اڪبر بادشاه، درٻاري ۽ ڀنگياڻي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڪبر بادشاھ جڏھن وفات ڪئي ته مسلمان توڙي ھندو هڪ جيتري سوڳ ۾ وٺجي ويا،
    هڪ پاسي هندو سوڳوار بيٺل هئا ته ٻئي پاسي مسلمان آھ زاري ڪري رهيا هئا.
    شاهي ميدان تي ماڻهن جي رش لڳي پئي هئي،
    ميدان جي صفائيءَ لاءِ تمام گهڻن ڀنگين کي حڪم مليو ته شاهي ميدان تي پهچي وڃن
    درٻار مان حڪم ملندي ئي ڀنگي شاهي ميدان جي صفائي ڪرڻ کي لڳي ويا، صفائي ڪندي انھن مان هڪ ڀنگياڻي ڪو گيت جهونگاري رهي هئي ته هڪڙي درٻاري پهريدار غضبناڪ لهجي ۾ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته توکي خبر ناهي ته ظِل الاهي رحلت فرمائي ويو آهي، سڄو ڏيھ سوڳ ۾ ٻُڏل آهي ۽ تون گيت جهونگاري رهي آهين؟
    هٿ ۾ ٻهارو جهليل ڀنگياڻيءَ چيلھ سڌي ڪئي
    ۽ ان درٻان کي جواب ڏنائين ته
    ”جڏھن ظِل اِلاهي جيئرو هيو تڏھن به مان پنهنجي محنت ڪري کائيندي هئس، ۽ اڄ ھُو فنا جي رستي تي روانو ٿيو آهي ته به مان پنهنجي محنت ڪري ئي کائيندس. بادشاھن جي زندگي ۽ موت مان فائدو توڙي نقصان توهان جھڙن درٻارين کي ٿي سگهي ٿو، مونکي نه.!“


    ترجمو - افضل شر
     
  2. عبدالڪريم هاليپوٽو

    عبدالڪريم هاليپوٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51

هن صفحي کي مشهور ڪريو