مخصوص علائقن ۾ آفلائن گوگل ميپ جي استعمال جو طريقيڪار

'سمارٽ فون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2017۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄڪلھہ گوگل ميپ جو استعمال عام جام آھي. ھجي بہ ڇو نہ؟ ماڳ مقام، فاصلا توڙي سھنجا رستا آسانيءَ سان جو ملي ٿا وڃن. پر رستي ھلندي واءِ فاءِ نہ ھوندي ان جي استعمال سان فون جي ڊيٽا الاھي ضايع ٿئي ٿي.
    ان کان بچڻ جو حل اھو تہ اوھان مخصوص علائقا آفلائن ڊائونلوڊ ڪريو. جنھن شھر ۾ رھو ٿا ان جو تہ ڀلي اپڊيٽ بہ ڪندا رھو نہ تہ ٻي صورت ۾ اھو خارج ٿي ويندو آھي. پر جنھن شھر ۾ ڪجھہ ڏينھَن لاءِ وڃڻ ٿئي ان جو نقشو بہ پھريان ئي آفلائن ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو تہ جيئن رستي ھلندي ڪٿي پھچڻ ۾ ڏکيائي نہ ٿئي. آفلائن نقشو بہ بلڪل ايئن ڪم ڪندو جيئن آنلائن.
    طريقيڪار ھن ريت آھي.


    [​IMG]
    موبائل ۾ گوگل ميپ کوليو. مٿي ڏنل ٽن لڪيرن جي نشان سان فھرست کوليو

    [​IMG]

    آفلائن ايرياز تي ڪلڪ ڪريو
    [​IMG]
    جنھن علائقي کي رکڻو آھي اھو چونڊيو. ياد رھي جيترو وڏو علائقو چونڊبو اوتري وڌيڪ سائز گھُربل ھوندي.(پر ھڪ شھر لاءِ 30 کان 100 ايم بي گھُربل ھجي ٿي)

    [​IMG]

    علائقي چونڊڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پوءِ ايپليڪيشن پاڻ ئي ڏسيندي ڪيتري ميموري استعمال ٿي ۽ اڳيون اپڊيٽ ڪڏھن ڪرڻو آ.

    ھڪ دفعو ٿي وڃي ان کان پوءِ آفلائن استعمال ڪري سگھبو آھي.
     
    عبيد ٿھيم، سليمان وساڻ ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي اها خبر نه هُئي.. ضرورت به نه پئي آ ڪڏهن..
    پر هاڻ ڪراچي ايندس ته ضرور اهو نقشو موبائل ۾ هڻندس.. نه ته موبائل ڊيٽا بيٽري جو ٻيڙو ٻوڙيو ڇڏي...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو