اڪبر بادشاھ جڏھن وفات ڪئي ته مسلمان توڙي ھندو هڪ جيتري سوڳ ۾ وٺجي ويا، هڪ پاسي هندو سوڳوار بيٺل هئا ته ٻئي پاسي مسلمان آھ زاري ڪري رهيا هئا. شاهي ميدان تي ماڻهن جي رش لڳي پئي هئي، ميدان جي صفائيءَ لاءِ تمام گهڻن ڀنگين کي حڪم مليو ته شاهي ميدان تي پهچي وڃن درٻار مان حڪم ملندي ئي ڀنگي شاهي ميدان جي صفائي ڪرڻ کي لڳي ويا، صفائي ڪندي انھن مان هڪ ڀنگياڻي ڪو گيت جهونگاري رهي هئي ته هڪڙي درٻاري پهريدار غضبناڪ لهجي ۾ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته توکي خبر ناهي ته ظِل الاهي رحلت فرمائي ويو آهي، سڄو ڏيھ سوڳ ۾ ٻُڏل آهي ۽ تون گيت جهونگاري رهي آهين؟ هٿ ۾ ٻهارو جهليل ڀنگياڻيءَ چيلھ سڌي ڪئي ۽ ان درٻان کي جواب ڏنائين ته ”جڏھن ظِل اِلاهي جيئرو هيو تڏھن به مان پنهنجي محنت ڪري کائيندي هئس، ۽ اڄ ھُو فنا جي رستي تي روانو ٿيو آهي ته به مان پنهنجي محنت ڪري ئي کائيندس. بادشاھن جي زندگي ۽ موت مان فائدو توڙي نقصان توهان جھڙن درٻارين کي ٿي سگهي ٿو، مونکي نه.!“ ترجمو - افضل شر