ٻول : سِڪَ ۾ سِڪيءَ کي ڪينَ سِڪاءِ سُونهارا

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
سِڪَ ۾ سِڪيءَ کي ڪينَ سِڪاءِ سُونهارا
دلبر دُلارا اکڙين جا تارا

ڇڏي در سڀيئي در تي آياسين
ڀورل جي ڀر ۾ پکڙا اڏياسين
آئي جو آڌرُ ڪر پاڻ پيارا

هلي پاڻ آيس ٻُڌي هوت هاڪون
سهڻا ٻڌيون هئم تنهنجيون سوين ساکون
ننگڙو نڀائج ننگ ناميارا

سهڻا سلامي، آهيان مُدامي
ڌر کان قبوليم در جي غلامي
نوڪر چندر کان نه ڪر نه ڪنارا


آواز : ماسٽر چندر
ڪلام : ماسٽر چندر

 
Back
Top