• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق ڇا ڇا نٿو ڪرائي انسان کان.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
WJ8huwS.jpg

اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ماڻهون عمر جي حساب سان پوڙهو ٿيندو آهي، عمر ئي ماڻهونءَ کي جوان رکندي آهي پر ڪنهن وقت تائين.
بلڪل غلط آهي.. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته آئون اڄ پوڙهو نه هُجان ها! مُنهنجي مُنهن ۾ گھُنج نه هُجن ها، مُنهنجي مٿي جا وار مڪمل هُجن ها ۽ گنجو نه هُجان ها!
مُنهنجي ياداشت ايتري ڪمزور نه هُجي ها.. باطني توڙي ظاهري بيماريون منهنجي پويان نه هُجن ها.!! ڇو ته عمر جي حساب سان مون جوانيءَ ۾ پير هاڻي پاتو آهي..!
اصل ڳالھ آهي عشق جي، عشق اُهو زھر آهي جيڪو بيمار کي پيارجي ته چاق ٿي ويندو ۽ تندرست پيئندو ته بيمار ٿي پوندو.. عشق انسان جي دماغ تي ڪنٽرول نٿو ڪري پر دل تي ڪنٽرول ڪري ٿو جيڪا پوري جسم کي ڪنٽرول ٿِي... جڏهن عشق پنهنجا اثر ڏيکاريندو آهي ته دل ٽٽڻ لڳندي آهي، ۽ دل جي ٽٽڻ سان انسان پاڻ کي دنيا کان پري ۽ تنها رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته انسان جو دماغ دل جو ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏيندو آهي ٻنهي جي پاڻ ۾ ٺهندي ڪانهي! پوءِ جڏهن دماغ اڪيلو ٿي پوندو آهي ته اُهو جسم جي ٻين عضون سان رابطو ٽوڙي ڇڏيندو آهي، ۽ انسان جوانيءَ ۾ ئي پوڙهو نظر ايندو آهي..
پر!! هڪ ڳالھ اها به ياد رکڻ گھُرجي ته عشق انسان جو ٻيون استاد آهي، جيڪو کيس دنيا جا ڌڪا داٻا جھلڻ سيکاريندو آهي، جيڪو کائنس اهي ڪم ڪرائيندو آهي جيڪي هُن کي ماءَ پيءَ چيا پر نافرماني ڪيائين پر عشق کيس به پنهنجي ماتحت بڻايو ڇڏي..
 
شروعات ته دل وٽان ئي ٿيندي آهي. پر جڏهن اهيو دماغ تي چڙهي ويو ته پوءِ بس. ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي.
 
Back
Top