مست
سينيئر رڪن
ڪالهه ڪاوش اخبار ۾ حرا بروهي نالي هڪ سنڌي ناري جي قتل جي خبر پڙهي ڄڻ ته دل و دماغ ۾ اٿل پٿل ٿي وئي۔۔۔ هي اها ئي ناري هئي جنهن کي سوا مهينو اڳ سندس مڙس انسانيت سوز تذليل ڪندي استريءَ جا ڏنڀ ڏنا هئا۔۔۔ ڪالهه سندس مڙس هٿان موت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک پهتو۔۔۔ شايد ان ڏک کي منهنجي قلم محسوس ڪيو۔۔۔۔
شايد سندس ماءُ هر سنڌي ماءُ وانگر کيس دل تي پٿر رکي صبر ڪرڻ جو ڏس ڏيندي هوندي...“ امڙ گهر ايئن نه ٺهندا آهن.. امان تون زائفان ذات آهين توکي ڏک ڏسڻا آهن.. نيٺ ته تنهنجو ور توتي راضي ٿيندو.. ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو”... توڙي جو سندس ماءُ سندس چهري تي وحشيت جي بڻايل نشانن کي ڏسندي هوندي.. تڙپندي هوندي ، لڇندي هوندي پر سندس واتان اهي آٿت وارا لفظ نڪرندا هوندا... منهنجي سلڇڻي امڙ صبر ڪر.... اها نماڻي نياڻي مجبوري ۾ خاموش ٿي ماءُ جي منهن ڏانهن ڏسي چپ ڪندي هوندي. ماءُ جي جيءَ کي ڪجهه آٿت تڏهن ملي هوندي جڏهن ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ ڳالهين اچڻ تي سندس ڌيءَ جو مڙس سندس ڌيءَ کي پرچائي واپس وٺي ويو .... ڪجهه وقت سوا مهينو دنيا جي نظر ۾ سک سان گذريو هوندو.. ماءُ شايد ڪجهه بي فڪر ٿي هوندي.
پنهنجي ڌيءَ کي ڏنل صبر جي ڏس تي کيس اُن وقت ضرور پڇتاءُ ٿيندو هوندو جڏهن هن پنهنجي نوجوان نياڻي جو انسانيت سوز ظلم سان ڀريل لاش پنهنجي اکين آڏو ڏٺو هوندو... جڏهن سندس بي رحم ناٺي فون ڪري سندس پُٽ کي پنهنجي ڀيڻ جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ چيو هوندو... ضرور رني هوندي، غش آيو هوندس.. پر وري به شايد دل جي ڪنهن ڪنڊ مان کيس اهو آواز ايندي محسوس ٿيو هوندو.... “چڱو ٿيو سورن مان جان ڇٽيس” .
سورن مان جان ڇٽيس..
هوءَ جڏهن سورن مان ستائجي سوا مهينو اڳ مڙس جي گهر مان پهريون ڀيرو ڪنهن هيلي بهاني سان نڪري ماءُ تائين پهتي هوندي.. سدائين وانگر ماءُ کي سڏڪندي، ڏڪندي، ڪنبندي پنهنجا ڏک سور ٻڌائيندي هوندي، “امان!.. مون کان هاڻي ڏک سهڻ نه ٿو پڄي... روز بي جرم منهنجي جسم تي استريءَ جا ڏنڀ ڏنا وڃن ٿا، منهنجي روح کي تڙپايو وڃي ٿو.. امان! هو منهنجو مڙس نه آهي، وحشي آهي جلاد آهي... پيار جي شادي اهڙا ڏک ڏيندي مون ڪڏهن نه سوچيو هو... امان! امان!”... ۽ پوءِ ان جو آواز جذبات جي گرهه ۾ اٽڪندو هوندو... ٻڏندو هوندو...شايد سندس ماءُ هر سنڌي ماءُ وانگر کيس دل تي پٿر رکي صبر ڪرڻ جو ڏس ڏيندي هوندي...“ امڙ گهر ايئن نه ٺهندا آهن.. امان تون زائفان ذات آهين توکي ڏک ڏسڻا آهن.. نيٺ ته تنهنجو ور توتي راضي ٿيندو.. ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو”... توڙي جو سندس ماءُ سندس چهري تي وحشيت جي بڻايل نشانن کي ڏسندي هوندي.. تڙپندي هوندي ، لڇندي هوندي پر سندس واتان اهي آٿت وارا لفظ نڪرندا هوندا... منهنجي سلڇڻي امڙ صبر ڪر.... اها نماڻي نياڻي مجبوري ۾ خاموش ٿي ماءُ جي منهن ڏانهن ڏسي چپ ڪندي هوندي. ماءُ جي جيءَ کي ڪجهه آٿت تڏهن ملي هوندي جڏهن ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ ڳالهين اچڻ تي سندس ڌيءَ جو مڙس سندس ڌيءَ کي پرچائي واپس وٺي ويو .... ڪجهه وقت سوا مهينو دنيا جي نظر ۾ سک سان گذريو هوندو.. ماءُ شايد ڪجهه بي فڪر ٿي هوندي.
پنهنجي ڌيءَ کي ڏنل صبر جي ڏس تي کيس اُن وقت ضرور پڇتاءُ ٿيندو هوندو جڏهن هن پنهنجي نوجوان نياڻي جو انسانيت سوز ظلم سان ڀريل لاش پنهنجي اکين آڏو ڏٺو هوندو... جڏهن سندس بي رحم ناٺي فون ڪري سندس پُٽ کي پنهنجي ڀيڻ جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ چيو هوندو... ضرور رني هوندي، غش آيو هوندس.. پر وري به شايد دل جي ڪنهن ڪنڊ مان کيس اهو آواز ايندي محسوس ٿيو هوندو.... “چڱو ٿيو سورن مان جان ڇٽيس” .