مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڄ سنڌ سلامت تي ڦيرو ڀرڻ کان پوءِ حسب روايت سنڌ سلامت نيوز وارو پنو کوليم ته هڪ اندوهناڪ خبر پٽي ۽ وڊيو جي صورت ۾ نظر آئي۔۔۔۔

    [​IMG]

    حيرت ۽ ڏک جي مليل ردِ عمل ۾ اچي مون سنڌ نيوز جي خبرن واري پني تي نظر ڦيرائي۔۔۔۔

    [​IMG]

    دوستو اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ته ادا ممتاز پنهنجي هڪ تحرير ۾ سندن بيماري ۾ مبتلا هجڻ جي ڏک واري خبر ٻڌائي هئي۔۔۔۔

    دوستو احمد خان ولد حاجي فقير شغلي سومرو پهرين رمضان المبارڪ 1356 هجري تي ڳوٺ سلطان چانڊيو لڳ جوهي ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ جو ڪهنه مشق سڄاڻ ۽ ناميارو شاعر هو. پاڻ استاد جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل هئا ۽ شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي هين سندس ڪلام اخبارن ، رسالن ۾ شايع ٿيڻ کان سواءِ‌ ريڊيو پاڪستان تان پڻ نشر ٿيندو آهي۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سندن طبيعت جي ناسازي جي خبر مهراڻ ٽي وي تان به هڪ رپورٽ جي صورت ۾ آئي هئي جنهن ۾ پاڻ وزيرِ اعلى سنڌ سميت حڪومتِ پاڪستان کان پڻ ڏک جي ڳالهه ڪئي هئي ۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=tFw_T1iKB8Q

    پر هميشه جيان اسان جو هي سورمو به ائين ڏک سور دل ۾ رکي الله پاڪ ڏانهن راهي ٿيو۔۔۔
    ”مان پکي هان پيار جو ۔۔۔۔ پيار جي اظهارجو۔۔۔ مون کي مارجو نه، ڌارجو۔۔۔ مارجو نه، ڌارجو۔۔۔“ جهڙي جذباتي شاعري ڏيندڙ هن مهان شاعر لاءِ دعا آهي ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ لواحقين کي صبر ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=C7ho1waSZYA
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۔۔۔ مئلن جو ڪانڍي ٿجي ۽ قبرستان وڃجي اها حيرت کائڻ لئه ته موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي، انڪري اسانکي هن دنيا جي حقيقت کي سمجهي ۔۔۔ هڪ سٺي مهمان جيئان اهڙا عمل ڪجن جنهن سان هيءَ ڪائنات سهڻي ۽ سٻاجهڙي ٿي پئي ۔۔۔
    احمد خان مدهوش جي موت جي خبر ڏکوئيندڙ ضرور آهي ۽ سندس مغفرت لئه اسانجون دعائون آهن ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ پر خوشي ان ڳالهه جي آهي ته مدهوش پنهنجو ڪلام ، پنهنجو فڪر ۽ انسان دوستيءَ جو پيغام ڏئي پاڻ ملهائي ويو آهي ۔۔۔ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري، قومي فرض نڀائي ويو آهي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو ۔۔۔
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    مدهوش به مري ويو،
    هڪ نئين قبر مٿان،
    ٻري ويو ڏيئو۔۔۔۔ (مختيار ملڪ)

    [​IMG]

    الله کيس جنت الفردوس ۾‌ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    سائين مدهوش مدهوش نه هو۔۔۔ هو ته هوش وارو هو۔۔ مدهوش ته اڄ جا سنڌي حڪمران آهن۔ جيڪي حڪومت ۾ هوندي به سنڌي فنڪارن، اداڪارن، ۽ فن ڌڻين جي پرگهور نه ٿا لهن۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي هڪ خبر پڙهڻ لاءِ ملي هئي ته قمرالنساءَ هڪڙو جيڪا ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهي ان کي هڪ لساني ڌر جي سربراهه الطاف۔۔۔ پئسن جو چيڪ موڪليو۔۔
    شابس هجي اسان جي اڳواڻن کي انهن ماڻهن مان سبق نه ٿا سکن جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي فنڪارن جو ته ٺهيو پر ٻي ٻوليءَ جي فنڪارن جو به خيال رکن ٿا (ڀلا دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ئي سهي)
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا ​

    تون اڃان پيو جيئين هئي ڙي جيئڙا۔ ​


    ( مان پکي آ پيار جو، پيار جي اظهار جو، )​

    اڄ کان تقريبن 17، 18 سال پهرين جڏهن مان دادو ڊگري ڪاليج ۾ انٽر ڪري رهيو هئيس تڏهن ان وقت سنڌ جي عظيم شاعر جناب استاد بخاري صاحب جي وڇوڙي جي خبر ملي، جنهن جي خبر ٻڌڻ سان دل کي تمام گهڻو ڏک پهتو۔ اهو ان ڪري ته هڪ ته سنڌ جو عظيم شاعر هو، ٻيو ته هن جو تعلق پڻ منهنجي شهر دادو سان هو،
    اهڙي ريت اڄ وري ساڳيو ڏک دل برداشت ڪيو آهي، محترم جناب احمد خان مدهوش جي وڇوڙي جو،
    احمد خان مدهوش کي مون پهريون دفعو دادو شهر ۾ جناب استاد بخاري جي ورسي تي ڏٺو، احمد خان مدهوش صاحب هڪ نهٺو، ۽ سٻاجهڙو شاعر ۽ انسان هو، سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ هڪ عجيب سادگي سمايل هئي۔ احمد خان مدهوش صاحب جي شاعري کي سنڌ جي ڪافي فنڪارن ڳايو آهي، پر سندس شاعري مان هي ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيو، ( مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو مان پکي آ پيار جو، پيار جي اظهار جو، ) جنهن کي جناب ممتاز لاشاري صاحب ڳايو آهي،
    دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔

    [​IMG]
    http://www.youtube.com/watch?v=A7SpCj8JU9E&feature=related
     
  6. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    احمد خان مدهوش۔۔۔۔

    سنڌ جي تمام وڏي مزاحمتي شاعراحمد خان مدهوش جي وڇوڙي پٺتي پيل سنڌ کي اڃا به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي۔۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    مدهوش جي مري وڃي، هوش کي سنڀال جو“ عوامي شاعر لاڏاڻو ڪري ويو​


    [​IMG]

    جوهي (رپورٽ: اسماعيل پيرزادو) سنڌ جو مشهور عوامي شاعر احمد خان مدهوش زندگي جي جنگ هارائي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي آهي. احمد خان مدهوش ڪيتري وقت کان ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ ڪالهه ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ 79 سالن جي ڄمار ۾ سندس ساهه جي سڳو ٽٽي پيو. سندس موت تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. سوين اديب، شاعر ۽ مدهوش سان محبت ڪندڙ ماڻهو سندس تڏي تي پهچي ويا. مرحوم جو مڙهه ڪالهه ڪراچيءَ مان ايمبولينس ذريعي جوهي روانو ڪيو ويو جيڪو رات دير سان جوهي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جوهيءَ ۾ آيل ڪيترائي ماڻهو مدهوش جي وڇوڙي تي هنجون هاريندا رهيا. سنڌ جي هن لاڏلي شاعر کي آخري سلام پيش ڪري جوهيءَ جي اباڻي قبرستان ۾ لحد ۾ لاٿو ويو. هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت، پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ دادو ۽ ٻين تنظيمن عوامي شاعر جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

    مدهوش 5 اپريل 1931ع تي ڏاند گاڏيءَ ۾ جنم ورتو​


    جوهي: عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان احمد چانڊيي ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو. مرحوم مدهوش پونئيرن ۾ 2 پٽ خليل عارف سومرو، شڪيل احمد سومرو ۽ 5 نياڻين حسن بانو، جهان بانو، مهوش، ڪوثر پروين ۽ افشان سوڳوار ڇڏيا آهن. مدهوش تعلقي جوهي شهر جي سومرا محلي جو رهواسي هو. مدهوش سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاري جو همعصر ۽ سندس جيان پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. مدهوش ننڍ پڻ ۾ سُگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جي خاندان سان تعلق هجڻ ڪري ادب سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته ادب سان گڏوگڏ هن پرائمري استاد جي حيثيت ۾ درس ۽ تدريس واري شعبي جي پڻ وڏي خدمت ڪئي احمد خان مدهوش 50 سالن کان وڌيڪ عرصو شاعري ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو.

    احمد خان ”مدهوش“ ڪيئن ٿيو؟​


    جوهي: شاعر احمد خان مدهوش جو تخلص ڪيئن پيو؟ احمد خان مدهوش حياتي دوران ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن هو پريشان ويٺو هو ته اوچتو سندس محبوب آيو ۽ کيس چيائين ته احمد خان اڄ صفا مدهوش لڳي ٿو ۽ پوءِ هن ان ڏينهن کان پاڻ کي مدهوش سڏائڻ شروع ڪيو.

    احمد خان مدهوش جي موت سان سندس خواهشن به خودڪشي ڪري ڇڏي​




    جوهي: ڪيتري وقت کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا احمد خان مدهوش بيماريءَ جي بستري تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پنهنجي آخري خواهش ٻڌائي هئي. هن کين ٻڌايو هو ته هو سنڌو درياهه جو گجگوڙ ٻڌڻ چاهي ٿو ۽ حياتي اندر گڏ ڪيل مواد جيڪو 5 ڪتابن کان مٿي آهي اهو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ بعد پاڻ ان کي پڙهڻ چاهي ٿو پر مدهوش جون آخري ٻئي خواهشون پوريون نه ٿي سگهيون ۽ هو هن دنيا مان هليو ويو. هو ڪافي پروگرامن ۽ دوستن جي محفلن ۾ چوندو هو ته ماڻهن کي منهنجي مرڻ کانپوءِ احمد خان مدهوش ۽ ان جي شاعري جو احساس ٿيندو. هن جو چوڻ هوندو هو ته جيڪڏهن زندگي ساٿ ڏنو ته مان سنڌي ڪاڇي واسين تي تحقيقي ڪتاب لکندس پر هر طرف موت نظر اچي رهيو آهي. هو شايد زندگي مان ايترو مايوس ٿي ويو هو جو ڪجهه وقت اڳ هڪ ٽي وي انٽرويوءَ ۾ هن چيو هو ته ”هي پکي هاڻي اڏرڻ چاهي ٿو“.

    مدهوش جهڙا عوامي شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن: سسئي پليجو​


    ڪراچي (نمائندن وٽان) ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جي لاڏاڻي تي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مدهوش تمام وڏو عوامي شاعر هو اهڙا شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. هوڏانهن مدهوش جي لاڏاڻي جو اطلاع ملڻ تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجي، ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻيا آفيسر اسپتال پهتا جتان مدهوش جو مڙهه ڳوٺ پهچائڻ لاءِ ايمبولينس سميت سمورا انتظام ڪري ورتا ۽ مڙهه سان گڏجي روانا ٿي ويا. هوڏانهن ٻالڪ ادبي فورم جي مرڪزي اڳواڻن غلام محمد غازي، عبدالحئي ڀٽو، آچار عظيم کوسي، ملهار سنڌي ۽ ٻين مدهوش جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. نامياري سينيئر ليکڪ تاج بلوچ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سٺو شاعر ۽ بهترين دوست موڪلائي ويو، ڪميونسٽ اڳواڻ نثار علي شاهه، ليکڪ شير مهراڻي چيو ته مدهوش جي لاڏاڻي سان عوامي شاعريءَ جو اهم باب بند ٿي ويو آهي. اسحاق راهي ۽ ادبي فورم جي صدر جبار تاثير سومري چيو ته مدهوش سنڌ جو ڀلوڙ شاعر هو، رياض چنجڻي، نديم سومري، سليم سومري ۽ ٻين پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت موري شاخ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته نامياري شاعر راشد مورائي، اسد سولنگي، نجم سرهيو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. شهدادڪوٽ ۾ پيرل قمبر ادبي سنگت تڏو وڇايو آهي. شاعر عبدالله شاهه اطهر، فضل حسين حيدري ۽ خادم ڀٽي هڪ هفتو سوڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن ضمير کرل، غفار سحر، رشيد ناشاد مستوئي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ميهڙ ۾ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ۽ سرمد سنڌي ڪلچر فورم 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. رفيق زرداري، مختيار چانڊيي امتياز عادل سومري خادم سومري مرتضيٰ پنهور، بابو عبدالله ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري اياز جاني، اصغر باغي، رزاق سهتي، اشفاق انصاري، غوث پيرزادي، عابد مظهر، نواز ڏاهري ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.ڪڍڻ جي صحافين ۽ اديبن پارس ڪنگا، ساگر غلام حيدر، غفور چانڊيي، ڪشور ڪمار، ارجن داس، موهن لال، خادم حسين، ولي محمد چانڊيي ۽ ٻين مدهوش جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. گجو پريس ڪلب ۾ هنگامي تعزيتي گڏجاڻي ٿي صدر اقبال ميمڻ، شڪور ميمڻ، نبي بخش ميمڻ، شيراز گل، حبيب ميمڻ، رشيد ميمڻ، شاهو ميمڻ، عباس ميمڻ، احمد ميمڻ، عرف ميربحر، حنيف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مدهوش جي لاڏاڻي کي قومي نقصان قرار ڏنو ويو. خيرپور ۾ علامه حزب الله سومري، استاد شاهن سمنگ، امجد لاشاري، اعجاز احمد ۽ آزاد انصاري جي اڳواڻيءَ ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي ۽ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.


    بشڪريه عوامي آواز
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    روزانه ڪاوش 27 مئي 2010 جي تعاون سان
    ڪاڇي جي مست شاعر جو وڇوڙو
    79 سالن جو جهور پوڙهو، عوام پاران”ڪاڇي جو مست شاعر“ جو لقب ماڻيندڙ احمد خان مدهوش ڪالهه منجهند جو اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. ڪينسر سميت ڪيترين ئي بيمارين کي منهن ڏيندڙ مرحوم احمد خان مدهوش جوهي کان هر مهيني ڪراچي جي اسپتال ايس آئي يو ٽي ۾ چيڪ اپ لاءِ ايندو رهيو، پر جڏهن گذريل مهيني مئي جي چيڪ اپ لاءِ آيو ته ڊاڪٽرن واپس جوهي وڃڻ کان منع ڪري کيس اسپتال ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن مون اسپتال پهچي هن کان طبيعت پڇي ته ڌيمي آواز ۾ اکين ۽ پيرن تي سوڄ چڙهيل هوندي ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ جي باوجود هن ڳالهيو، ”ڀائو هاڻي چڙهڻ مشڪل آهي، منهنجو جوهي زنده واپس وڃڻ ڪونه ٿو لڳي“. ڀرسان ويٺل سندس وڏو پٽ شاعر خليل عارف هن کي ڳالهائڻ کان منع ڪندو رهيو پر پوءِ به هو مون سان ڳالهائيندو رهيو. احمد خان مدهوش جي پيدائش ڳوٺ کان اسپتال ويندي ڊليوري ڏاند گاڏي ۾ ٿي هئي. هن تي احمد خان نالو جوهي جي بزرگ پير ميان محمود رکيو هو. جڏهن ته مدهوش تخلص سندس هڪ دوست رکيو هو. هن پنهنجي شروعاتي شاعري ”نئين زندگي“ رسالي کي ڏني هئي ۽ موٽ ۾ هن کي 75 روپين جو معاوضو ڏنو ويو هو. جڏهن ته پهرين شاعري ڪيسٽي راڳي محمد اسماعيل رند کي ڏني ۽ هن ڳائي هئي، جنهن جا ٻول هئا؛ ”جاني آ تون جوهي“. هن سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي. دادو ضلعي جي ٻن مشهور شاعرن استاد بخاري ۽ احمد خان مدهوش جي جوڙي مشهور هوندي هئي. پوري پاڪستان جي مشاعرن ۾ هي ٻئي گڏ شامل ٿيندا هئا. مرحوم مدهوش سان اسپتال ۾ علاج دوران ڪيترائي ڀيرا ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران هن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ته، ”جنهن جي ڪري شاعري ڪئي اهو اڄ سوڌو نه ملي سگهيو“. غريب هئڻ ڪري هن سماج سان بغاوت شروع ڪئي ۽ اهڙي طرح هڪ باغي شاعر ٿيو. هڪ ڏينهن پاڻ اڪيلائي ۾ گن گنائي رهيو هو ته هڪ دوست هن کي چيو ته، ”مدهوش“ لڳو پيو آهين ۽ اهڙي طرح هن کي شاعري لاءِ لقب ملي ويو ۽ تخلص رکي ڇڏيائين. مرحوم مدهوش پ پ جو پراڻو ڪارڪن ۽ شهيد ڀٽي جو سچو سپاهي هو ۽ شهيد ڀٽي تي پڻ پاڻ شاعري ڪري چڪو آهي.
    مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    احمد خان سومرو ”مدهوش“ سنڌ ڌرتي جو سرموڙ ۽ ڀلوڙ شاعر هئو۔۔۔۔ جن جي وڇوڙي جو خال شايد ئي ڪو ڀري سگهي۔۔۔ سائين احمد خان مدهوش جي ايصالِ ثواب لا اسان سڀ دعاڳو آهيون۔۔۔ شال رب ڪريم انهن جي مغفرت عطا فرمائي۔۔۔۔ الله سائين سندس جي قبر کي پنهنجي نور ۽ محبوب ڪريم جي نُور سان پُرنور عطا فرمائي۔۔۔ سندس کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي۔۔۔ آمين۔۔۔۔ ۽ پوئيرن کي صبر و جميل عطا فرمائي۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    الله تعالى سندن مغفرت فرمائي ء جنت نصيب فرمائي
     
  11. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا۔

    الله تعالى سندن مغفرت فرمائي ء جنت نصيب فرمائي ۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مدهوش جي مري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ته هوش کي سنڀالجو۔۔۔۔

    آمين ثم آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو