ڪاش مونکان اي سڄڻ، اڄ موڪلايو ٿو وڃين، منهنجي دل تي داغ حسرت جو لڳايو ٿو وڃين، اوچتو ڪيئن ٿو وڃين، ڏاڍي ٻُڌايو ٿو وڃين، موت جهڙو هي مونکي، صدمو رسايو ٿو وڃين، پاڻ کان پوءِ منهنجي گھر ۾، ڇا بچايو ٿو وڃين، مان بچيس سو ڀي وري، چريو بڻايو ٿو وڃين، ٿو وڃين تون ڪنهنجي سهاري، پنهنجي ”دادن“ کي ڇڏي، ”دل نه ڪنهن سان لائجي“ اهڙو پڙهايو ٿو وڃين.. *************** وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، يار نٿو پلجي، اک روڪِيسين، وِکَ روڪِيسين دل ته نٿي جھلجي. سنگت صحبت، ياري محبت سڀ ڪنهن ساڻ هُجي، دل جو دفتر، غم ۽ گوندر ڪنهن ڪنهن سان سَلجي.. ڇو نه سَهائين سُهڻا سائين، مان آهيان مجبور، ٻين ماڻهن سان، هِن ۽ هُن سان رُوح نٿو رَلجي، پنهنجن سنگتين پنهنجين ساٿين ڪِينَ ڍَڪيو ”اُستاد“، هڪ ته نه هلجي پر جي هلجي توڙ سڄڻ ھلجي.... ٻول : استاد بخاري آواز : ممتاز لاشاري