي’ فعل ناقص‘ يا اڻپورو چئبو آهي. مثلاً: ’طوبى بـﮬـشت ۾ هڪ وڻ آهي.‘
    مٿئين جملي ۾ ڏسبو ته ’آهي‘ فعل جو مدار لفظ ’وڻ‘ تي آهي، ڇاڪاڻ ته مذڪور لفظ جيڪڏهن جملي مان ڪڍي ڇڏجي ته فعل اڻپورو رهجي ويندو ۽ جملي جو پورو مطلب نه نڪرندو، تنـﮬـنڪري ’آهي‘ فعل کي ناقص سڏجي ٿو … ’ٿيڻ‘، ’پوڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ مصدرن مان جي فعل جڙن ٿا، سي سڀ ناقص آهن.“ (شيخ، 1986: 355- 356)
    اندازو آهي ته شيخ صاحب ’آهي‘ کي ناقص يا اڻپورو ان خيال کان ڪوٺيو هوندو ته هن ’معاون فعل‘ مان ڪو ’ڪرڻ وارو ڪم‘ ظاهر ڪونه ٿو ٿئي. جڏهن ته خيال جي ان ’پاسي‘ سان سوچڻ بعد سندس وضاحت بي- تڪي پئي لڳي. جڏهن ’فعل ناقص‘ مان مراد ئي ’اڻپورو‘ ڪوٺيو ويو آهي، ان صورت ۾ ’آهي‘ بجاءِ ڪنـﮬـن ’ڪم واري فعل‘ کي اڻپورو چوڻ ڪنـﮬـن حد تي ٺيڪ رهندو؛ مثال:
    هو خط لکي ٿو/ رهيو آهي. (هن جملي مان جيڪڏهن لفظ ’ٿو/ آهي‘ ڪڍي ڇڏبو ته فعل ’لکي/ لکي رهيو‘ اڻپورو چئي سگهجي ٿو.)
    ٻئي پاسي خيال ڪرڻ سان لفظ ’ناقص‘ فاعل وزن تي اسم/ صفت طور ڪم ايندڙ لفظ آهي ۽ معنى اٿس: ’گهٽايل- سُسايل- ڳاريل‘. ان صورت ۾ ’آهي‘ يا ’ٿو‘ اڪيلي سِر ڪم اچڻ سبب فعل جي گهٽايل صورت هجڻ وارو تصور مڃي سگهجي ٿو. پر جيئن ته اهڙو خيال مستعمَل ناهي، ان صورت ۾ اهڙي خيال کي اڳتي ڪرڻ جي گهرج پيش نه ٿي اچي.
    اهڙن معاون فعلن لاءِ انگريزيءَ ۾ Incomplete verb يا Linking verb جا اصطلاح ڪم آندا ويندا هوندا، ليڪن لازمي ناهي ته ان کي سنڌي وياڪرڻ جي مزاج سان به سلهاڙي سگهجي ٿو.

    مرڪب فعل
    مرزا قليچ بيگ صاحب لکي ٿو ته:
    ” (1) هو پڙهڻ لڳو (2) مون هن کي چئي ڏنو (3) هو جاڳندو رهيو (44) توکي وڃڻو پوندو. پـﮬـرئين جملي ۾ مصدر ’پڙهڻ‘ جي پٺيان فعل ’لڳو‘، ٻئي جملي ۾ ماضي معطوفي ’چئي‘ جي پٺيان فعل ’ڏنو‘، ٽئين جملي ۾ اسم حاليه ’جاڳندو‘ جي پٺيان فعل ’رهيو‘ ۽ چوٿين جملي ۾ اسم استقبال ’وڃڻو‘ جي پٺيان فعل ’پوندو‘. اهڙيءَ طرح ٻه ٽي فعل گڏ اچن، تن کي ’مرڪب فعل‘ يعني ’گڏيل فعل‘ چئبو آهي. مطلب ته مصدر، ماضي معطوفي، اسم حاليه ۽ اسم استقبال جي پٺيان لڳڻ، ڏيڻ، رهڻ، پوَڻ، ڇڏڻ، رکڻ ۽ وڃڻ وغيره گڏڻ سان ’مرڪب فعل‘ ٺـﮬـن ٿا.“ (قليچ، 2006: 52- 53)
    پروفيسر ڀيرومل صاحب لکي ٿو ته:
    ” ’مون هن کي منـﮬـن تي چئي ڏنو‘. هتي ’چئي‘- ماضي معطوفيءَ- جي پٺيان فعل ’ڏنو‘ ڪم آيو آهي. ’هو خط لکڻ لڳو‘ هت ’لکڻ‘ مصدر جي پٺيان فعل ’لڳو‘ ڪم آيو آهي. ’هو سڄو ڏينـﮬـن رلندو وتي‘ هتي ’رلندو‘ اسم حاليه جي پٺيان فعل ’وتي‘ ڪم آيو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪي فعل گڏي ڪم آڻبا آهن تن کي چئبو آهي ’مرڪب فعل‘ يعني گڏيل فعل. مرڪب = گڏيل.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ يڪن خيالن جي ظاهر ڪرڻ لاءِ يڪا فعل ڪينـﮬـن تنـﮬـن ڪري اهي مرڪب يا گڏيل فعل ڪم آڻجن ٿا ته پنـﮬـنجي دل جو مطلب پوري طرح ظاهر ڪري سگهجي. مٿين مثالن مان ظاهر آهي ته ماضي معطوفي، اسم حاليه ۽ مصدر جي پٺيان هڪ نه ٻئي فعل گڏڻ سان اهي مرڪب فعل جڙن ٿا.“ (ڀيرومل، 1985: 147)
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب مرڪب فعل جي ورڇ ڪندي لکي ٿو ته:
    ”مرڪب فعل ڌار ڌار قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا، اهي قسم آهن: (11) اسميه/ اسم وارا مرڪب فعل (2) صفت وارا مرڪب فعل (3) عطفيه مرڪب فعل (4) اسم حاليه وارا مرڪب فعل (5) مفعولي مرڪب فعل“ (ص: 168)
    ڊاڪٽر الانا صاحب مرڪب فعل جي ورڇ ڄاڻائيندي ان جو جائزو پڻ پيش ڪيو آهي؛ اهڙي جائزي جا ٻه ٻه مثال خيال خاطر کڻجن ٿا:
    اسميه/ اسم وارا مرڪب فعل:
    مرڪب فعل اسم ۽ فعلن کي گڏي استعمال ڪرڻ سان جڙندا آهن … اهڙا فعل، اسمن جي پٺيان ’ڪرڻ‘ صورت ملائڻ سان ٺـﮬـندا آهن؛ جيئن: شادي ڪرڻ، راند ڪرڻ، ننڊ ڪرڻ، ماٺ ڪرڻ، پنڌ ڪرڻ، همٿ ڪرڻ.
    مرڪب فعل جي صورتن اڳيان جنس يا عدد واري صيغي موجب ’جو‘، ’جي‘، ’جا‘ يا ’جون‘ حرف اضافت واريون صورتون ملايون وينديون آهن، جيئن: انصاف ڪرڻ، ساراه ڪرڻ، وڏائي ڪرڻ، نقل ڪرڻ، سنڀال ڪرڻ، ڪوشش ڪرڻ، ترجمو ڪرڻ، خذمت ڪرڻ، خيرات ڪرڻ.
    مرڪب فعلن جي اڳيان حرف جر ’کي‘ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن: سلام ڪرڻ، سڏ ڪرڻ، دعا ڪرڻ، عرض ڪرڻ، ياد ڪرڻ، دعا ڪرڻ.
    مرڪب فعلن جي اڳيان ’سان‘ حرف جر استعمال ڪبو آهي، جيئن: انجام ڪرڻ، شادي ڪرڻ، همدردي ڪرڻ، دغا ڪرڻ، گڏ پڙﮭـڻ.
    مرڪب فعلن جي اڳيان ’تي‘ حرف جر ڪم آڻي سگهبو آهي، جيئن: ڪاه ڪرڻ، احسان ڪرڻ، ڌيان ڏيڻ، نظر ڪرڻ، نظر وجهڻ، ٽيڪ ڏيڻ، مٿو هڻڻ،
    مرڪب فعلن جي اڳيان ’کان‘ حرف جر ملائي سگهبو آهي، جيئن: پاسو ڪرڻ، سوال ڪرڻ، پري ڀڄڻ.
    اسمي مرڪب فعل، ٻين ڪيترن ئي مددي فعلن جي مدد سان ٺاهي سگهجن ٿا، پر اهڙن مرڪب فعلن جي اڳيان ڪنـﮬـن به حرف جر جي ملائڻ جي ضرورت ڪانه پوندي آهي، جيئن: اُٻاسي ڏيڻ، امتحان ڏيڻ، بک مرڻ، ٽپو ڏيڻ، ٿاٻو کائڻ، پنڌ پوڻ، ڦاسي کائڻ، ٿورا مڃڻ، ڇڪ/ نڇ ڏيڻ، ڌڪو کائڻ، سزا کائڻ، ساه کڻڻ، شاهدي ڏيڻ، ڏنڊ وجهڻ، ڏنڊ لوپڻ، ڪم اچڻ، مٿو کائڻ، موٽ کائڻ، مشابـﮬـت رکڻ، هوا کائڻ، هٿِ آڻڻ، هٿ وجهڻ.
    صفتي مرڪب فعل: هن قسم وارا مرڪب فعل ’ڪرڻ‘ صورت جي اڳيان صفتن ملائڻ سان ٺـﮬـندا آهن، جيئن: صفا ڪرڻ، خراب ڪرڻ، خوش ڪرڻ، راضي ڪرڻ، ناراض ڪرڻ.
    مجـﮬـولي (Passive) صورتن ٺاهڻ لاءِ ’ڪرڻ‘ جي بدران ’ٿيڻ‘ صورت ملائي ويندي آهي، جيئن: صفا ٿيڻ، خوش ٿيڻ، راضي ٿيڻ، ناراض ٿيڻ.
    عطفيه مرڪب فعل:
    (الف) هن قسم وارن مرڪب فعلن ٺاهڻ لاءِ ’ڪرڻ، پوڻ‘ جـﮬـڙين صورتن جي اڳيان فعلن جون اسم معطوفي (ماضي معطوفيءَ) واريون صورتون ملائڻ سان عطفيه مرڪب فعل ٺـﮬـندا آهن، پر ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ طريقي سان رڳو فعل لازمي ٺـﮬـي سگهندا آهن، جيئن: اچي وڃڻ، اڏامي وڃڻ، اٿي بيـﮬـڻ، ڀڄي وڃڻ، ٿڪجي پوڻ، جاڳي پوڻ، سمـﮬـي پوڻ، ڊڄي وڃڻ، کپي وڃڻ، ڪِري پوڻ، لنگهي وڃڻ، مري وڃڻ، منجهي پوڻ، وسري وڃڻ، هليو وڃڻ.
    (ب) عطفيه مرڪب متعدي فعل ٺاهڻ لاءِ ’ڏيڻ‘، ’وجهڻ‘، ’ڇڏڻ‘ ۽ اهڙيون ٻيون صورتون اسم معطوفي (ماضي معطوفي فعلن) جي پٺيان ملايون وينديون آهن،جيئن: ڀري ڏيڻ، ورهائي ڏيڻ، ڪڍي ڇڏڻ، ڀري ڇڏڻ، ڍڪي ڇڏڻ، ساڙي ڇڏڻ، ساڙي وجهڻ، ڌوئي ڇڏڻ، رکي ڇڏڻ، ڪڍي ڇڏڻ، وڍي ڇڏڻ، ماري وجهڻ، ڪري ويـﮬـڻ، ڇڏي ڏيڻ، کائي وٺڻ، پي وٺڻ، ٺاهي وٺڻ، سکي وٺڻ، ٻڌي سگهڻ، سکي سگهڻ، ماري سگهڻ.
    اسم حاليه وارا مرڪب فعل: هن قسم وارا مرڪب فعل ٺاهڻ لاءِ ’وڃڻ‘، ’رهڻ‘، ’اچڻ‘ جـﮬـڙيون صورتون ’اسم حاليه‘ وارين صورتن جي پٺيان استعمال ڪرڻ ٺـﮬـندا، جيئن: ڊوڙندو رهڻ، ماريندو رهڻ، ڳائيندو اچڻ، پڙهندو اچڻ، ڊوڙندو وڃڻ، پڙهندو وڃڻ، ڪندو اچڻ، لکندو اچڻ.
    اسم مفعول وارا مرڪب فعل: هن قسم وارا فعل، ’ڇڏڻ‘، ’ڏيڻ‘، ’رهڻ‘، ’هجڻ‘ جـﮬـڙين صورتن جي اڳيان، بنيادي فعلن جون مفعولي صورتون ملائڻ سان ٺـﮬـندا آهن. اهي فعل متعدي صيغي ۾ ڪندا آهن، جيئن: بکيو رهڻ، زخميو هجڻ، ڪٺو ڇڏڻ، رٺو/ رٺل رهڻ، رٺو/ رٺل ڇڏڻ ۽ بکيو ڇڏڻ.“ (الانا، 2010: 169- 170)

    مرڪب فعل جي اٿلاڻي
    مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرومل صاحب جي وضاحتن ۾ گهڻي قدر ساڳيائپ محسوس ٿيندي آهي؛ سواءِ تحقيق جي اهو چوَڻ ٺيڪ نه رهندو ته ڪـﮬـڙي بزرگ ڪنـﮬـن جو نقل ڪيو آهي. مرڪب فعل بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جو ڪم انتـﮬـائي ساراهڻ جوڳو آهي. ٽنهي بزرگن جي وضاحتن موجب : ’مرڪب فعل‘ واري اصطلاح مان مراد ئي ڪنـﮬـن جملي ۾ ٻٽا فعل ڪم آڻڻ آهن. ٽنهي عالمن جي وصفن مان اهڙن مرڪب فعلن جون ٽي صورتون بيـﮬـن ٿيون:
    مکيه فعل سان معاون فعل جو گڏ اچڻ، جيئن: ’هو جاڳندو رهيو.‘
    مکيه فعل سان گڏ ٻيو مکيه فعل بيــﮬـڻ، جيئن: ’مون هن کي منـﮬـن تي چئي ڏنو.‘
    ڪنــﮬـن اسم/ صفت سان فعل اچڻ، جيئن: موڪل ڏيڻ، سونـﮬـن بخشڻ، توجه ڏيڻ، اميد رکڻ وغيره.
    منـﮬـنجي راءِ مطابق پـﮬـرئين قسم کان سواءِ ٻئين ۽ ٽئين قسم جي فعل کي مرڪب فعل جي زمري ۾ آڻڻ ئي ٺيڪ رهندو؛ ڇوته، پـﮬـرئين قسم ۾ معاون فعل ئي مکيه فعل کي واضح ڪري ٿو. جيڪڏهن اهڙي انداز کي مرڪب فعل ۾ شامل ڪبو ته پوءِ هيٺين جملن جي فعلن کي به مرڪب فعل ۾ شامل ڪرڻو پوندو:
    هو خط لکي ٿو- هو خط لکي رهيو آهي- هن خط لکيو آهي- هن خط لکيو پئي، هو خط لکندو رهيو، وغيره.
    مٿين هرهڪ جملن ۾ مکيه فعل ’لکي‘، ’لکيو‘ يا ’لکندو‘ صرف هڪ اچي ٿو، جڏهن ته معاون فعل زمان کي واضح رهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان صورت ۾ ان کي مرڪب فعل ۾ شامل ڪرڻ مناسب ناهي. ان صورت ۾ راءِ اها ئي جڙي ٿي ته : معاون فعل جي مداخلت کان سواءِ، اسم يا صفت سان ڪنـﮬـن فعل جو اچڻ ۽ ٻن فعلن جي گڏ اچڻ کي مرڪب فعل چوَڻ گهرجي!
    اتي معاون فعل: ’رهڻ‘ بابت سوال اهو ٿو ٿئي ته:
    ڇا ’رهڻ‘ کي معاون فعل ۾ ئي شامل ڪيو ويندو آهي، يا مکيه فعل جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو؟
    ڇا جملي: ’هو جاڳندو رهيو‘ ۾ موجود ’رهيو‘ لفظ فعل معاون آهي يا مکيه فعل به ٿي سگهي ٿو؟

    ٻوليءَ جي نسبت، ’رهڻ‘ لفظ جون ٻئي صورتون نوٽ ڪري سگهجن ٿيون:
    مـﮬـمان ڪافي ڏينـﮬـنِ کان رهيو ويٺو آهي.
    مـﮬـمان ڪافي ڏينـﮬـن کان ويٺو رهيو آهي.
    پـﮬـرئين جملي ۾ ’رهڻ‘ ٽڪڻ (Stayy) جي معنى ۾ ڪم آيل آهي، ان صورت ۾ ان کي ’مکيه فعل‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ ’رهيو ويٺو‘ کي مرڪب فعل چئي سگهبو؛ جڏهن ته ٻئي جملي ۾ ’رهڻ‘ ’لڳاتار وقت‘ ظاهر ڪري ٿو، ان صورت ۾ ان کي ’معاون فعل‘ ۾ ئي شمار ڪبو.
    هونئن به ٻوليءَ جي نسبت ساڳيا لفظ ’فعل معاون‘ ۽ ’مکيه فعل‘ ٻنهي صورتن ۾ ڪم اچن ٿا؛ جيئن:
    ’انُ ٻوريءَ ۾ پوي/ پئي ٿو پيو.‘ يا ’انُ ٻوريءَ ۾ پئجي رهيو آهي.‘
    ’انُ ٻوريءَ ۾ رهجي ويو آهي.‘ يا ’انُ اڃا رهي پيو ٿو.‘
    هنن ٻنهي جملن ۾ ’پوڻ‘ ۽ ’رهڻ‘ جي حالت ’مکيه‘ فعل واري آهي، جڏهن ته ’ٿو پيو/ رهيو آهي‘ ۽ ’آهي/ پيو ٿو ‘ معاون فعل آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جي ڪن اُپ- لـﮬـجن ۾ لفظ ’ويٺو‘ فعل ’وهڻ‘ مان استمراري زمانن ۾ فعل معاون طور پڻ ڪم آندو ويندو آهي؛ جيئن:
    هو ڪتاب پڙﮭـي ويٺو. (يعني: پڙهي ٿو پيو/ پڙهي رهيو آهي)
    مان ته اسڪول وڃان ويٺو. (وڃان ٿو پيو/ وڃي رهيو آهيان)
    مٿيان جملا زمان حال استمراري (جاري) جا آهن، ان صورت ۾ ’پڙهي ويٺو‘ يا ’وڃان ويٺو‘ کي مرڪب فعل ۾ شامل ڪونه ڪبو؛ ڇاڪاڻ ته هتي ’ويٺو‘ فعل معاون طور ڪم آيو آهي. اهو ٻوليءَ جو انداز، ساهتي پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ’جيئندو راچپر‘ مان، استاد رانول خان راڄپر وٽان نوٽ ڪيو ويو آهي.
    ’مرڪب فعل‘ جي پـﮬـرئين قسم تي منـﮬـنجي تنقيدي نظر جو معيار ڪو ايڏو مضبوط ڪونهي، ليڪن ايترو ضرور آهي ته لسانيات جا عالم ان نڪتي تي ٻيـﮬـر غور ضرور ڪندا ۽ ان معاملي تي ڪا بـﮬـتر راءِ سامهون اچي سگهندي!
    مرڪب فعل بابت، ڊاڪٽر الانا صاحب جو تفصيلي ڪم بيشڪ ساراهڻ جوڳو آهي، البته، مرڪب فعل ۾ ’معاون فعل‘ جي مداخلت تي اختلاف آهي. سادي نموني، گهڻي قدر ته ’ڪرڻ‘، ’هجڻ‘، ’ڏيڻ‘، ’رکڻ‘، ’لڳائڻ‘، ’بڻائڻ‘، ’وڃڻ‘ وغيره جـﮬـڙا اضافي فعل ڳنڍي مرڪب فعل بڻايا ويندا آهن؛ چند مرڪب فعلن جي ٽيبل خيال خاطر ڏجي ٿي:
    اضافي فعل/ مصدر: پڄائڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: ڊڪ پڄائڻ- امانت پڄائڻ- لکڻي پڄائڻ وغيره.
    اضافي فعل/ مصدر: رکڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: ملازم رکڻ- راز رکڻ- مشابـﮬـت رکڻ- هٿ رکڻ- اک رکڻ- مان رکڻ- مانُ رکڻ- ڪک رکڻ- دل رکڻ- ياري رکڻ- سنڌو رکڻ وغيره.
    اضافي فعل/ مصدر: کائڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: حق کائڻ- ڪاوڙ کائڻ- سِر کائڻ- ٿاٻو کائڻ- هوا کائڻ- موٽ کائڻ وغيره.
    اضافي فعل/ مصدر: ڪرڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: تائيد ڪرڻ- پرهيز ڪرڻ- بي عزتي ڪرڻ- اوسيئڙو ڪرڻ- غفلت ڪرڻ- آگاه ڪرڻ- پرواه ڪرڻ- دعوى ڪرڻ- پوئواري ڪرڻ- واپس ڪرڻ- واکاڻ ڪرڻ- خيرات ڪرڻ- ياد ڪرڻ- گلا ڪرڻ- سلام ڪرڻ- سڏ ڪرڻ وغيره.
    اضافي فعل/ مصدر: لڳائڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: اندازو لڳائڻ- باه لڳائڻ- دل لڳائڻ- اک لڳائڻ- وڻ لڳائڻ-
    اضافي فعل/ مصدر: هڻڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: ڌڪو هڻڻ- ڌڪ هڻڻ- سُئي هڻڻ- مٿو هڻڻ- اک هڻڻ-
    اضافي فعل/ مصدر: وٺڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: امتحان وٺڻ- گس وٺڻ- خبر وٺڻ- خرچ وٺڻ-
    اضافي فعل/ مصدر: وڃڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: ڊڄي وڃڻ- ڀڄي وڃڻ- کپي وڃڻ، هارائجي وڃڻ- ٿي وڃڻ- پڙﮭـي وڃڻ- اچڻ وڃڻ وغيره.
    اضافي فعل/ مصدر: ڏيڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: موڪل ڏيڻ- دڙڪا ڏيڻ- مار ڏيڻ- قرب ڏيڻ- ڏوڪڙ ڏيڻ- دل ڏيڻ- ساه ڏيڻ- خبر ڏيڻ- ٽيڪ ڏيڻ- ڌيان ڏيڻ- ٽپو ڏيڻ- حساب ڪتاب ڏيڻ- نڇ ڏيڻ- وغيره.
    اضافي فعل/ مصدر: جوٽڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: جهيڙو جوٽڻ- ڏاند/ جوٽ جوٽڻ-
    اضافي فعل/ مصدر: اچڻ
    مرڪب فعل جا مصدرَ: ڏسي اچڻ- ڀڄي اچڻ- کائي اچڻ- ڪم اچڻ- اڳيان اچڻ-
    مٿيان مرڪب فعل جا چند مثال رکيا ويا جن ۾ اسم/ صفت سان فعل ۽ ٻٽو فعل رکيو ويو آهي. وڌيڪ لاءِ هن نڪتي تي ٻيـﮬـر سوچڻ لاءِ لسانيات جي ماهرن اڳيان عرض رکجي ٿو.

    حوالا/ ذريعا:
    آڏواڻي ڀيرومل مهرچند (19855) وڏو سنڌي وياڪرڻ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    آغا تاج محمد خان ۽ قاضي جان محمد (19511ع ) گرامر ڀاڱو ٻيو- آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (20100) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    سنڌي، دادا (2010) سنڌيڪا سنڌي گرامر- سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
    کوسو نور محمد (2005) سنڌي گرامر- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
    مرزا قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    واحد بخش شيخ (19866) سنڌي صرف و نحو- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو