گلشن لغاري : انتهائي حساس ۽ جذباتي شاعره ۽ اديبا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    انتهائي حساس ۽ جذباتي شاعره ۽ اديبا گلشن لغاري

    علي محمد درد سولنگي

    طبيعتن سڌي سادي، انتهائي حساس، پنهنجون غلطيون مڃيندڙ، ڪنهن حد تائين جذباتي، حق تلفي، منافقي ۽ بد اخلاقيءَ تي ڪاوڙ بدران ڏک ڪندڙ، شاعري لکڻ وقت بيچيني ۽ لکي وٺڻ بعد پاڻ کي رليڪس Relax محسوس ڪندڙ، شاعري لکڻ وقت عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي شعر لکندڙ، شاعره اديبا ڪالم نگار گلشن لغاري جو اصل نالو گلشن آرا لغاري آهي، گلشن لغاري پهرين جولاءِ 1965ع تي نبي سر روڊ عمر ڪوٽ ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو، گھر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول، سندس ماما ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جون ” جيل جون ڊائريون “ ۽ خط پڙهي، کيس لکڻ جو شوق جاڳيو، گلشن ننڍپڻ کان شاھ جو رسالو پڙهيو ته سندس جي ساڃاھ سان سُڃاڻ ٿي، امرتا پريتم جي نثر ۽ پروين شاڪر جي شاعري، گلشن کي بيحد متاثر ڪيو ۽ پڻ لکڻ لاءِ اتساهيو، گلشن لغاري ڪچا ڦڪا شعر، مضمون ۽ ڊائري لکڻ جي شروعات مڊل ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، باقائده لکڻ لاءِ کيس حيدرآباد جي ماحول، سندس بابا ۽ سندس دوست امر سنڌو اتساهيو/همت افزائي ڪئي ۽ مشاعرن ۾ شرڪت جو موقعو ڏنو، گلشن لغاريءَ جي پهرين تخليق ماهوار ” سوجھرو “ ۾ ڇپي، پهرين تخليق ڇپجڻ تي سندس والد تمام گھڻو خوش ٿيو هيو ۽ گلشن پاڻ کي ڀاڳن ڀريو ڀانئيو هيو.
    حالتن ۽ ماحول کان متاثر ٿي لکندڙ، خاص طور ڪنهن سان ڪا نا انصافي ۽ جبر تي قلم کڻندڙ، يا زندگيءَ ۾ ڪي درد ڏيندڙ پل ڏسندي اداس ٿي ويندڙ ۽ اداسيءَ ۾ ميوزڪ ٻڌندڙ ۽ ڪجھ نه ڪجھ لکندڙ، شاعريءَ کي پنهنجي تلاش ۽ جستجو جو عڪس ۽ پنهنجو پاڻ کي اظهارڻ جو نفيس ترين ذريعو چوندڙ گلشن لغاريءَ جو چوڻ آهي ته ” منهنجي نظر ۾ عورت خدا کان پوءِ سڀ کان وڏي تخليقڪار آهي، ان جو درجو انسان کان مٿانهون آهي، پر بدقسمتيءَ سان کيس انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي، اڄ جي عورت کي پنهنجي هستيءَ جو شعور آهي، اها پنهنجي لاءِ سماجي برابري ۽ انسان جو درجو حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙھ وڙهي رهي آهي، ملازمت ڪندڙ عورتن جي گھڻائي ٻٽي عذاب جو شڪار هجي ٿي، کين گھر جون سموريون ذميواريون ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ نوڪريءَ جون ذميواريون به نڀائڻيون پونديون آهن، انهن جي همت افزائي ۽ سپورٽ بلڪل نه ڪئي ويندي آهي، عورت کي پنهنجي وجود ۽ زندگيءَ تي توڙي جسم ۽ جان تي به ڪو حق حاصل نه هوندو آهي، عورت لاءِ ڪنهن غلطيءَ جي گنجائش نه آهي،اها ڏينهن رات جانور جيان گھاڻي ۾ وهندي/پيڙجندي رهي ٿي، سوال هر شعبي ۾ عورت جي درجي جو اچي ٿو، بجاءِ عورت جي ذهانت ۽ صلاحيتن جي عورت جي جسماني سونهن کي مڃتا ملي ٿي، اسان جي سماج ۾ عورت لاءِ شهرت کي بدنامي تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ شهرت سڀني کي وڻندي آهي پر ان جون عورت کي ڳريون قيمتون ادا ڪرڻيون پونديون آهن.“
    جڏهن ڪو حساس ماڻهو/انسان دنيا کي پنهنجو نقطه نظر نه سمجهائي سگهي ته پوءِ ان وٽ پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي اظهار لاءِ آرٽ جي شعبي ۾ پناھ وٺڻ کان سواءِ ڪو گس نه ٿو بچي، ڪاوش ۽ سنڌ ايڪسپريس ۾ ڪالم لکڻ علاوه شاعريءَ ۾ غزل، نظم، وايون، نثري نظم ۽ چوسٽا لکندڙ گلشن لغاري کي شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم، فڪشن ۾ آٽو بايوگرافيز ۽ ناول، شاعرن اديبن ۾ شاعرن جو شهنشاھ شاھ سائين، غالب، اياز، حسن درس، حليم باغي، مظھر لغاري، منور هاليپوٽو، اقبال رند، اشفاق آذر، روبينه ابڙو، رخسانه پريت، نورالهديٰ شاھ، عبدالقادر جوڻيجو، منور سوراج، پرڏيهي ادب ۾ پائلو ڪوئلو، گارشيا مارڪئيز، ايلف شفق، ڪتابن ۾ کوڙ سارا ڪتاب، پر سڀني کان وڌ شاھ جو رسالو، گل موتيي جو، رنگ اڇو ۽ آسماني، موسم سانوڻيءَ جي، پهرن ۾ شام جو پهر ۽ شخصيتن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مسڪين جهان خان کوسو پسند آهن، گلشن لغاريءَ جو چوڻ آهي ته ” موجوده دور جا اشوز Issues اڳ جي ڀيٽ ۾ جدا آهن، انڪري ادب جو پيٽرن تبديل ٿي ويو آهي، بهرحال جمود ٽٽي ۽ تحرُڪ پيدا ٿي چڪو آهي، انفرميشن ٽيڪنالوجي Information Technology سبب معلومات ۽ سکيا جا بهترين موقعا موجود آهن، اڄ جو ادب بهتر لکجي رهيو آهي ۽ بهترين جي اميد رکجي ٿي. ليکڪن کي پذيرائي نه ملڻ جو سبب تعليم جي گھٽتائي آهي، اسان وٽ پڙهيل لکيل ( سنڌي ) ماڻهن ۾ سنڌي ليکڪن کي سٺي پذيرائي ملي ٿي، هن وقت خاص طور تي سوشل ميڊيا Social Media پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ ليکڪن ۾ ويجھڙائپ پيدا ڪئي آهي، فاصلا گھٽجي ويا آهن، سنڌ ۾ ادبي ميلا لڳن پيا، جن ۾ ڪافي ماڻهن جي شرڪت ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سنڌي ماڻهن ۾ ادب سان تمام گھڻو چاھ آهي.“
    ماءُ بڻجڻ جي احساس کي زندگيءَ جي پهرين مهرباني چوندڙ، ٻين بجاءِ سڀ شڪايتون پنهنجو پاڻ سان رکندڙ، زندگيءَ کي ڪائنات ۾ خدا جو سڀ کان قيمتي تحفو چوندڙ، محبت کي ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ، خدا جو روپ، خود کان خدا تائين پهچڻ جو دڳ، اصل مقصد ۽ محور مڃندڙ، نفرت کي محبت جو ريسپانس Response نه ملڻ سبب انسان جو ردِعمل سمجھندڙ گلشن لغاري جو چوڻ آهي ته ”دل بظاهر گوشت جو ٽڪرو آهي، جنهن جو ڪم خون جِي جسم تائين رسائي آهي، پر ان خون سان گڏ جذبا ۽ احساس پڻ رڳُنِ ۾ پهچن ٿا، دل احساسن ۽ جذبن جو تخليقڪار آهي ۽ ڪائنات ۾ موت ۽ زندگي مسلسل عمل آهن، سمنڊ ۾ هڪ قطرو شامل ٿيو ته به ڇا؟ جي گم ٿي ويو ته به ڇا؟ پر قطرا جڏهن گڏجن ٿا ته سمنڊ بڻجن ٿا ۽ گڏجڻ ۾ ئي زندگي ۽ بقا آهي، افسوس جو طبقاتي نظام سبب انساني زندگيءَ جي اڪثريت خواهشن جي محروميءَ جو بکُ بڻجي وڃي ٿي، درد، زندگيءَ جو اصل ذائقو آهي ۽ آئون ايمانداريءَ سان چوان ٿي ته درد ئي زندگيءَ سان ويجهي ٿيڻ جو موقعو ڏيندو آهي.“
    تنقيد کي تخليق کي بهتريءَ طرف وٺي ويندڙ عمل سڏيندڙ گلشن لغاري جو چوڻ آهي ته ” تنقيد کان سواءِ ڪا به تخليق مڪمل نه هوندي آهي،تخليق جي خامين ۽ خوبين جي ڇنڊڇاڻ ۽ نشاندهي، تعميري تنقيد آهي، تنقيد انڪري ضروري آهي ته جيئن آئينده تخليقڪار انهن خامين کي ختم ڪري ڀرپور تخليق پيش ڪن، اسان وٽ تعليم جي گھٽتائيءَ سبب ٿوري تعداد ۾ سٺا تخليقڪار پيدا ٿين ٿا، انهن کي مانُ ملي ٿو ۽ پوءِ اُهي ئي جاگيرداراڻي انائيت جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن مون کي محسوس ٿيو ته عورت ۽ مرد لاءِ معاشري ۾ الڳ الڳ معيار ۽ پيمانا آهن ته اهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون صدمو هيو، ڇو ته بابا سائين مون کي چوندو هيو ته ” تون منهنجو پٽ آهين. “
    ڳچ عرصو NGO`ss ۾ ڪم ڪندڙ، سياست، صحافت ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي، ايل ايل بي جي ڊگري رکندڙ گلشن لغاريءَ جو ادبي، سماجي ۽ سياسي وابستگيءَ بابت چوڻ آهي ته ” ادبي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن سان وابستگي رهي آهي، اڪيلو ڪم ڪرڻ کان بهتر، تنظيمي پليٽ فارم تي ڪم ڪرڻ آهي، پر اسان وٽ اهي تنظيمون شخصيتن جا پاڇا بڻجي وينديون آهن، ان ڪري اصل مقصد حاصل ٿي نه ٿا سگھن ۽ ماڻهو مايوس ٿيندا آهن. “
    لکڻ کي پهريان شوق، پوءِ عادت ۽ عادت کي مجبوري چوندڙ، پنهنجي لکڻ کان مطمئن نه رهندڙ ۽ مطمئن ٿيڻ کي Full Stop سمجهندڙ، ڪاوش مئگزين، امرتا، سوجهرو، ڪاوش اخبار، عبرت، سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ، گلشن لغاريءَ جي شاعري شفيع فقير ڳائي آهي. گلشن لغاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ” وڇڙي ويل زندگي “ 2010ع ۾ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته ٻئي ڪتاب جيترو مواد موجود اٿس، ان کان علاوه مختلف شخصيتن تي خاڪا ۽ تمام گھڻا مضمون/ڪالم لکيل اٿس جن کي پڻ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي خواهشمند آهي.

    ( هفتيوار عوامي آواز مئگزين ۾ ڇپيل 30 اپريل 20177ع )
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو