مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري واري ڪم ۾ هڪ اهم اڳڀرائي “ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“
جنهن جو بنياد 15 اپريل 2009 تي سنڌ جي ڪجھ ساڃاھ وندن رکيو ، جنهن ۾ محترم رشيد سمون جون محنتون ۽ خدمتون قابل ديد آهن ، ان کان علاوه سنڌ سلامت کي سنواريندڙن ۾ محترم نثار احمد ناز ، محترم محمد سليمان وساڻ ، محترم نثار احمد ابڙو ، محترم ضياءَ چارڻ ، محترم علي ظفر ، محترم مولوي رحيم بخش ، محترم وحيد ڦلپوٽو ، ۽ محترم اسد ميرجت جيڪي هن وقت به پنهنجي سچائي سان سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي لئه ڪم ڪري رهيا آهن ،
جنهن ۾ سنڌ سلامت طرفان فورم تي ته انتهائي سٺو ڪم ڪيو پيو وڃي پر فورم جو ڪم فورم کان ٻاهر هڪ ادبي ۽ سماجي ڪم پڻ ڪري رهيا آهن ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام “ پاران سال جا تاريخن وارا تمام سهڻا ڪلينڊر پڻ ڇپايا ۽ سڄي سنڌ ۾ ساڃاھ وندن ۽ ادب دوستن تائين پهچائڻ وارو ڪم قابل تعريف آهي ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڻ کُٽ موضوع شامل ٿيل آهن جن ۾ خاص ڪري،سنڌي ادب جا ڪيترائي انمول ڪتاب شامل ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ سلامت ۾ اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، سنڌي ڪتاب ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ شامل آهن ، هن فورم تي شامل مواد کي ڏسي پڙهي ۽ ڪاپي پيسٽ يا ڊائونلوڊ به ڪري سگجي ٿو ، هن فورم تي پنهنجون تحريرون ، يا ويڊيو وغيره ، ڪو به مواد شامل ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ سلامت جي جاکوڙي سٿ کي “ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام “ جي 8 سالگره جي موقعي تي کوڙ ساريون دعائون ته شال سنڌي ٻولي جي واڌاري لئه جاکوڙيندا رهن.