ٻول : تنهنجي هِجرِ فراق ۾ ماهِ لقا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي.

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تنهنجي هِجرِ فراق ۾ ماهِ لقا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪِي دَم ٿو وڃي،
    مان تولئه روئان ٿو صبح و مسا، نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪِي دَم ٿو وڃي.

    افسوس بِرَھ جِي بيمارِي حاذِقَ به سُڃاڻي ڪِينَ سگھيا،
    مُنهنجي دردن جِي ڪئي ڪنهن نه دوا،
    نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي.

    همراز رَفِيقن کي مون چيو، هڪ ڀيرو ته دلبر کي آڻيو،
    افسوس جو هڪڙي ڪئي به نه ”ها“،
    نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي.


    اڃا سيني ۾ ڪُجھ دَم آهي ۽ اکڙِيون واٽَ نِهارِن ٿيون،
    محبوب مِٺا مُنهنجو توکان سوا،
    نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي.



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو