راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي

    دريا خان شنباڻي

    ھن سان جيتريون دشمنيون دشمنن ڪيون ان کان به وڌيڪ دشمنيون " پنهنجن " ڪيون . ھڪڙن ھن جي حياتي/ وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھڪڙن ھن جي فڪر/ روح کي رھڙڻ جي ڪوشش ڪئي . توڙي جو ڪيترن ھن جي فڪر ، ڏاھپ ، ڄاڻ ، سياست جي طرز ۽ طريقي تي ته ھلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ظاهري طور ھن سان اختلاف رکي ھن مٿان الزام تراشي ڪندا رھيا ، پر افسوس جو نه ته اھي ھن جھڙا ٿي سگھيا ۽ نه ھن سان اختلاف رکندي اڳرا ٿي سگھيا ! ھن جي سحر انگيز شخصيت ۾ اھي رھندو به پتڪڙا ٿيا . ان جو ھڪڙو ئي سبب آهي جو ھو ھن ملڪ جي غريب عوام جو ماڻهو ھيو . ھو ھن ملڪ ۽ ملڪي عوام سان سچو ھيو . بلاشڪ ھو انسان ھيو فرشتو نه . ھن ۾ ڪيئي خاميون ھونديون پر هن جون خوبيون ايتريون جو اھي خاميون ھن جي خوبين واري درياه مان ائين لڙھي وڃن ٿيون جيئن ڪک پن .
    ھو اڄوڪي ٿيندڙ سياست جو حامي ڪونه ھيو ، دشمني ته دشمني ، دوستي ته دوستي .
    ھن وٽ اھڙي مفاھمت جي ڪابه ڇري نه ھئي جنهن ۾ اڄ بظاهر ته ڀاڪرن ۾ ۽ پويان خنجر يا بظاهر دشمني پر پويان منافقت واري دوستي .
    ھا اھو ڀٽو ئي آهي جيڪو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ سمايل آهي ، ھو عام ماڻهن جو ماڻهو ھيو ، ھو ايترو ته وڏو ماڻهو ھيو جو انهن وڏن ماڻهن جي محفلن مان اٿي ننڍن ماڻهن سان ويھندي سڪون محسوس ڪندو ھيو ، ھن جي فقيرن سان ياري ، ھارين سان دوستي ، شاگردن سان پيار .... ھن جون اکيون عام ماڻهن جي ڏکن تي ڇلڪي پونديون ھيون . جيڪڏهن ھن جي شخصيت جي ننڍڙي جھلڪ اوھان ڏسڻ ٿا چاھيو ته پوء اوھان کي جڳ مشهور ۽ بيباڪ ۽ بي رحم صحافڻ اوريانافلاچي جو " انٽرويوئن " وارو ڪتاب پڙھڻو پوندو ۽ پوء خبر پوندي ته ڀثو ڪيترو وڏو ماڻهو ھيو ، ھو ڪيئن روئيندو ھيو ، ھو ڪيئن بنا ڪنهن ڏيکاء جي پاڻي ۽ گپ ۾ لھندو ھيو ، ھو ڪيئن جھڳين ۽ جھوپڙين ۾ ھليو ويندو هو . اھي ڳالھيون اوھان ڀٽي جي زماني واري ڪنهن بزرگ کان ته پڇي ڏسو ته پوء ھو ھيئن ڀريل اکين سان اوھان کي چوندو ته ،

    راڻا تنهنجي راھ تي ڏيھاڻي ڏيکان ،
    راڻي جي رھاڻ جون روح اندر ريکان ،
    محبت جون ميکان ، تو سين لال ! لپيٽيون .

    اوھان شاھ جو رسالو کڻو ۽ ان مان سر مومل راڻو پڙهڻ شروع ڪيو ته اوھان جي دل ۽ دماغ جي دريء مان ڀٽو ظاهر ٿيڻ لڳندو ، اھو ڀٽو جيڪو ھن ڪاڪ جو راڻو / مينڌرو ھيو ، جنھن جو عوام سان محبت ۽ عوام جو ساڻس عشق ، ھن ئي نينهن وانگر .

    جوڳيء تي جڙاء نسورو ئي نينهن جو ،
    پتنگ جيئن پيدا ٿيو ، سامي سج وڙاء ،
    آيو ڪاڪ تڙاء ، ڪنوارن ڪڪوريو .

    اڄ ان ڀٽو جي ورسي آهي پر اھو ڀٽو اڪيلو آهي، ھو ان ميڙ بجاء انهن جي پاسي آهي جن جو ھينئر ڪو به اوھي واھي ڪونه آهي .
    ڀٽي جي پارٽيء جا طور طريقا بدلجي ويا آهن ، ڀٽي جي پارٽيء جا رنگ مٽجي ويا آهن ، ڀٽو انهن ماڻهن سان اداس ۽ ويڳاڻو بيٺو آهي جنهن ڀٽي ھن عوام لاء سھانا سپنا ڏٺا ھيا ۽ اڄ انهن سپنن کي چور چور ڪيو ويو آهي ، اڄ اھا پارٽي ھڪ اھڙي وڻ جيان آهي جنهن جون شاخون ۽ ٽاريون ڪٽجي ويون آهن ۽ ان وڻ جون پاڙون ڳرڻ تي آهن . اھو سڀ انهن جو ڪمال آهي جن کي ھن وڻ جي سنڀال لاء رکيو ويو . ڀٽو پنهنجو وقت ڪري ويو ، نھايت ئي خوبصورت وقت ، پريت ۽ پيار جو وقت .... اياز چواڻي _

    پيتي ڙي پيتي ، پيالي اسان پريت جي ،
    بدلي نشي نينهن جي ، نيت ۽ نيتي ،
    ھارائي جيتي ، بازي اسان برھ جي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو