مھر ڊرٻائي

'شاعري' فورم ۾ عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2017۔

  1. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    چيم تہ سنڌ سائي آ پر سڌري نہ ٿي
    چيم تہ ڊگري جعلي ۽ ڪاپي ڪلچر آ
    ادب جو جنازو کڄندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    پڇيائين تہ ڏَس مھراڻ جي ڪھڙي حالت آ؟
    چيم تہ واري کي اُڏندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    پڇيائين تہ قوم جو پيٽ گذر ڪيئن ٿو ٿئي؟
    چيم تہ غريب کي بک ۾ مرندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    سونھن گلابن جھڙي ڦوھ جواني ۾
    پيٽ کي پالڻ لاءِ اڪثر پنندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    چيائين تہ سنڌ جو حاڪم ڇا پيو ڪري؟
    چيم تہ اڪثر ان کي بہ سمھندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    چيم تہ اڄ بہ سنڌ جون نياڻيون ڪاريون ٿين
    ڪونج ڳچين کي ڪسندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم
    منھنجو بہ تہ وِھاڻو سارو ڀِنل ھُيو
    خواب منجھان ڊرٻائي ڇرڪندي ڏٺو اٿم
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم

    مھر ڊرٻائي
     
    مومن ڏاهري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو