اڄڪلھہ گوگل ميپ جو استعمال عام جام آھي. ھجي بہ ڇو نہ؟ ماڳ مقام، فاصلا توڙي سھنجا رستا آسانيءَ سان جو ملي ٿا وڃن. پر رستي ھلندي واءِ فاءِ نہ ھوندي ان جي استعمال سان فون جي ڊيٽا الاھي ضايع ٿئي ٿي.
ان کان بچڻ جو حل اھو تہ اوھان مخصوص علائقا آفلائن ڊائونلوڊ ڪريو. جنھن شھر ۾ رھو ٿا ان جو تہ ڀلي اپڊيٽ بہ ڪندا رھو نہ تہ ٻي صورت ۾ اھو خارج ٿي ويندو آھي. پر جنھن شھر ۾ ڪجھہ ڏينھَن لاءِ وڃڻ ٿئي ان جو نقشو بہ پھريان ئي آفلائن ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو تہ جيئن رستي ھلندي ڪٿي پھچڻ ۾ ڏکيائي نہ ٿئي. آفلائن نقشو بہ بلڪل ايئن ڪم ڪندو جيئن آنلائن.
طريقيڪار ھن ريت آھي.
موبائل ۾ گوگل ميپ کوليو. مٿي ڏنل ٽن لڪيرن جي نشان سان فھرست کوليو
آفلائن ايرياز تي ڪلڪ ڪريو
جنھن علائقي کي رکڻو آھي اھو چونڊيو. ياد رھي جيترو وڏو علائقو چونڊبو اوتري وڌيڪ سائز گھُربل ھوندي.(پر ھڪ شھر لاءِ 30 کان 100 ايم بي گھُربل ھجي ٿي)
علائقي چونڊڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پوءِ ايپليڪيشن پاڻ ئي ڏسيندي ڪيتري ميموري استعمال ٿي ۽ اڳيون اپڊيٽ ڪڏھن ڪرڻو آ.
ھڪ دفعو ٿي وڃي ان کان پوءِ آفلائن استعمال ڪري سگھبو آھي.