جمال گهوٽو

'صحت سرير جي' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    83
    ورتل پسنديدگيون:
    213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    توھان جمال گهوٽي جو نالو ته ٻڌو هوندو، هي جمال گهوٽي جو ٻوٽو آهي. هي تمام خطرناڪ شي آهي، هن جي ٻج جو هڪ داڻو ٽيھ چاليھ دست آڻڻ جي قوت رکي ٿو. ماڻهو مذاق ۾ ڪنهن کي کارائيند آهن. اصل مذاق ڳچيءَ پيو وڃي. ان ڪري پنساري به هر ڪنهن کي نسخي طور نه ٿا ڏين. هن جو ٻج بلڪل پستي وانگر آهي بغض ناواقف ماڻهو پستو سمجهيو کائي ڇڏين، اصل وٺجيو وڃن. دست الٽيون ايتري مقدار ۾ ٿيڻ جو بروقت علاج نه ملي ته ڪجهه ڪلاڪن اندر ماڻهو جو موت واقع ٿيو وڃي. هن کي مختلف دوائن ۾ حڪيم پنهنجي اندازي موجب ڪتب آڻيندا آهن.
    هن جو علاج اهو آهي ته جيڪڏهن غلطي وچان ڪو ماڻهو کائي وجهي ۽ طبيعت خراب ٿي وڃي ته پوء سڪل گول ڌاڻا، ڌاڻن جو ٻج خوب باريڪ پينهي پائوڊر جهڙو ٺاهي 10 گرام وزن ۾ وقفي وقفي سان ڏهي ۾ ملائي مريض کي ڏجي ان طرح سان آهسته آهسته جمال گهوٽي جا دست رڪجي وڃن ٿا ۽ مريض جي زندگي بچيو پوي.
     
    عبدالغني لوهار ۽ عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,647
    ورتل پسنديدگيون:
    6,909
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    جمال گهوٽو، جنهن جو نالو ٻُڌندي ئي پيٽ ۾ وڪڙ ٿا پون، اڄ ان جو توڙ به خبر پئجي وئي..
    تمام زبردست ۽ معلوماتي مضمون
     
    قريشي شبير احمد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو