• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بلوچستان ۾ 5 سنڌي پورهيت شهيد، 2015 ۾ 20 سنڌي تربت ۾ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري شهيد ٿيا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
بلوچستان ۾ 5 سنڌي پورهيت دهشتگردن هٿان اربع 05 اپريل 2017 تي شهيد جڏهن ته اڳ به 11 اپريل 2015 تي 20 سنڌي پورهيت، تربت لڳ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري شهيد ڪيا ويا ـ

ٻيو ته ٺهيو پراعلان جي باوجود، 20 سنڌي پورهيتن جي وارثن کي معاوضو نه مليو جڏهن ته قومپرست وڏو وزير عبدالمالڪ بلوچ 9 مهينا پوءِ به اقتدار ۾ رهيو ۽ ڪنهن به نامياري بلوچ ليڊر قاتل ڊاڪٽر الله نظر بلوچ، سربراهه بندش پيل بي ايل ايف، جو نالو وٺي مذمت نه ڪئي جنهن بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي 2 ڀيرا 20 سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي کليو کلايو مڃتا ڪئي ۽ اعلان ڪيائين ته هو وڌيڪ سنڌين کي ماريندو ـ

جڏهن فوج، سنڌي پورهيتن جي قاتلن کي بمباري ڪري ماريو ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس، لنڊن (جي ايم سيد گروپ) جنيوا ۾ وڃي، سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو پر ويچارن 20 سنڌي پورهيتن لاءِ ڪڏهن به مظاهرو ڪونه ڪيائون ۽ نه ئي نالو وٺي ڊاڪٽر الله نظر بلوچ جي مذمت ڪيائون...تلخ سچائي ـ
 
آخري ترميم:
Back
Top