تنهنجي هِجرِ فراق ۾ ماهِ لقا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪِي دَم ٿو وڃي، مان تولئه روئان ٿو صبح و مسا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪِي دَم ٿو وڃي. افسوس بِرَھ جِي بيمارِي حاذِقَ به سُڃاڻي ڪِينَ سگھيا، مُنهنجي دردن جِي ڪئي ڪنهن نه دوا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي. همراز رَفِيقن کي مون چيو، هڪ ڀيرو ته دلبر کي آڻيو، افسوس جو هڪڙي ڪئي به نه ”ها“، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي. اڃا سيني ۾ ڪُجھ دَم آهي ۽ اکڙِيون واٽَ نِهارِن ٿيون، محبوب مِٺا مُنهنجو توکان سوا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي.