ٻول : وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، يار نٿو پلجي (استاد بخاري)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪاش مونکان اي سڄڻ، اڄ موڪلايو ٿو وڃين،
    منهنجي دل تي داغ حسرت جو لڳايو ٿو وڃين،
    اوچتو ڪيئن ٿو وڃين، ڏاڍي ٻُڌايو ٿو وڃين،
    موت جهڙو هي مونکي، صدمو رسايو ٿو وڃين،
    پاڻ کان پوءِ منهنجي گھر ۾، ڇا بچايو ٿو وڃين،
    مان بچيس سو ڀي وري، چريو بڻايو ٿو وڃين،
    ٿو وڃين تون ڪنهنجي سهاري، پنهنجي ”دادن“ کي ڇڏي،
    ”دل نه ڪنهن سان لائجي“ اهڙو پڙهايو ٿو وڃين..
    ***************

    وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، يار نٿو پلجي،
    اک روڪِيسين، وِکَ روڪِيسين دل ته نٿي جھلجي.

    سنگت صحبت، ياري محبت سڀ ڪنهن ساڻ هُجي،
    دل جو دفتر، غم ۽ گوندر ڪنهن ڪنهن سان سَلجي..

    ڇو نه سَهائين سُهڻا سائين، مان آهيان مجبور،
    ٻين ماڻهن سان، هِن ۽ هُن سان رُوح نٿو رَلجي،

    پنهنجن سنگتين پنهنجين ساٿين ڪِينَ ڍَڪيو ”اُستاد“،
    هڪ ته نه هلجي پر جي هلجي توڙ سڄڻ ھلجي....​






    ٻول : استاد بخاري
    آواز : ممتاز لاشاري

     
    عرس پريو ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بهترين ادا
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو