جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔
سائين مدهوش مدهوش نه هو۔۔۔ هو ته هوش وارو هو۔۔ مدهوش ته اڄ جا سنڌي حڪمران آهن۔ جيڪي حڪومت ۾ هوندي به سنڌي فنڪارن، اداڪارن، ۽ فن ڌڻين جي پرگهور نه ٿا لهن۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي هڪ خبر پڙهڻ لاءِ ملي هئي ته قمرالنساءَ هڪڙو جيڪا ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهي ان کي هڪ لساني ڌر جي سربراهه الطاف۔۔۔ پئسن جو چيڪ موڪليو۔۔
شابس هجي اسان جي اڳواڻن کي انهن ماڻهن مان سبق نه ٿا سکن جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي فنڪارن جو ته ٺهيو پر ٻي ٻوليءَ جي فنڪارن جو به خيال رکن ٿا (ڀلا دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ئي سهي)
جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃان پيو جيئين هئي ڙي جيئڙا۔
( مان پکي آ پيار جو، پيار جي اظهار جو، )
اڄ کان تقريبن 17، 18 سال پهرين جڏهن مان دادو ڊگري ڪاليج ۾ انٽر ڪري رهيو هئيس تڏهن ان وقت سنڌ جي عظيم شاعر جناب استاد بخاري صاحب جي وڇوڙي جي خبر ملي، جنهن جي خبر ٻڌڻ سان دل کي تمام گهڻو ڏک پهتو۔ اهو ان ڪري ته هڪ ته سنڌ جو عظيم شاعر هو، ٻيو ته هن جو تعلق پڻ منهنجي شهر دادو سان هو،
اهڙي ريت اڄ وري ساڳيو ڏک دل برداشت ڪيو آهي، محترم جناب احمد خان مدهوش جي وڇوڙي جو،
احمد خان مدهوش کي مون پهريون دفعو دادو شهر ۾ جناب استاد بخاري جي ورسي تي ڏٺو، احمد خان مدهوش صاحب هڪ نهٺو، ۽ سٻاجهڙو شاعر ۽ انسان هو، سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ هڪ عجيب سادگي سمايل هئي۔ احمد خان مدهوش صاحب جي شاعري کي سنڌ جي ڪافي فنڪارن ڳايو آهي، پر سندس شاعري مان هي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيو، ( مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو مان پکي آ پيار جو، پيار جي اظهار جو، ) جنهن کي جناب ممتاز لاشاري صاحب ڳايو آهي،
دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔
جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔
مدهوش جي مري وڃي، هوش کي سنڀال جو“ عوامي شاعر لاڏاڻو ڪري ويو
جوهي (رپورٽ: اسماعيل پيرزادو) سنڌ جو مشهور عوامي شاعر احمد خان مدهوش زندگي جي جنگ هارائي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي آهي. احمد خان مدهوش ڪيتري وقت کان ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ ڪالهه ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ 79 سالن جي ڄمار ۾ سندس ساهه جي سڳو ٽٽي پيو. سندس موت تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. سوين اديب، شاعر ۽ مدهوش سان محبت ڪندڙ ماڻهو سندس تڏي تي پهچي ويا. مرحوم جو مڙهه ڪالهه ڪراچيءَ مان ايمبولينس ذريعي جوهي روانو ڪيو ويو جيڪو رات دير سان جوهي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جوهيءَ ۾ آيل ڪيترائي ماڻهو مدهوش جي وڇوڙي تي هنجون هاريندا رهيا. سنڌ جي هن لاڏلي شاعر کي آخري سلام پيش ڪري جوهيءَ جي اباڻي قبرستان ۾ لحد ۾ لاٿو ويو. هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت، پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ دادو ۽ ٻين تنظيمن عوامي شاعر جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
مدهوش 5 اپريل 1931ع تي ڏاند گاڏيءَ ۾ جنم ورتو
جوهي: عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان احمد چانڊيي ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو. مرحوم مدهوش پونئيرن ۾ 2 پٽ خليل عارف سومرو، شڪيل احمد سومرو ۽ 5 نياڻين حسن بانو، جهان بانو، مهوش، ڪوثر پروين ۽ افشان سوڳوار ڇڏيا آهن. مدهوش تعلقي جوهي شهر جي سومرا محلي جو رهواسي هو. مدهوش سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاري جو همعصر ۽ سندس جيان پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. مدهوش ننڍ پڻ ۾ سُگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جي خاندان سان تعلق هجڻ ڪري ادب سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته ادب سان گڏوگڏ هن پرائمري استاد جي حيثيت ۾ درس ۽ تدريس واري شعبي جي پڻ وڏي خدمت ڪئي احمد خان مدهوش 50 سالن کان وڌيڪ عرصو شاعري ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو.
احمد خان ”مدهوش“ ڪيئن ٿيو؟
جوهي: شاعر احمد خان مدهوش جو تخلص ڪيئن پيو؟ احمد خان مدهوش حياتي دوران ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن هو پريشان ويٺو هو ته اوچتو سندس محبوب آيو ۽ کيس چيائين ته احمد خان اڄ صفا مدهوش لڳي ٿو ۽ پوءِ هن ان ڏينهن کان پاڻ کي مدهوش سڏائڻ شروع ڪيو.
احمد خان مدهوش جي موت سان سندس خواهشن به خودڪشي ڪري ڇڏي
جوهي: ڪيتري وقت کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا احمد خان مدهوش بيماريءَ جي بستري تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پنهنجي آخري خواهش ٻڌائي هئي. هن کين ٻڌايو هو ته هو سنڌو درياهه جو گجگوڙ ٻڌڻ چاهي ٿو ۽ حياتي اندر گڏ ڪيل مواد جيڪو 5 ڪتابن کان مٿي آهي اهو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ بعد پاڻ ان کي پڙهڻ چاهي ٿو پر مدهوش جون آخري ٻئي خواهشون پوريون نه ٿي سگهيون ۽ هو هن دنيا مان هليو ويو. هو ڪافي پروگرامن ۽ دوستن جي محفلن ۾ چوندو هو ته ماڻهن کي منهنجي مرڻ کانپوءِ احمد خان مدهوش ۽ ان جي شاعري جو احساس ٿيندو. هن جو چوڻ هوندو هو ته جيڪڏهن زندگي ساٿ ڏنو ته مان سنڌي ڪاڇي واسين تي تحقيقي ڪتاب لکندس پر هر طرف موت نظر اچي رهيو آهي. هو شايد زندگي مان ايترو مايوس ٿي ويو هو جو ڪجهه وقت اڳ هڪ ٽي وي انٽرويوءَ ۾ هن چيو هو ته ”هي پکي هاڻي اڏرڻ چاهي ٿو“.
جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔
روزانه ڪاوش 27 مئي 2010 جي تعاون سان
ڪاڇي جي مست شاعر جو وڇوڙو
79 سالن جو جهور پوڙهو، عوام پاران”ڪاڇي جو مست شاعر“ جو لقب ماڻيندڙ احمد خان مدهوش ڪالهه منجهند جو اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. ڪينسر سميت ڪيترين ئي بيمارين کي منهن ڏيندڙ مرحوم احمد خان مدهوش جوهي کان هر مهيني ڪراچي جي اسپتال ايس آئي يو ٽي ۾ چيڪ اپ لاءِ ايندو رهيو، پر جڏهن گذريل مهيني مئي جي چيڪ اپ لاءِ آيو ته ڊاڪٽرن واپس جوهي وڃڻ کان منع ڪري کيس اسپتال ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن مون اسپتال پهچي هن کان طبيعت پڇي ته ڌيمي آواز ۾ اکين ۽ پيرن تي سوڄ چڙهيل هوندي ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ جي باوجود هن ڳالهيو، ”ڀائو هاڻي چڙهڻ مشڪل آهي، منهنجو جوهي زنده واپس وڃڻ ڪونه ٿو لڳي“. ڀرسان ويٺل سندس وڏو پٽ شاعر خليل عارف هن کي ڳالهائڻ کان منع ڪندو رهيو پر پوءِ به هو مون سان ڳالهائيندو رهيو. احمد خان مدهوش جي پيدائش ڳوٺ کان اسپتال ويندي ڊليوري ڏاند گاڏي ۾ ٿي هئي. هن تي احمد خان نالو جوهي جي بزرگ پير ميان محمود رکيو هو. جڏهن ته مدهوش تخلص سندس هڪ دوست رکيو هو. هن پنهنجي شروعاتي شاعري ”نئين زندگي“ رسالي کي ڏني هئي ۽ موٽ ۾ هن کي 75 روپين جو معاوضو ڏنو ويو هو. جڏهن ته پهرين شاعري ڪيسٽي راڳي محمد اسماعيل رند کي ڏني ۽ هن ڳائي هئي، جنهن جا ٻول هئا؛ ”جاني آ تون جوهي“. هن سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي. دادو ضلعي جي ٻن مشهور شاعرن استاد بخاري ۽ احمد خان مدهوش جي جوڙي مشهور هوندي هئي. پوري پاڪستان جي مشاعرن ۾ هي ٻئي گڏ شامل ٿيندا هئا. مرحوم مدهوش سان اسپتال ۾ علاج دوران ڪيترائي ڀيرا ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران هن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ته، ”جنهن جي ڪري شاعري ڪئي اهو اڄ سوڌو نه ملي سگهيو“. غريب هئڻ ڪري هن سماج سان بغاوت شروع ڪئي ۽ اهڙي طرح هڪ باغي شاعر ٿيو. هڪ ڏينهن پاڻ اڪيلائي ۾ گن گنائي رهيو هو ته هڪ دوست هن کي چيو ته، ”مدهوش“ لڳو پيو آهين ۽ اهڙي طرح هن کي شاعري لاءِ لقب ملي ويو ۽ تخلص رکي ڇڏيائين. مرحوم مدهوش پ پ جو پراڻو ڪارڪن ۽ شهيد ڀٽي جو سچو سپاهي هو ۽ شهيد ڀٽي تي پڻ پاڻ شاعري ڪري چڪو آهي.
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔
احمد خان سومرو ”مدهوش“ سنڌ ڌرتي جو سرموڙ ۽ ڀلوڙ شاعر هئو۔۔۔۔ جن جي وڇوڙي جو خال شايد ئي ڪو ڀري سگهي۔۔۔ سائين احمد خان مدهوش جي ايصالِ ثواب لا اسان سڀ دعاڳو آهيون۔۔۔ شال رب ڪريم انهن جي مغفرت عطا فرمائي۔۔۔۔ الله سائين سندس جي قبر کي پنهنجي نور ۽ محبوب ڪريم جي نُور سان پُرنور عطا فرمائي۔۔۔ سندس کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي۔۔۔ آمين۔۔۔۔ ۽ پوئيرن کي صبر و جميل عطا فرمائي۔۔۔۔۔