سنڌ جي قومي سورمي دولهه دريا خان جي گوپانگ ريلوي اسٽيشن لڳ اڏايل هڪ مُنفرد ۽ تاريخي جاءِ

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ سارنگ جويو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    سما دور جي سنڌ جي سپهه سالار دولهه درياهه خان جي جوڙايل قُبائين جاءِ/ اوطاق

    سارنگ جويو

    تَتُ

    سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، جاگرافي ۽ جيالاجي سائنسي نُقطهءِ نظر سان نه لکي وئي آهي، جيڪڏهن ٿورو گھڻو لکيو به ويو آهي ته اُهو به تمام گھٽ. ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مُحقق آهن، جن هنن موضوعن تي لکيو آهي. جن ۾ جي.ايم سيد، اين جي مجمدار، ايف اي خان، ايم ايڇ، پنهور، عطا محمد ڀنڀرو، پير حسام الدين راشدي، تاج صحرائي، رشيد ڀٽي، عبدالله مگسي، حاڪم شاهه بخاري، غلام محمد لاکو، بدر ابڙو، دلشاد ڀُٽو سينيئر، اشتياق انصاري، مشڪور ڦلڪارو، ۽ ڪُجهه ٻيا اچي وڃن ٿا. ان جي باوجود سنڌ جي تاريخ ۽ آرڪيالاجيءَ تي سائنسي تحقيق جي نقطهءِ نظر سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُن حوالي سان سنڌ جي تاريخ ۽ آرڪيالاجيءَ سان اُنسيت هُئڻ سبب تاريخ ، آرڪيالاجي ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن جي مُطالعي ڪرڻ سان گڏوگڏ تاريخي ۽ آرڪيالاجيڪل ماڳن تي وڃڻ پنهنجو مشغلو بڻائي ڇڏيو هو. انهيءَ مشغلي ۽ تاريخ جي مُطالعي مون کي تاريخي ماڳن تي لکڻ لاءِ پئي آماده ڪيو آهي. هن مقالي لکڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته سنڌ جي گُم ٿيل تاريخي ۽ آرڪيالاجيڪل ماڳن تي تحقيقي انداز ۾ لکي ماڻهن جي آڏو رکجي ۽ گڏوگڏ انهن کي بَچائڻ لاءِ پڻ قدم کڻجن.

    دولهه درياهه خان جي ٺهرايل قُبائين جاءِ/اوطاق

    سنڌ جي تاريخ سان ھڪ وڏو اَلميو اِھو رھيو آھي ته، سنڌ جي تاريخ کي سائنسي تحقيق جي نقطهءِ نظر سان لکڻ بجاءِ رِوايتن ۽ ڏَند ڪَٿائن جي بُنياد تي لکيو ويو آھي. مٿان وري تاريخي قديم آثارن ۽ ماڳن جي حالت اِھا آھي، جو 80 کان 90 سيڪڙو تباھيءَ جي ڪناري تي پُھتل آھن. اِھو سڀ ڪُجھ ڏسي گھڻي تڪليف محسوس ٿيندي آھي. اُن ڪري هڪ سُجاڳ ۽ باشعور قوم جي فرد جي حيثيت ۾ ھميشه اھا ڪوشش رهي آھي ته باشعور ۽ سُجاڳ دوستن جي ٽيم جوڙي سنڌ جي تاريخ کي سائنسي نقطهءِ نظر سان لکڻ سان گڏ پنھنجن تھذيبي ماڳن کي نه صرف نِروار ڪجي، پر اُنھن تي تحقيق پڻ ڪجي ۽ انھن جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون وٺجن. ان عشق ۽ جذبي تحت 30 آڪٽوبر 2016ع تي پنھنجن پيارن دوستن امين جويي ۽ علي احمد سان گڏجي انڊس هاءِ وي سان لڳو لڳ گوپانگ ريلوي اسٽيشن سان گڏ سما دور جي ھڪ اھم تاريخي ۽ تھذيبي ماڳ ’دولھ درياھ خان جي اوطاق‘ جي نالي سان مشهور جاءِ تي تحقيق جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو، جيڪا ڄامشوري کان 42 ڪلوميٽر انڊس هاءِ وي جي اوڀر ۾ واقع آهي.



    دولهه درياهه خان جي قُبائين جاءِ جي موجوده زبون حاليءَ جو ڏيک

    جتي ان اوطاق جون اسان مڪمل ماپون پڻ ورتيون، جيڪي هن ريت آهن؛ اوطاق جي اولهه کان اُتر واري بيٺل ديوار جي ڊيگهه 37 فُوٽ ۽ اوچائي 10.5 فوٽ آهي، اُتر کان اوڀر واري ديوار اڌ ڊٿل حالت ۾ موجود هُئي، جنهن جي ڊيگهه تقريبن 30 فوٽ ۽ اوچائي 10.5 فوٽ آهي ۽ ڏکڻ کان اولهه واري ديوار جا 3 حصا ڊٿل هُئا پر ان جي سراسري ماپ ساڳي 30 فوٽ وڃي بيهي ٿي ۽ اوچائي به تقريبن ساڳي 10.5 فوٽ بيهي ٿي. جڏهن ته اوطاق جو اڳيون حصو يا اَڱڻ جو مُنهن ريلوي لائين طرف آهي، جيڪا اوڀر ۾ آهي، ان جي سراسري ڊيگهه به 30 فوٽ آهي. تاريخ جي مُطالعي مان خبر پوي ٿي ته هيءَ اوطاق جيڪا سنڌ جي سما دور جي قومي سورمي شھيد دولھ درياھ خان جي نالي سان منسوب آھي، جنھن جي باري ۾ سنڌ جي مُحقق حاڪم شاھ بخاري پنھنجي تحقيق ڪيل ڪتاب ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ۾ مختصر طور هن ريت لکيو آھي ته،” هن قسم جي اڏاوت جيڪا ديوي آهي، ۽ سما دور جو واحد يادگار آهي. ان جهڙي گهرٻاري اڏاوت پوري سائوٿ ايشيا ۾ ملڻ مُشڪل آهي، اڏاوت سادي پر خاص قسم جي آهي. مٿي ڇَتِ تي نَوَ گُنبذ ٺهيل آهن، گُنبذ ٽن قسمن جا آهن، هڪ اَٺَ ڪُنڊو، هڪ چَئو ڪُنڊو ۽ سَتَ نيم دائري دار. اُهي ايترا وڏا ڪونه آهن، ماپ ۾ 7.6*7.6 ٿيندا. هن وقت هي خاص قسم جي عمارت بلڪل زبون حالت ۾ آهي، جيڪا سنڌ جي مشهور سما حڪمران دولهه درياءَ خان جي ٺهرايل آهي. کيس سنڌ جي تاريخ ۾ مُبارڪ خان جي نالي سان به وڏي مڃتا آهي. (بخاري،2008)

    مٿي ڏنل حاڪم علي شاهه بُخاريءَ جي حوالي مان اِها خبر پوي ٿي ته هيءَ اوطاق سما دور جي 9 قُبائين هڪ مُنفرد اڏاوت آهي، جنهن مان هن وقت صرف هڪ اَٺَ ڪُنڊوگُنبذ (قُبو) ثابت بيٺل آهي، جنهن جي ماپ جيڪا اسان ڪئي سا هن ريت آهي؛ گُنبذ جو مڪمل گهيرو 30 فوٽ ۽ 5 انچ آهي ۽ جڏهن ته گُنبذ جي اوچائي 9 فوٽ 7 انچ آهي.



    امين جويي، ۽ علي احمد سان گڏ قُبائين جاءِ/اوطاق جون ماپون وٺندي

    ان کان علاوہ سما دور جي تاريخ تي لکيل ڪتابن ۾ ھن اوطاق جو ڪجھ اھم ذڪر پڻ ملي ٿو. سنڌ جي هڪ ٻئي مُحقق ۽ تاريخ جي ڄاڻو غلام محمد لاکي پنهنجي لکيل ڪتاب ’سمن جي سلطنت‘ ۾ان اوطاق جو مختصر ذڪر ھن ريت ڪيو آھي ته، ” اڳتي هلي دريا خان جو تعلق سيد حيدر سنائيءَ ۽ سيد عبدالرزاق لڪياريءَ سان پيدا ٿيو، جن مخدوم بلاول جي صلاح مصلحت سان سيد محمد جونپوريءَ کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو. هن ياري دوستيءَ واري تعلق سبب دريا خان اڳوڻي گوپانگ اسٽيشن ڀرسان پنهنجي رهائش لاءِ هڪ قُبائين جاءِ ٺهرائي هُئي، جا اَڄُ سوڌو موجود چئي وڃي ٿي.“(لاکو،2005)

    سما دور جي ان تاريخي جاءِ جي حوالي سان سائين جي.ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گُذاريم جن سين‘ جي ٻئي جُلد ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ” ابراهيم شاهه جو پوٽو سيد حيدر سن وارو دريا خان جو دوست هو. هن لاڳاپي سبب پوءِ دريا خان گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان هڪ قُبائين جاءِ ٺهرائي، جتي اڪثر اچي رهندو هو.“ (سيد،2005)

    سنڌ جي قومي دانشور دلشاد ڀُٽي سينيئر پنهنجي لکيل ڪتاب ’پهڻن پيرَ پِٿُون ڪَيا‘ ۾ سما دور جي هن تاريخي ۽ اهم جاءِ جي اهميت ۽ اُن جو سنڌ جي سياسي هلچل ۾ ڪردار تي جامع انداز ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ”دولهه دريا خان خاڻوٺ لڳ هڪ قبائين جاءِ جوڙائي هئي، جتي هُو عبدالرزاق لڪياريءَ ۽ حيدر شاهه سنائيءَ سان مُلاقات ڪندو هو.“ (ڀُٽو،2016) اڳتي هلي دلشاد ڀُٽو سينيئر وڌيڪ لکي ٿو ته،” ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها قُبائين جاءِ ڪاڇي اندر دريا خان جو هيڊ ڪوارٽر هُئي، جتي رهي هُو اهم پاليسي مسئلن تي سنڌ جي مُحب وطن اڳواڻن سان گڏجاڻيون ڪندو هو. اُها قُبائين جاءِ هڪ ناهي پر ٻه ٽي قُبن واريون جايون آهن، جيڪي پراڻي گوپانگ اسٽيشن ڀرسان اڄ به موجود آهن. اُتي رهندڙ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪُجهه وقت لاءِ اُتي عارضي سلطنت قائم ٿي هُئي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر اُها قُبائين جاءِ هُئي. سنڌ جو ڪاڇي وارو علائقو دفاعي لحاظ کان هميشه اهم رهيو آهي. دريا خان ارغوني لشڪر کي سِبيءَ وٽ شڪست ڏني ته هُئي، پر اهو امڪان موجود هو ته شاهه بيگ سنڌ تي ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿو. سمن جي دور ۾ تُغلقن به سنڌو درياءَ جي رستي کان ڪاڇي تي حملو ڪيو هو ۽ ارغوني فوج جي حملي جو به خطرو اُن پاسي کان موجود هو.


    سما دور جي مُنفرد قُبائين جاءِ جو زبون حاليءَ وارو ڏيک

    اُن ڪري اها قُبائين جاءِ ڪاڇي ۾ شايد دفاعي مقصد لاءِ جوڙائي وئي هُئي، ڇو ته اُن جاءِ جي هڪ طرف جبل آهن ته ٻئي طرف سنڌو درياءُ آهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته قُبائين جاءِ جوڙائڻ لاءِ ان جڳهه جي چونڊ پوري منصوبابنديءَ سان ڪئي وئي هُئي، جيئن درياءَ ۽ خُشڪي ٻنهي رستن جي نگراني ڪري سگهجي ۽ ٻنهي پاسي نظر رکي سگهجي. ڇو ته خُشڪيءَ کان ارغوني حملي جو خطرو هو ته وري دريائي رستي کان پورچوگيزي حملي جو خطرو هو. ڪاڇي جي خشڪيءَ وارن رستن جي ڪمانڊ ته هميشه مخدوم بلاول جي هٿ ۾ رهي، ڇو ته مٽياري ۽ خاڻوٺ وٽ سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسي ٻيلن ۾ سخي ابراهيم شاهه جا مُريد رهندا هُيا ۽ درياءَ جي ٻنهي پاسن تي سخي ابراهيم شاهه جون زمينون هُيون. ٻيو سخي ابراهيم شاهه دريا خان سان ملڻ لاءِ مٽياريءَ کان قُبائين جاءِ ۾ ملڻ ايندو هو. مٽياري سنڌو درياءَ جي کاٻيءَ ڀَر تي هُئي ۽ قُبائين جاءِ درياءَ جي ساڄي ڀَر تي هُئي. ان جو مطلب ٿيو ته سخي ابراهيم شاهه درياءُ پار ڪري دريا خان سان ملڻ ايندو هو ۽ درياءُ پار ڪري ملاقات ڪرڻ جو مقصد هو ته اهي ملاقاتون عام نوعيت جون نه پر خاص نوعيت جون هُيون.(ڀُٽو،2016)

    مٿين تاريخي ڪتابن جي حوالن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته انڊس هاءِ وي جي ڀَرَ ۾ گوپانگ ريلوي اسٽيشن وٽ جيڪا زبون حالت ۾ اڏاوت آهي، سا سما دور جي دولهه درياهه خان پاران ٺهرايل اُها ئي ساڳي جاءِ آهي، جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر نُمايان طور ملي ٿو. سنڌ جي سما دور جي هن مُنفرد قُبائين جاءِ جي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت آهي، هيءَ جاءِ سنڌ جي قومي ورثي ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. پر افسوس ان جو آهي ته هيءَ جاءِ ثقافت کاتي ۽ نوادرات کاتي جي بي ڌيانيءَ سبب ڏينهون ڏينهن زبون حاليءَ طرف وڌندي پئي وڃي ۽ باقي بچيل آخري گُنبذ به ڪنهن به وقت برسات ياسِم ۽ ڪلر جي ڪري ڪِري سگهي ٿو. ان لاءِ ثقافت کاتي ۽ نوادرات کاتي کي گھرجي ته تُرت ان کي بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺي نه اسان هڪ تاريخي يادگار کان محروم ٿي وينداسين.



    حوالا

    1. بُخاري، حاڪم شاهه. (2008). ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. ص.

    2. لاکو، غلام محمد. (2005). ’سمن جي سلطنت‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. ص.

    3. سيد، جي.ايم. (2005). ’جنب گُذاريم جن سين‘ ڀاڱو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. ص.

    4. ڀُٽو دلشاد سينيئر. (2016). ’ پَهڻن پير پِٿون ڪيا‘ آزادي اشاعت گھر، ميرپور بٺورو. ص.31.

    5. ساڳيو، ص.32 ۽ 33
     
    سليمان وساڻ ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو