ادب جو تعارف

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    278
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    گھڻو وقت اڳ ادب تي ڪجھ ڪتابن مان پڙهي ٿورو مواد گڏ ڪيو هيم. هونئن ته ادب تمام وسيع آهي، پر جڏهن اڄ گوگل ۾ “ادب جو تعارف ” لکي ڳولا ڪيم ته هڪ لنڪ به نه ملي. انگريزي ۾ به ڳوليم ۽ سنڌي ۾ به ڪجھ نه مليو، ڏک به ٿيو. تڏهن محسوس ٿيو ته هي مواد ڇو نه ٻين تائين ونڊجي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    انگريزي لفظ ”لٽريچر“ تمام وسيع معنيٰ رکي ٿو. اهو لفظ اصل ۾ هڪ لاطيني لفظ ”Litera“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اکر“، انهيءَ لفظ مان پهرين لفظ ”Litteratura“ ٺهيو، جنهن جي معنيٰ لاطينيءَ ۾ سکڻ (Learning)، گرامر (Grammar)، وغيره هئي. ان ڪري لٽريچر جي معني لغت ۾ ”اکرن جي دنيا“ لکيل آهي. ان کان سواءِ هر قسم جي ڇپيل مواد کي پڻ لٽريچر سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪوبه مضمون شامل ٿي سگهي ٿو.

    انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ چارلس ليمب ”ادب“ جي دائري کي محدود ڪندي گبن (Gibbon) جي لکيل تاريخ کي به ان مان خارج ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ لحاظ کان قانون، مذهب ۽ طب تي لکيل ڪتاب به پڪ سان ”ادب“ جي دائري مان خارج ٿي وڃن ٿا. مٿئين مثال مطابق لٽريچر ٻن قسمن جو هوندو اهي. هڪ معلوماتي ۽ ٻيو تاثراتي.

    معلوماتي لٽريچر اهو آهي جنهن مان صرف معلومات ملي ٿي. هن قسم جي ادب ۾ تاريخ، جاگرافي، سياست، ٻولي، علم لغت، ۽ گرامر وغيره جهڙا موضوع شامل هوندا اهن. هي لٽريچر تخليقي نه هوندو آهي، ان ڪري انهيءَ تي تنقيد ڪانه ٿيندي آهي.

    اهو غلط يا صحيح ٿي سگهي ٿو، ان ۾ ترميم، سڌارو يا واڌارو پڻ ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ۾ دليل بازي ڪم ايندي آهي.

    تاثراتي لٽريچر ۾ شاعري، افسانا، ڊراما، ناول، مضمون مطلب ته نظم ۽ نثر جي مختلف صنفن جي روپ ۾ ”ادب“ هوندو آهي، تاثراتي لٽريچر انساني دلين ۽ دماغ کي متاثر ڪندو آهي. ان کي تخيلاتي به چئبو آهي ۽ اهو تخليقي پڻ هوندو آهي. اهو پنهنجي خيال ۽ جذبي جي سونهن سان انسانن کي هڪ قسم جي تسڪين يا خوشي به ڏيندو آهي. تاثراتي ادب تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، پر ان ۾ ڪي تبديليون نٿيون آڻي سگهجن. اهڙو ادب ڇاڪاڻ ته انسانن جي جذبن، احساسن، تخيل وغيره ۾ تحرڪ پيدا ڪندو آهي ۽ هڪ قسم جي جمالياتي خوشيءَ جو باعث هوندو آهي. ان ڪري ان جي پرک ڪرڻ مهل تخليقي، تنقيدي شعور سان گڏ جمالياتي حِس جي به گهرج هوندي آهي.

    ڊبليو ايڇ هڊسن چوڻي موجب ”ادب مان مراد اهي ڪتاب آهن، جيڪي پنهنجي موضوع ۽ طرز بيان جي لحاظ کان عام دلچسپيءَ جا هجن ۽ جن ۾ خاص طور تي پڙهندڙن جي لطف جو خيال رکيو ويو هجي“. ان لحاظ کان هڪ ادبي ڪتاب علم نجوم، سياست، فلسفي ۽ تاريخ جي ڪتابن کان مختلف سمجهبو. ڇو جو اهو ڪنهن هڪ طبقي لاءِ نه پر هر ڪنهن جي دلچسپي لاءِ هوندو آهي. ۽ پنهنجي انداز ۽ طريقي ۾ انسان جي جمالياتي شوق کي پورو ڪندو آهي.

    ڪنهن به ڪتاب جي عقلي قيمت معنيٰ ته اهو ڪنهن مقصد جو تعين ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ٿو ۽ ايئن انسان جي دماغي يا ذهني زندگيءَ کي ان مان فائدو پهچي ٿو، پر اهو ضروري ناهي ته اهو پڙهڻ کان پوءِ اسانجو دماغ ان جي تائيد ڪري، ان مان ڪو مالي يا جسماني فائدو پهچي نه پهچي پر عقلي فائدو ضرور پهچي. سائنس جي ڪتابن مان عقلي فائدو به پهچندو آهي ته زندگيءَ ۾ انهن جو ڪو ڪارج به هوندو آهي. پوءِ به اهو ادب ناهي هوندو، ته ڇا ادب جي لاءِ ڪتاب جي ڪا اخلاقي قيمت هئڻ ضروري آهي؟ انهي سلسلي ۾ به ماهرن جي راين ۾ اختلاف آهي، ڪي چون ٿا ته اصل شيءِ ڪتاب جي اخلاقي قيمت ئي هوندي آهي ته ڪن وٽ فني اهميت جو به خيال آهي، يونان ۽ روم ۾ ادب جي اخلاقيات کي اهميت ڏني ويندي هئي. دنيا ۾ ٻين ڪيترن هنڌن تي ادب مان اهو ڪم ورتو ويندو آهي ۽ ان ذريعي ڪو سبق، ڪا نصيحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر مختلف سماجن ۾ مختلف دورن ۾ اخلاقي معيار بدلجڻ سبب اهي سبق هميشه ڪار آمد نه رهيا آهن. بهر حال ادب جو زندگيءَ سان تعلق هئڻ ڪري ان جي اخلاقي اهميت به ضرور ٿئي ٿي. آخر ۾ ڪتاب جي جذباتي قيمت بابت سوچجي ته اها ڳالهه چٽيءَ ريت سامهون اچي ٿي ته ادب جي سڀ کان وڏي خوبي آهي ئي اها ته هو انساني جذبن کي حرڪت ۾ آڻڻ جي سگھ رکي ٿو، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ادبي ڪتابن جي جذباتي قيمت سڀني کان وڌيڪ هوندي آهي، جيڪا تصنيف انساني جذبن کي اڀاري سگهي، اها ئي ادبي تصنيف آهي

    ادب کي بيان ڪندي سنڌ جي مشهور افسانه نگار امر جليل لکيو آهي ته ”ادب پنهنجي معاشري جي گڏيل يا انفرادي طرح سان ڪنهن شخص جي ذهني ۽ جسماني عذاب، اميدن ۽ خوف، غم ۽ خوشيءَ جي عڪاسي ڪندو آهي، ادب جو تفريح سان ڪوبه واسطو ڪونهي، ادب قومن جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جو شاهد هوندو آهي“.

    مطلب ته مختلف دورن ۾ ادب جي مختلف وضاحت ڪئي ويندي آهي.ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جو تجزيو بلڪل صحيح آهي ته ”ادب جي وصف ۾ جيڪا جنگ جڳن کان هلندي ٿي اچي، تنهنجو اختصارهي آهي ته هڪ ڌر ادب کي تفريح جو ذريعو ٿي ڄاڻي ته ٻي ڌر ادب کي زندگي ۽ ان جي مسئلن کي سمجهڻ، سنوارڻ، سينگارڻ ۽ سڌارڻ جو ذريعو ٿي سمجهي، ليڪن جيڪا ڳالھ مشترڪ آهي سا اها آهي ته هر دور جي عالمن ۽ پارکن ان ادب جي مخالفت ڪئي آهي، جيڪو انسان جي خراب جذبن کي اڀاري هن ۾ نفيءَ وارين قوتن کي بيدار ڪري برائي جي جنم جو ڪارڻ بڻجي ٿو.

    تاريخي پسمنظر

    ادب هڪ وسيع معنيٰ ۽ مفهوم طورتي استعمال ٿيندڙ لفظ آهي، جيڪو پنهنجي تارريخي حوالي سان ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو، جن مان اهو به هڪ سوال آهي ته ادب جي لکڻ جي شروعات لکڻ جي فن سان ٿي يا ٻولي جي شروعات سان؟ ان سلسلي ۾ اسان ايئن چئي سگهون ٿا ته ٻولي ۽ ادب جو هڪٻئي سان تعلق انتهائي قديم آهي ڇو جو:

    ٻولي ڪنهن به تحرير يا تخليق جي اظهار لاءِ زبان جو ڪم ڏئي ٿي.

    ٻولي ئي اظهار جو اهم ذريعو آهي، جيڪا سماجن ۽ قومن جي مزاج، ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي مواد کي ڪارآمد بنائي ٿي.

    ٻوليءَ جو ابتدائي روپ آوازن يا اشارن جي صورت ۾ ملي ٿو.

    مطلب ته ڪنهن اظهارِ خيال لاءِ ٻولي جي وجود کان سواءِ تصور ناممڪن آهي.هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته دنيا جي ادب جي شروعات ڇا سان ٿي؟ ان سلسلي ۾ محترم لطيف جمال جو خيال آهي ته:

    اوائلي ادب جي ابتدا مذهبي رسمن، خوف ۽ گمانن جي مواد تي مشتمل ڌند ڪٿائن جي صورت ۾ ٿي.

    ادب جو اوائلي نمونو نظمي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪو گيت ۽ عوامي رنگ جي احساساتي اظهار جو ترجمان هو.

    انهن گيتن ۾ موجود ڏند ڪٿائن جو بنياد فن بجاءِ احساسن، جذبن ۽ تخيل جي قوت تي هو.

    انهن گيتن ۽ ڏند ڪٿائن جي شروعات لکڻ جي هنر سان نه پر زماني جي جادو بيانيءَ سان ٿي.

    انهن جي بقا ڪتابي رڪارڊ ۾ نه پر حافظي جي سگهاري قوت هو.هتي اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي ته ادب جي سڀ کان جهوني صنف شاعري آهي، ۽ شاعري ۾ انساني جذبن جي اظهار جو طريقو اڄ سوڌو رائج آهي.مطلب ته ادب جي شروعات انساني ڏک، سک، بهادري، پيار، سونهن، پوجا، سچ، گلا ۽ غيبت، ٽوڪ زنيءَ جا جذبا وغيرھ هن فن جي ذريعي ظاهر ڪيا ويا آهن.
    هي موضوع منهنجي بلاگ تي
     
    جاويد خاصخيلي ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,888
    ورتل پسنديدگيون:
    27,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو ڪم ... اهڙن موضوعن خاص ڪري تعارفي موضوعن جي سخت ضرورت آهي
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو