”شالَ وسن او سنڌڙي! تنھنجا کيت وسن: شيخ اياز“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”شالَ وسن او سنڌڙي! تنھنجا کيت وسن: شيخ اياز“


    ڪامريڊ ڪريم بلوچ

    ” سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سھندو ڪير ميارَ او يارَ!“

    شيخ اياز سنڌ جو ڪارڊ آهي. اياز، ڪامريڊ سوڀي لاءِ چيو ته، سوڀو اسان جو لعل قلندر آهي ۽ موهن جو دڙو جنھن کي سيڪ ۽ سم چؤطرف ويڙهي وئي آهي پر اسان ان جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون . تيئن ئي شاعرن جو اياز به لعل قلندر ۽ موهن جو دڙو آهي، اسان سندس فڪر ۽ شاعري عام ماڻھن تائين پھچائي نه سگهيا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ شيخ اياز جي شاعري شامل ناهي ڪئي وئي، شيخ اياز جي ٽھيءَ جي شاعرن جي جيڪا شاعري درسي ڪتابن ۾ موجود آهي تنھن کان اياز جي شاعري وڌيڪ سگهاري ۽ تعميري آهي.

    شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعلى ڪرشمو آهي ۽ ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کانپوءِ ئي نروار ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنھنجي پنھنجي دؤر جا عڪس ۽ تاريخ ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنھنجي دؤر کي ٻيا شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن، اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي ته اسان جي هر مادياتي، روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج . جيئن اياز چِٽي وڏي واڪي پنھنجي شعرن ۾ چيو آهي ته ؛ ”جيترو به انسان پنھنجي ماتا ڌرتيءَ سان پيار محبت عشق ڪندو اوترو ئي تاريخ ان جا ڳڻ ڳائيندي.“

    مرندا سين ته مِٽيءَ مان، پنھنجا جڙندا ڪيئي جام،

    نوان نوان متوالا ايندا، هڻندا تن جي هام.

    جيڪڏهن اياز جي سموري شاعريءَ جو اسان پوري دل سان مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته، ”اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ اياز آهي“. اسان ڪجهه تاريخي مطالعي ڏانھن ٿا اچون ته تاريخ ڇا ٿي چوي ؛ جڏهن به اسان ڪنھن زبان، ٻولي ۽ ادب جو گھرو مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ٿا ته پوءِ اسان پھريان ان جي روايتن، مزاج، ثقافت، سماجي قدرن، اقتصادي حالتن جو پوري نموني سان جائزو وٺون، ڇا قوم جي معاشري يا سوسائٽيءَ جي مڪمل تاريخ لکيل آهي يا نه ؟ پوءِ ان کي گھري نموني سان ان تاريخ کي پنھنجي آڏو رکون ڇا اها قوم ماڻھن جي چؤگرد تاريخ سان ڪھڙا ظلم ستم ۽ قھر ٿيل آهن .

    اياز جي شاعري، ڪھاڻيون، ماضيءَ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي حالتن جو پورو پورو عڪس آهن، ان جي شاعريءَ کي پڙهڻ کان بعد اسان کي پوري سـُڌ پوندي ته ڪنھن خاص دؤر ۾ قوم جي نفسياتي ، روحاني يا مذهبي ڪيفيتون ڪھڙيون هيون ۽ ماڻھن جو رجحان ڪھڙي طرف مائل هو، طاقتور قوتون عوام ۽ رياست تي قابض ڌريون ۽ قابض گروپ ماڻھن جي نفسياتي نوعيت ڪھڙي هئي. اياز جي شاعري پڙهڻ مان ماڻھن جو پوريءَ طرح مزاج، فطرت، رهڻي ڪھڻي تائين،. پڙهندڙن کي پوري طرح خبر پوندي جڏهن اسان ان جي شعر جو جائزو وٺندي ان نتيجي تي پھچي فيصلو ڪندا سين ته گذريل ٻه سئو سالن ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ ڪوبه اهڙو شاعر سنڌ ۾ پئدا نه ٿي سگهيو آهي جو وڏي اعلى درجي جي ۽ هر طرف کان پوري طرح عوام جي عڪاسي ڪري سگهي هجي.

    سچل، بيدل بيڪس شاهه جو رستو ته ورتو ۽ ان پنڌ تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر هنن رڳو شاهه جي محاڪاتي ۽ افسانوي پسمنظر، محاورن، تشبيھن ۽ روحاني رمزن کي پنھنجي شعر جو موضوع بڻايو پر ڪابه نئين شيءِ پيدا نه ڪري سگهيا . شاهه جي خيال ۽ زبان جي ندرت کي نه پھچي سگهيا. اهڙي نموني شاهه پنھنجي سر هڪ مڪتبهء فڪر و ادب ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي شاعر هن جي تقليد و تتبع ڪندا رهيا ۽ پنھنجي فن ۾ ڪابه انقلابيت ۽ جدت پيدا ڪري نه سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي دؤر کانپوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي مشڪل سان ڪي سِٽون ملن ٿيون جي زنده رهڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ورنه سندن سموري ءَ جو سموري شاعري شاهه جو کوکلو پڙاڏو آهي بلڪه جان آهي ۽ ڪنھن حد تائين بي معنى آهي پڻ . ان کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي مسلسل جمود کي ٽوڙڻ لاءِ پھرين ڪوشش ’ڪشن بيوس‘ ڪئي ۽ ڪامياب نظم لکي سنڌي شاعريءَ ۾ نوَن لاڙن جي شروعات ڪئي . پر هي شاعر به تقليد کان بچي نه سگهيو، سندس ڪيترائي شعر اردو شاعريءَ تان اڌارا ورتل آهن ۽ قافيه علامه اقبال جي ”بانگ درا“ ۽ اقبال جي ٻين ڪتابن تان . بيوس کانپوءِ جن شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي انھن ۾ راج دکايل، کيئل داس فاني، هري درياڻي دلگير جا نالا ڳڻڻ ۾ اچن ٿا پر اهي به شاعريءَ جو جمود ٽوڙي نه سگهيا ۽ اياز شاعريءَ کي دائمي تحرڪ ۽ زندگي بخشي . اياز جي شاعريءَ سنڌي شاعريءَ کي نوان موضوع، فن جي جدت، خيالن جي انفراديت، لفظن جي شيرين ۽ ترنم جاويد موسيقي بخشي. سندس گيتن جي ترنم سنڌي شاعريءَ جي سُتل گرنار کي جاڳائي ڇڏيو. شاعري مجموعي طرح عوامي جذبن جو آواز ٿئي ٿي ۽ ان جي شڪل ۽ فتح گمنام ماڻھن جو ذڪر، وطن تان جان گهورڻ وارن جو ذڪر، سنڌ جي حب الوطنيءَ جو ذڪر به ملي ٿو .

    اياز جو جنم 2- مارچ 1923ع شڪارپور ۾ ٿيو، جنم جو پورو نالو مبارڪ علي، ادبي نالو ”شيخ اياز“، والد جو نالو غلام حسين، شروعاتي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو ۽ بي.اي به اتان ئي ڪيائين . پي ايڇ ڊي جا ٻه ٽرم رکيل هئا ، هن جو گائيڊ ڊاڪٽر گربشاڻي گذاري ويو. 1947ع ۾ ايل ايل.بي پاس ڪيائين ۽ وڪالت ۾ اول جناب عبدالحئي قريشي ۽ جناب جمال صديقي سان پارٽنر ٿي رهيو ۽ سائين جي.ايم سيد سان متحده محاذ ۾ به پڻ رهيو. 1965ع ۾ جنگ جي دوران جيل به ويو ۽ 1968ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي، ولي خان ۽ ٻين 11- ماڻھن سان گڏ ساڳي آرڊر هيٺ ساهيوال جيل ۾ به رهيو . ايوب خان جي حڪومت 1970ع ۾ شيخ مجيب سان گڏ عوامي ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ ۾ به رهيو. ان وقت اهو مشھور هيو ته ”اياز کي مجيب سنڌ جو گورنر بنائڻ وارو آهي“. مجيب جي گرفتاريءَ بعد هن کي 8 مھينا سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو جنھن وقت سندس شاعري سرد مھريءَ ۾ رهي . شيخ اياز جڏهن ڏهن ورهين جو هو ته شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. اياز فارسي اردو جي تعليم پنھنجي والد غلام حسين کان حاصل ڪئي. اياز جو شاعريءَ جو استاد کيئل داس هيو. اياز سنڌي زبان جو بھترين شاعر ۽ عالمي ادب جو اسڪالـر آهي . سندس شاعريءَ جا 44-ڪتاب، نثر جا 14 ڪتاب آهن. اردو جو سٺو شاعر هو سندس ٻه ڪتاب اردو شاعريءَ ۾ آهن. اياز، شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. شاهه لطيف پراڻي سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ ۽ زنده رکيو آهي، شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جي گم ٿيل لفظن کي ڳولھي هٿ ڪري نئين سر جيئاري ڇڏيو آهي. اياز جڏهن هندستان ويو ته اُتي هڪ محفل ۾ موهن ڪلپنا اياز کي چيو ته ”تنھنجي ڪويتا ٻڌي مون کي راڻو پرتاب جي زندگيءَ جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي، راڻو پرتاب ڪنھن مھم تي ويل هيو، ڪنھن کي معلوم نه هيو ته هو چتور جي قلعي ۾ واپس موٽي آيو آهي ۽ اوچتو ڪنھن پوڙهي راجپوت پنھنجي پٽ کي چيو ته راڻو موٽي آيو آهي ۽ قلعي ۾ آهي. هن جي پٽ حيرت مان کانئس پڇيو ابا توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته، راڻو قلعي ۾ موٽي آيو آهي. جنھن تي پيءُ وراڻيو ته تون تلوار جا ساندهه سَت زپڪا ٻڌا جڏهن هن جي پُٽ هائو ڪندي ڪنڌ ڌوڻيو تڏهن هن جي پيءُ چيو ته سانده سَت ڀيرا ايتري زور سان تلوار جا زپڪا فقط راڻو ئي ڪري سگهندو آهي .“ اياز ايتري رواني ۽ جوش سان سانده ست ڀيرا نظم فقط تون ئي پڙهي سگهندو آهين. ايا زجواب ڏنو ته منھنجي شاعري ڪلا ۾ خوبصورت تشڪيل ڪنھن ڪونه ڏٺي آهي.

    اياز جي چوڻيءَ موجب ته، ابراهيم جويو مون سان ٺٽي ۾ گڏ هو، ان محفل ۾ جميعت الشعراءَ وارا به ويٺل هئا، اُتي شيخ اياز انھن کي چيو ته، ”توهان سڀ جَکَ ٿا هڻو ۽ اجايو وقت ٿا وڃايو.“ اُتي وڏا وڏا نالي وارا جيڪي جفادري شاعر هئا، کين اياز چٽيءَ طرح چيو ته ”دنيا جو ادب ڇاهي؟، توهان ته بلڪل اڻپڙهيل ڄَٽَ ماڻھو آهيو، توهان ڇا ڄاڻو شاعري مان ۽ توهان ته رڳو رديف ۽ قافيه ڪڍي انھن تي غزل پيا ٿا لکو. شاعري اها ته نه ٿيندي آهي ۽ انھيءَ وقت کان وٺي سنڌي شاعرن خاص ڪري غزل گو شاعرن سانگي کان وٺي هن مھل تائين سڀ اڻپڙهيل شاعر هوندا هئا، ڇڙو ٿوري ڪا ۽ انڌي منڊي شاعري پڙهي هئائون. فارسيءَ تي پورو عبور هئن ئي ڪونه ، مان انھيءَ دؤر کي اڻپڙهيل شاعرن جو دؤر سمجهان ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ هينئر جيڪا نواڻ آئي آهي سا بيوس جي شاعريءَ جو اثر آهي. جميعت الشعراءَ وارا غزل جي طرح ڏيندا هئا، مثال طور هڪڙي طرح ڏيندا هئا ان ۾ قافيه به ڏيندا هئا جيئن: ”اندام، مندام، گلفام“ وغيره ۽ ٻيا شاعر ڄڻ ان جوڙجڪ (ڪيلڪيوليشن) کي حل ڪندا هئا. شاعر وري اردو اديبن جي ديوانن تان قافيه کڻندا هئا ۽ قافين جي سڄي لسٽ ٺاهي غزل لکندا هئا ان بابت مونکي غلام محمد گرامي صاحب سڀڪجهه ٻڌايو ته اياز سائين هاڻي منھنجو ان ڏينھن کان ئي وٺي شاعريءَ تان ارواح کڄي ويو هو. “

    اياز نوبل پرائيز بابت هن طرح ٻڌايو آهي ته جيڪي ادبي ترجما ٿيل آهن جھڙوڪ: فرينچ، اٽالين، سوئيزرلينڊ، روسي زبان هجي يا انگلش ۾ منھنجو ڪوبه ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ٿيل ڪونه آهي. جيئن ته ٽئگور کي ييٽس ترجمو ڪيو جيڪو انگلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، انھيءَ سبب ڪري ٽئگور کي نوبل پرائيز انعام مليو. فيض احمد فيض جو به ترجمو انگريزيءَ ۾ ٿيو پر ان کي نوبل پرائيز نه مليو. علامه اقبال کي نڪلسن ترجمو ڪيو پر اهو وڏو شاعر نه هيو انھيءَ جي ڪري هن کي نوبل پرائيز نه مليو. برصغير مان ته صرف ٽئگور کي نوبل پرائيز ملي آهي ۽ انھيءَ جا سبب هئا، ائين ڪونه هو ته ٽئگور پاڻ انگريزيءَ ۾ نه لکندو هو. ٽئگور جيڪو انگريزيءَ ۾ لکيو هو اهو ايڏو وڏو نه آهي پر ٽئگور کي جنھن ترجمو ڪيو اهو پاڻ تمام وڏي پايي جو شاعر هو، يينٽس 19 صديءَ جي تمام وڏن شاعرن مان هو .

    شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته 1947ع کان اڳ جو اڻ ڇپيل ڪلام منھنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو ان لاءِ ذميوار اها بي انتھا مايوسي جي اکر اڳيان اُڀري واڳون ٿي وريامَ واري ڪيفيت هئي، جنھن جو تفصيل فقط منھنجي زندگيءَ جي ڪنھن زخم بنھان کي تازو ڪندو، باقي ڪنھن خاص دلچسپيءَ جو باعث نه ٿيندو.“ شاعر جي سياسي وابستگي شاعريءَ جو انت ثابت ٿئي ٿي. اسان پنھنجي ڌرتيءَ ۽ تعليم سان گڏ زبان جي بقا ۽ بچاءَ جي اڃان جنگ جوٽي به ناهي جو سموري سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جي پاڙ آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ڪئي وئي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي بنھه پڙهائي نٿي وڃي، اڃان تائين سنڌ جا سمورا ادبي ادارا ۽ رياستي ادارا ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، متان ائين نه ٿئي جو فقط ”سنڌي زبان ۽ سنڌ جو نالو وڃي بچي“ ڇا اهو جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اِهو ماڊلازم آهي؟. اچو ته شاعريءَ ڏانھن هلون، شاعر پنھنجي حسن ۽ تخليق کي ابديت بخشي ته اُها انسان ذات لاءِ آجپي جو ذريعو ۽ فرحت بخش بڻبي ۽ دنيا جي هر رنج و صحت لاءِ ڇپر ڇانوَ ٿيندي ته جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي وڌي.

    اياز هميشه لاءِ سوچيو هو ته شاعر سماج جو ذميوار فرد آهي ۽ شاعريءَ جي ذميواريءَ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. پر اياز وسيع نموني سان انسان ذات سان محبت ۽ عشق ڪيو. اياز چوي ٿو ته ”مان عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منھنجي سِسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي ۽ هاڻ پٺتي موٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، پر ڇا منھنجي تقدير بدران ائين ٿيڻ نه گهربي هئي ۽ پنھنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها ته منھنجي شاعريءَ کي اها جلا ڪٿان ملي ها؟ جا ٻولَ کي امرتا ڏيندي آهي. سنڌ ۾ ماڻھون سمجهن ٿا ته سڀڪجهه پيسو آهي، پيسو ماڻھن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، نتيجو اِهو آهي ته ماڻھو پئسي لاءِ ڪجهه به ڪري ٿو سگهي. جڏهن ماڻھوءَ وٽ پئسو گڏ ٿئي ٿو ته انسانيت جي آپي مان نڪري وڃن ٿا. انقلابي جڏهن شرابي ڪبابي ٿين ٿا ته هنن ۾ خلوص نٿو رهي فقط فلوس رهي ٿو. مـُلان پلاٽن پرمٽن جي ڪڍ دربدر آهن، اِهو وساري ڇڏين ٿا ته هو رڳو چار فوٽ يا ڇھه فوٽ قبر تي جنازي نماز پڙهائين ٿا. پارسيءَ ۾ ڪنھن جو شعر آهي، ان جو ترجمو هيٺين ريت آهي ته :

    ”اسان جا دعا مھل هٿ کڻڻ اُن ڳالهه جو اشارو آهي ته خدا جي اڳيان جيڪو هٿ اسان جي شفاعت ڪندو سو خالي آهي“

    سائين جي.ايم سيد جي زباني موجب،

    ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئن گهڙي گهڙيءَ جو جام،

    وري نه هي مئخانو ملندو، هي مئه ناهي مدام.

    هاءِ ڄڻ اياز حافظ کي پيو ورجائي ، اياز جي نظر ذرا وڌي ويل آهي، تصوير جو ٻيو رخ به ڏسڻ ۾ پئي آيس، جي زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، امنگن جو جهول آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي آهي، هي چنڊ ستارا، هي بادل، هي برساتون، هي گل هي باغيچا، هي مٺڙا ماڻھون، هي وسندڙ وستيون، هي سڀ زندگيءَ جون دوستيون آهن . اي موتَ تون هڪ تِکي انداز نشاني وانگر ڪان ڪڇي بيٺو آهين، جنھن سيني ۾ مسرت جو واسو آهي، ان ۾ پنھنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين . اياز ته بنيادي طرح هي ساڳيو رند آهي پر شاهه لطيف جي اثر هيٺ اچي جذبي کان سلوڪ طرف لاڙو ڏيکاري ٿو.

    تنھنجا پيرَ چمان، ڌرتي منھنجي مائڙي،

    ڀاڪر پايان ڀاؤ ، مان ماڻھوءَ ماڻھوءَ سان،

    آءٌ نه ٻيو ڄاڻان مذهب منھنجو ماڻھپو.

    اچو ته اياز جو خيال ڏسون ته ڇا ٿو چوي ؛

    شالَ وسين او سنڌڙي تنھنجا کيت وسن،

    واهونديءَ جي واءَ ۾ مارو شال ملن،

    جن جي ڪوٽ ڪڙن جهوريو منھنجي جيءَ کي.

    سائين جي .ايم سيد جي زباني موجب ته ، هي محبِ وطن بي تعصب، ترقي پسند ۽ آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي. مغربي دنيا ۾ جيڪي به اهڙن خيالن جا ماڻھون آهن جن جي خيال تي نقطه چيني ۽ مخالفت هروڀرو نٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پھتا آهن جت اهڙا خيال سوين سال اڳ کان ظاهر پئي ٿيا. اياز جي ڪٿا پڙهڻ بعد ان لاءِ پيار ۽ محبت وڌيو. مارشل لا جي دؤر جا گيت ته ڏسو ؛

    سرديءَ ۾ سنگينون آهن،

    ورديءَ وارا بوٽ اچن ٿا،

    آؤٺا پيرَ پري کان پڌرا،

    منھنجي چائٺ تي ترسن ٿا،

    هيسيل هانوَ اُٻھرا اُلڪا،

    سارا ڀاتي ڏڪ ڏڪ ڪن ٿا.

    شيخ اياز جي سموري شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافين، آزادي ۽ آزاديءَ جي پانڌيئڙن سان ٿيندڙ وارتائن بابت ڄاڻ هجڻ سان گڏ انقلابي واٽ وٺندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. اياز سنڌ جي حالت زار، سنڌين سان ٿيندڙ ڪلور ۽ ويل وهندي ڏٺو تنھن سندس دل کي ڦٽي ڇڏيو، ان خون مان قلم ڀري هن سنڌ ڌرتيءَ جي امرتا ۽ ان کي بچائڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه لکيو آهي جنھن جو مَٽ ڳولڻ مشڪل آهي. سندس وفات 28 ڊسمبر 1997ع تي ٿي. اياز جھڙا بيباڪ دلير ۽ مھان شاعر سنڌ ۾ ورلي پيدا ٿيندا جيڪڏهن شيخ اياز کي عالمي مفڪرِ اعظم جي حيثيت سان ياد ڪجي ته هوند وڌاءُ نه ٿيندو.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو