شخص هڪڙو ياد آيو شام جو، مينهن نيڻن آ وسايو شام جو. آ سڄو ماحول گيڙُو ٿي ويو، تو جڏهن ڪلياڻ ڳايو شام جو. سارِي ڪينجھر ڄَڻ تماچِي ٿِي وئي، ڪَنڌ نُوري جيئن نِمايو شام جو. جيئن پکي ٿَڪجِي ڪو آکيري ڏي اچي، تيئن ”اختر“ گھر ڏي آيو شام جو. اختر درگاهي