سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري واري ڪم ۾ هڪ اهم اڳڀرائي “ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ جنهن جو بنياد 15 اپريل 2009 تي سنڌ جي ڪجھ ساڃاھ وندن رکيو ، جنهن ۾ محترم رشيد سمون جون محنتون ۽ خدمتون قابل ديد آهن ، ان کان علاوه سنڌ سلامت کي سنواريندڙن ۾ محترم نثار احمد ناز ، محترم محمد سليمان وساڻ ، محترم نثار احمد ابڙو ، محترم ضياءَ چارڻ ، محترم علي ظفر ، محترم مولوي رحيم بخش ، محترم وحيد ڦلپوٽو ، ۽ محترم اسد ميرجت جيڪي هن وقت به پنهنجي سچائي سان سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي لئه ڪم ڪري رهيا آهن ، جنهن ۾ سنڌ سلامت طرفان فورم تي ته انتهائي سٺو ڪم ڪيو پيو وڃي پر فورم جو ڪم فورم کان ٻاهر هڪ ادبي ۽ سماجي ڪم پڻ ڪري رهيا آهن ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام “ پاران سال جا تاريخن وارا تمام سهڻا ڪلينڊر پڻ ڇپايا ۽ سڄي سنڌ ۾ ساڃاھ وندن ۽ ادب دوستن تائين پهچائڻ وارو ڪم قابل تعريف آهي ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڻ کُٽ موضوع شامل ٿيل آهن جن ۾ خاص ڪري،سنڌي ادب جا ڪيترائي انمول ڪتاب شامل ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ سلامت ۾ اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، سنڌي ڪتاب ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ شامل آهن ، هن فورم تي شامل مواد کي ڏسي پڙهي ۽ ڪاپي پيسٽ يا ڊائونلوڊ به ڪري سگجي ٿو ، هن فورم تي پنهنجون تحريرون ، يا ويڊيو وغيره ، ڪو به مواد شامل ڪري سگهجي ٿو. سنڌ سلامت جي جاکوڙي سٿ کي “ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام “ جي 8 سالگره جي موقعي تي کوڙ ساريون دعائون ته شال سنڌي ٻولي جي واڌاري لئه جاکوڙيندا رهن.
اهي سنگتي ته سال ڏيڍ کان فورم تان غائب آهن فورم جي انتظاميه تبديل ٿِي چُڪي آهي ۽ سنڌسلامت پاران نيون شيون به آنديون ويون آهن. مونکي لڳي پيو ته توهان اها تحرير ٽي سال اڳ رکي آ پر فورم تاريخ ڪالھوڪي پيو ٻُڌائي..