• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڳاڙ

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
کرلے کوئی جگاڑ.. جی کرلے کوئی جگاڑ.
گلقند.......لطيفه آهي ته آمريڪا جي نئين صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي سي آئي اي جا ڪجهه جاسوس اسلامي ملڪن ڏانهن موڪليا جيئن اتي جا حالات،ڏسي، سمجهي رپورٽ ڪن. ٻه انتهائي قابل جاسوس پاڪستان طرف موڪليا. ٻئي پي آئي اي جي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا. جهاز هلندي پائلٽ اعلان ڪيو ته جهاز جي چئن انجڻين مان ٻن ڪم ڇڏي ڏنو آهي پر فڪر نه ڪيو گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي ڪو نه ڪو جڳاڙ ڪيون ٿا. الله الله ڪري جهاز اسلام آباد ايئرپورٽ تي لٿو. جهاز کان ٻاهر آيا ئي مس ته دهشتگردن ايئرپورٽ تي حملي ڪري ڏنو. سڪيورٽي طرفان اعلان ٿيو پنهنجي حفاظت لاءِ پٽ تي ليٽي پئو، گهٻرايو نه ڪو نه ڪو جڳاڙ هڻو ٿا. ایئر پورٽ مان جان بچائي هڪ گاڏي تي هوٽل لاءِ روانا مس ٿين ٿا ته واٽ تي بس جي انجڻ مان دونهان نڪرڻ لڳا. بس جي ڊرائيور مسافرن کي تسلي ڏني گهٻرايو نه ڪو نه ڪو جڳاڙ ڪيون ٿا. نيٺ پهتا هوٽل تي 10منزل تي ڪمرو مليو. اتي بمشڪل پهتا ئي مس ته هوٽل ۾ باھ لڳي وئي فائر برگيڊ جون گاڏيون آيون. انهن طرفان اعلان ڪيو ويو ته باھ وسائڻ جو پائپ صرف اٺين منزل تائين پهچي ٿو. گهٻرايو نه ڪو نه ڪو جڳاڙ ڪيون ٿا. آمريڪي جاسوس ٻئي ڏينهن تي ئي ملڪ ڇڏي وٺي ڀڳا...... صدر ٽرمپ کي رپورٽ پيش ڪيائون ته سڄو پاڪستان جڳاڙ تي پيو هلي. جيڪڏهن جڳاڙ تي قبضو ٿي وڃي ته پڪ پوري پاڪستان تي قبضو ٿي ويندو. صدر ٽرمپ حڪومت پاڪستان کي فون ڪيو ته جڳاڙ گهرجي قيمت لڳايو گهڻي ملندو؟ حڪومت جواب ڏنو ته اسان توهان کي جڳاڙ وڪرو ڪري نه ٿا سگهون. هتان جو حڪمران خاندان خود قطري شهزادي جي خط جو جڳاڙ لڳايو ويٺو آهي.
1f61d.png
1f61d.png
 
Back
Top