بلوچستان ۾ 5 سنڌي پورهيت دهشتگردن هٿان اربع 05 اپريل 2017 تي شهيد جڏهن ته اڳ به 11 اپريل 2015 تي 20 سنڌي پورهيت، تربت لڳ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري شهيد ڪيا ويا ـ ٻيو ته ٺهيو پراعلان جي باوجود، 20 سنڌي پورهيتن جي وارثن کي معاوضو نه مليو جڏهن ته قومپرست وڏو وزير عبدالمالڪ بلوچ 9 مهينا پوءِ به اقتدار ۾ رهيو ۽ ڪنهن به نامياري بلوچ ليڊر قاتل ڊاڪٽر الله نظر بلوچ، سربراهه بندش پيل بي ايل ايف، جو نالو وٺي مذمت نه ڪئي جنهن بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي 2 ڀيرا 20 سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي کليو کلايو مڃتا ڪئي ۽ اعلان ڪيائين ته هو وڌيڪ سنڌين کي ماريندو ـ جڏهن فوج، سنڌي پورهيتن جي قاتلن کي بمباري ڪري ماريو ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس، لنڊن (جي ايم سيد گروپ) جنيوا ۾ وڃي، سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو پر ويچارن 20 سنڌي پورهيتن لاءِ ڪڏهن به مظاهرو ڪونه ڪيائون ۽ نه ئي نالو وٺي ڊاڪٽر الله نظر بلوچ جي مذمت ڪيائون...تلخ سچائي ـ