ٻول : شخص هڪڙو ياد آيو شام جو (اختر درگاهي)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    شخص هڪڙو ياد آيو شام جو،
    مينهن نيڻن آ وسايو شام جو.

    آ سڄو ماحول گيڙُو ٿي ويو،
    تو جڏهن ڪلياڻ ڳايو شام جو.

    سارِي ڪينجھر ڄَڻ تماچِي ٿِي وئي،
    ڪَنڌ نُوري جيئن نِمايو شام جو.


    جيئن پکي ٿَڪجِي ڪو آکيري ڏي اچي،
    تيئن ”اختر“ گھر ڏي آيو شام جو.


    اختر درگاهي


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو