احساس

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبدالرحمان مڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2017۔

  1. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    گهروارن ٻاهر ماني کائڻ جو پروگرام ٺاهيو۔ گهر کان پنج ڪلوميٽر مفاصلي تي ئي ريسٽورنٽ هيو۔ ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيڻ سان ئي ڪنڊ واري ٽيبل تي وڃي ويٺاسين۔ اندر جو منظر ڏاڍو وڻندڙ هيو مٿان وري موسيقيء ويتر ماحول کي خوبصورت ڪري ڇڏيو۔ اسانجي ٽيبل کان چوٿين ٽيبل تي هڪ جھونو ۽ جھوني ويٺا هئا. انهيء مهل هڪ سهڻو نوجوان جنهن جي عمر اٽڪل 31،32 سال پئي لڳي هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي واش بيسن تان هٿ ڌوئي جھوني ۽ جھوني جي ڀر واري ٽيبل تي ويهي رهيو.

    جيئن تہ اسان اچڻ سان ئي ماني جو آرڊر ڏئي ڇڏيو هو۔ انجي ڪري ماني جو انتظار پئي ڪيو۔ اوچتو ان نوجوان جي موبائيل جي گھنٽي وڳي ۽ هو واڏي واڪي موبائيل تي ڪنهن سان ڳالهائڻ لڳو۔ هن جي ڳالهائڻ مان لڳي رهيو هو تہ رب پاڪ هن کي ڪنهن وڏي خوشي سان نوازيو آهي. فون تي ڳالهہ ٻولهہ ختم ڪرڻ کانپوءِ سڀني کي مخاطب ٿيندي وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو!
    “ڀائرو ڀينرو اڄ مان تمام گھڻو خوش آهيان۔ رب سائين مونکي پهريو اولاد پٽ جو عطا ڪيو آهي ۔ ان خوشيء ۾ اڄ اوهان سڀني کي مٽن ڪڙهائي کارائيندس...!”

    مان پنهنجي جڳهہ تان اٿيس ۽ اڳتي وڌي ان نوجوان کي مبارڪ ڏيندي چيو!
    "اسان تہ ماني جو آرڊر پهريان ئي ڏئي چڪا آهيون.
    چيائين!
    “ ڪا ڳالهہ نہ آهي هتي موجود سڀني جو بل مان ڀريندس..!”
    هن ٻڍڙي ۽ ٻڍڙيءَ سميت سمورن لاءِ مٽن ڪڙهائي جو آرڊر ڪيو۔ ماني کائي سڀني جو بل ڀري خوشي خوشي هليو ويو.

    ڪجھہ ڏينهن کانپوءِ باغ ۾ ورزش ڪندي ساڳئي نوجوان کي 5سالن جي ٻار سان گهمندي ڏٺو۔ هن ڏسندي ئي مونکي سڃاڻي ورتو ۽ مرڪڻ لڳو.

    سلام دعا کانپوءِ مون پڇيو !
    هي ٻالڪ اوهان جو ڇا ٿئي ؟
    چيائين منهنجو پٽ آ۔
    مون ٺٺول ڪندي چيو!
    “ماشا الله! توهان جو پٽ تہ ڪجھہ ئي ڏينهن ۾ وڏو ٿي ويو آهي”
    مرڪندي وراڻيائين !
    "دوست ڇڏيو ان ڳالهہ کي۔ ٻئي ڪنهن واري ٻڌائيندس”

    جڏهن هن ائين چيو تہ منهنجو تجسس اڃا بہ وڌي ويو. مون زور ڀريو تہ “ نيٺ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي” ۔
    منهنجي گھڻي زور ڀرڻ تي هن جيڪا ڳالهہ مونکي ٻڌائي۔ ان کي ٻڌڻ کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو ننڍو سمجھڻ لڳس! نوجوان جي درجو منهنجي نظرن ۾ اونچو ٿي ويو.

    دوستو!
    نوجوان ٻڌايو ته “جڏهن مان ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿي هٿ ڌوئڻ لاءِ واش بيسن جي طرف ويس۔ هٿ ڌوئيندي مون جھوني ۽ جھونيءَ کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو۔
    جھوني امان حسرت وچان چئي پئي !
    “ اڄ مٽن ڪڙهائي کائڻ لاءِ دل ٿي ڪري.”
    جھوني بابا ڏک منجھان وراڻيس!
    “مون وٽ سڄي مهيني لاءِ صرف 2 هزار روپيه آهن۔ جيڪڏهن ڪڙهائي کائينداسين تہ سڄو مهينو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ ائين ٿا ڪيون اڄ دال ماني ٿا کائون۔ ڪڙهائي وري ٻئي ڪنهن واري کائي وٺنداسين.”

    اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کانپوء مون پنهنجي موبائيل تي پاڻ ئي گھنٽي وڄائي پٽ جي ڄمڻ جو ڊرامو ڪيو. تہ جيئن مان پنهنجي فرضي خوشي جي بهاني نه صرف انهن کي خوشي ڏيان پر سندن جي خدمت به ڪري سگھان.

    مونکي ڏاڍي حيرت ٿي۔ پڇومانس!
    "اوهان صرف انهن کي پيسا ڏئي ڇڏيو هان. اوهان هروڀرو سڀني جو بل ڀريو؟
    موڪلائيندي چوڻ لڳو !
    "ائين ڪري مان انهن جو عزت نفس مجروح نہ پئي ڪرڻ چاهيو”

    سنڌي ترجمو
    " صاحب خان "

    (انگريزي رسالي تان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو