ڪالهه ڪاوش اخبار ۾ حرا بروهي نالي هڪ سنڌي ناري جي قتل جي خبر پڙهي ڄڻ ته دل و دماغ ۾ اٿل پٿل ٿي وئي۔۔۔ هي اها ئي ناري هئي جنهن کي سوا مهينو اڳ سندس مڙس انسانيت سوز تذليل ڪندي استريءَ جا ڏنڀ ڏنا هئا۔۔۔ ڪالهه سندس مڙس هٿان موت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک پهتو۔۔۔ شايد ان ڏک کي منهنجي قلم محسوس ڪيو۔۔۔۔ سورن مان جان ڇٽيس.. هوءَ جڏهن سورن مان ستائجي سوا مهينو اڳ مڙس جي گهر مان پهريون ڀيرو ڪنهن هيلي بهاني سان نڪري ماءُ تائين پهتي هوندي.. سدائين وانگر ماءُ کي سڏڪندي، ڏڪندي، ڪنبندي پنهنجا ڏک سور ٻڌائيندي هوندي، “امان!.. مون کان هاڻي ڏک سهڻ نه ٿو پڄي... روز بي جرم منهنجي جسم تي استريءَ جا ڏنڀ ڏنا وڃن ٿا، منهنجي روح کي تڙپايو وڃي ٿو.. امان! هو منهنجو مڙس نه آهي، وحشي آهي جلاد آهي... پيار جي شادي اهڙا ڏک ڏيندي مون ڪڏهن نه سوچيو هو... امان! امان!”... ۽ پوءِ ان جو آواز جذبات جي گرهه ۾ اٽڪندو هوندو... ٻڏندو هوندو... شايد سندس ماءُ هر سنڌي ماءُ وانگر کيس دل تي پٿر رکي صبر ڪرڻ جو ڏس ڏيندي هوندي...“ امڙ گهر ايئن نه ٺهندا آهن.. امان تون زائفان ذات آهين توکي ڏک ڏسڻا آهن.. نيٺ ته تنهنجو ور توتي راضي ٿيندو.. ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو”... توڙي جو سندس ماءُ سندس چهري تي وحشيت جي بڻايل نشانن کي ڏسندي هوندي.. تڙپندي هوندي ، لڇندي هوندي پر سندس واتان اهي آٿت وارا لفظ نڪرندا هوندا... منهنجي سلڇڻي امڙ صبر ڪر.... اها نماڻي نياڻي مجبوري ۾ خاموش ٿي ماءُ جي منهن ڏانهن ڏسي چپ ڪندي هوندي. ماءُ جي جيءَ کي ڪجهه آٿت تڏهن ملي هوندي جڏهن ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ ڳالهين اچڻ تي سندس ڌيءَ جو مڙس سندس ڌيءَ کي پرچائي واپس وٺي ويو .... ڪجهه وقت سوا مهينو دنيا جي نظر ۾ سک سان گذريو هوندو.. ماءُ شايد ڪجهه بي فڪر ٿي هوندي. پنهنجي ڌيءَ کي ڏنل صبر جي ڏس تي کيس اُن وقت ضرور پڇتاءُ ٿيندو هوندو جڏهن هن پنهنجي نوجوان نياڻي جو انسانيت سوز ظلم سان ڀريل لاش پنهنجي اکين آڏو ڏٺو هوندو... جڏهن سندس بي رحم ناٺي فون ڪري سندس پُٽ کي پنهنجي ڀيڻ جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ چيو هوندو... ضرور رني هوندي، غش آيو هوندس.. پر وري به شايد دل جي ڪنهن ڪنڊ مان کيس اهو آواز ايندي محسوس ٿيو هوندو.... “چڱو ٿيو سورن مان جان ڇٽيس” .
جواب: سورن مان جان ڇٽيس۔۔۔ انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔۔ جڏهن انسان پنهنجي مذهب کي مڃيندو ته هجي پر ان تي عمل نه ڪندو هجي، تڏهن انسان وڌيڪ خطرناڪ کان به مٿي چڙهي حيوان واري درجي تي پهچي وڃي ٿو، مٿان وري جڏهن پاڪستان جهڙو ملڪ هجي جنهن ۾ قانون جو نعرو ئي آهي “جيڪو ڏاڍو سو گابو” ته ان ملڪ ۾ ۽ اهڙي سماج ۾ ان جهڙا ڪئي مڪروهه واقعا پيش ايندا آهن ۔۔۔
جواب: سورن مان جان ڇٽيس۔۔۔ ادا انسان اشرف المخلوق آهي پر جنهن هو شيطاني تي ايندو آهي ته اهڙا ڪم ڪندو آهي جو شيطان به ان کان برائت اختيار ڪندو آهي ۔ ليڪن ادا پيار جي پرڻي ۾ اڪثر ائين ئي ٿيندو آهي ۔ ۔ ليڪن دوستو ان علائقي جي هڪ ماڻهون کان ان خبر جي باري ۾ پچيو هو صرف ايترو چوندس ته مڙس ۽ زال جي درميان هڪ ئي رشتو هوندو آهي بلڪه هر رشيتي جي بنياد ٽرسٽ ۽ اعتماد تي مشتمل هوندي آهي جڏنهن ان ۾ شڪ جي ڪا دراڙ اچي وڃي ته پوء ان ۾ فراق ايندا ئي رهندا آهين ۽ پوء نتيجو جو نڪرندو آهي ان جي هڪ مثال اوهان سامهون آهي ۔
جواب: سورن مان جان ڇٽيس۔۔۔ ٽنڊو محمد خان مان محترم نثار ناز صاحب اڪثر ناري تنظيم جيڪا عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندي آهي جا پروگرام رپورٽ ڪري موڪليندو آهي ته مان سوچيندو آهيان ته ڇا اسان جي معاشري ۾ واقعي عورت سان ايترو ظلم ٿيندو آهي جو اهڙين تنظيمن ٺاهڻ جي ضرورت پئي ۔۔۔۔ پر اڪثر جڏهن به ڪاوش اخبار پڙهندو آهيان ته ظلم جون داستانون دل ڏڪائي وجهنديون آهن۔۔۔ مرحومه حرا به هڪ داستان بڻجي وئي ۔۔۔ جڏهن ملڪ ۾ انصاف نه ملندو هجي ته اهڙا واقعا عام ٿي ويندا آهن۔۔۔ دعا آهي مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ملي۔۔۔ ادا مست توهان جي مٿئين ليک ۾ ڪو حوالو ڏنل نه هو۔۔۔ ان جو مطلب ته اهو آرٽيڪل توهان ئي لکيو آهي۔۔۔ لڳي ٿو توهان جي اندر جو لڪيل اديب به هاڻي ظاهر ٿيڻ لڳو آهي۔۔۔ شاعر ته اڳ ئي ظاهر ٿي چڪو آهي۔۔ توهان جي آندل هن داستان ۾ لفظن جو درد واضح طور موجود آهي۔۔۔ ڀاء لکندا رهجو۔۔۔
جواب: سورن مان جان ڇٽيس۔۔۔ واقعا پيش ته ڪڏهن جا اچن پيا ۔۔۔۔ پر هاڻي انهن واقعن ۾اضافو ٿيندو پيو وڃي
جواب: سورن مان جان ڇٽيس۔۔۔ شڪ جو علاج ته ڪنهن وٽ به نه آهي۔۔۔ پر اهڙن رشتن جي بنياد ۾ شڪ جي دراڙ اچڻ مطلب ته ٻنهيءَ مان ڪنهن هڪ جو موت۔۔۔ پر اهڙو دردناڪ موت۔۔۔؟
جواب: سورن مان جان ڇٽيس۔۔۔ سائين اها ننڍڙي ڪوششمنهنجي ئي هئي۔۔۔ ڪوشش ڪندو آهيان ته سماج ۾ ٿيل ظلمن تي قلم کڻي ڪجهه تحرير ڪيان۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تان اهو موقعو ملي ويو آهي۔۔